Social Icons

Friday, November 8, 2013

ڦارون جا فائدا


Picture12هن جو وڻ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي شربتي ڦاروو هي مني ميٽر کان 2 ميٽر تائين ٿيندو آهي هن جو ڦاروو پهرين کٽو پوءِ مٺو چاشني دار ٿئي ٿو انهيءَ ۾ پاڻي زياده هوندو آهي سنڌ ۾ عام ٿئي ٿو پنجاب ۽ احمد پور شرقيه ۾ به ٿئي ٿو ڦاروو شڪري هن جو وڻ توت وانگرلڳ ڀڳ اڍائي ميٽر دگھُ ٿئي ٿو هن ۾ پاڻي گھٽ هوندو آهي پهرين هي کٽ مٺوبعد ۾ مٺو ٿي وڃي ٿو هن جي کل ۽ ڦل ڪم اڇي ٿو هن جو ڦل: ڇاپرو ٻير جيڏو ٿيندو آهي جڏهن ڪچو هوندو آهي ته سفيد سبز ڪسارو ۽ پچڻ کان پوءِڪاراڻ مائل ٿي وڃي ٿوذائقو کٽ مٺو پچڻ کان پوءِ مٺو ٿي وڃي ٿو.پن توت کان به وڏا ۽ ڪنارن تي لڪيرون هونديون اٿس گل هيڊاڻ مائل ڳاڙهو هوندو آهي هي مارچ جي آخر آگسٽ تائين ڦل ڏي ٿو ڦل کان هڪ مهينو پهرين گل لڳن ٿا.صفرا جي حدت ختم ڪرڻ سان گڏ سائي ۾ کارائڻ انتهائي مفيد آهي الٽين ۽ اٻڙڪن ۾ به ڪارائتو آهي مقوي دل و معده آهي هن جي پاڙ جي کل حڪيم اجمل خان ۽ٻيا شريفي خاندان جا طبيب پيشاب جي ساڙِي ۾ سوزاڪ لاءِ استعمال ڪرا.ئيندا هئا هي اڃ ۽ صفراوي جوش کي ختم ڪري ٿو قبض هئڻ ڪري بطور نقوع ذيابيطس ۾ پيارڻ مفيد آهي.هي گرم بخارن لا3 مفيد آهي دل جي ڏڙڪي ۽ خفقان ۾ مفيد آهي هن جي پاڙ جي کل هن سوزاڪ ۽ ذيابيطس ۾ مفيد آهي ڪٽي ڇاڻي صبح وشام هڪ گرام کارائجي .هي صفراوي دست هڏڪوئي ۽ الٽي بند ڪري ٿو تپ دق ۾ به ڦاروا فائدو ڪن ٿا عورتن جي مرض ليڪوريا ۾ ٻه ڦرواا ڪارآمد آهن وڻ جي کل5تولا پاڻي ۾ پسائي صبح جو پيارڻ سان شگر ۾ فائدو ٿي وڃي ٿو هن جي پاڙ جي کل 20 گرام ڪاڙهي پيارڻ سان سنڏن جي سور ۾ فادو ٿي وڃي ٿو.

No comments :

Post a Comment