Social Icons

Thursday, November 7, 2013

گنج پڻ جي علاج ۾ نئين اڳڀرائي

Picture8   سائنسدانن موجب ليبارٽري ۾ انساني وار پيدا ڪرڻ بعد اهي گنج پڻ جي خاتمي جي هڪ قدم وڌيڪ ويجهو پهچي ويا آهن. آمريڪي ۽ برطانوي سائنسدانن گڏيل طور تي نشوز جهڙا نوان وار پيدا ڪيا آهن. کين ان سلسلي ۾ اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن طريقي سان گنج پڻ جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. هي تحقيق طبي رسالي پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۾ شائع ٿي آهي. هن وقت گنجي پڻ جي علاج لاءِ وار ڇڻڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ يا ته دوائون ڪتب آنديون وڃن ٿيون يا وري ڪياڙي وٽان وار لاهي گنج وارن حصن ۾ انهن جي پيوند ڪاري ڪئي وڃي ٿي. برطانيا جي ڊرهم يونيورسٽي ۽ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جا سائنسدان هن ڪوششن ۾ آهن ته ماڻهوءَ جي مٿي تي نوان وار ڦُٽائي سگهجن. سندن شروعاتي منصوبو هي آهي ته وارن جي پاڙن مان حاصل ڪيل مادي جي مدد سان نوان وار ڦُٽايا وڃن پر جانورن ۾ هن   تجربي جي ڪامياب جي ابتڙ انسانن ۾ وار پيدا ڪرڻ جو عمل ڏاڍو گنڀير آهي
جڏهن به انساني وارن جي پاڙن مان گهرڙا ڪڍي پيوند ڪيا وڃن ٿا ته اهي نوان وار پيدا ڪرڻ بدران گهرڙا پيدا ڪرڻ لڳن ٿا. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انساني وارن جي گهرڙن کي بال جهڙي ڊش ۾ ڦُٽائڻ کان پوءِ مٿي تي پيوند ڪيو وڃي ته ان صورت ۾ اهي ٻيهر وار آڻڻ جي صلاحيت برقرار رکي سگهن ٿا.
سائنسدانن موجب ليبارٽري ۾ انساني وار پيدا ڪرڻ بعد اهي گنج پڻ جي خاتمي جي هڪ قدم وڌيڪ ويجهو پهچي ويا آهن. آمريڪي ۽ برطانوي سائنسدانن گڏيل طور تي نشوز جهڙا نوان وار پيدا ڪيا آهن. کين ان سلسلي ۾ اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن طريقي سان گنج پڻ جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. هي تحقيق طبي رسالي پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۾ شائع ٿي آهي. هن وقت گنجي پڻ جي علاج لاءِ وار ڇڻڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ يا ته دوائون ڪتب آنديون وڃن ٿيون يا وري ڪياڙي وٽان وار لاهي گنج وارن حصن ۾ انهن جي پيوند ڪاري ڪئي وڃي ٿي. برطانيا جي ڊرهم يونيورسٽي ۽ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جا سائنسدان هن ڪوششن ۾ آهن ته ماڻهوءَ جي مٿي تي نوان وار ڦُٽائي سگهجن. سندن شروعاتي منصوبو هي آهي ته وارن جي پاڙن مان حاصل ڪيل مادي جي مدد سان نوان وار ڦُٽايا وڃن پر جانورن ۾ هن تجربي جي ڪامياب جي ابتڙ انسانن ۾ وار پيدا ڪرڻ جو عمل ڏاڍو گنڀير آهي.
جڏهن به انساني وارن جي پاڙن مان گهرڙا ڪڍي پيوند ڪيا وڃن ٿا ته اهي نوان وار پيدا ڪرڻ بدران گهرڙا پيدا ڪرڻ لڳن ٿا. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انساني وارن جي گهرڙن کي بال جهڙي ڊش ۾ ڦُٽائڻ کان پوءِ مٿي تي پيوند ڪيو وڃي ته ان صورت ۾ اهي ٻيهر وار آڻڻ جي صلاحيت برقرار رکي سگهن ٿا.

روز 3 ڪوپ چانهن پيئڻ سان ڏندن جو سور گهٽجي ٿو

 گهڻي چانهه پيئڻ جا ڪيترائي نقصان ته سامهون ايندا رهن ٿا پر هڪ نئين تحقيق موجب چانهه پي ڏندن جي سور کان بچي سگهجي ٿو. برطانيه ۾ ٿيل هڪ تحقيق موجب روز 3 ڪوپ چانهه پيئڻ سان ماڻهو جي ڏندن توڙي مهارن ۾ ماڪوڙو نه ٿو لڳي، تحقيق ۾ هي به چيو ويو آهي ته ڪهوو ڏندن ۾ وڌندڙ ويجهن ان قسم جي سڀني ڪيڙن ماڪوڙن سان وڙهڻ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿو جيڪي سور ڪن ٿا. تحقيق ۾ هي به چيو ويو آهي ته سائي چانهه به ڏندن جي لاءِ ڏاڍي فائدي واري آهي ان سان ساهن ۾ به خوشبو اچي ٿي

ڏاڪڻيون چڙهندڙ روبوٽ

جاپان ۾ انسان جي روزاني واري زندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ نت نوان ۽ جديد روبوٽ تخليق ڪيا وڃن ٿا. پر هاڻي ته هڪ اهڙو روبوٽ به تيار ڪيو ويو آهي جيڪو ڏاڪڻيون چڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن وارو هي روبوٽ هڪ آٽوميٽڪ نظام تحت نهايت ڦڙتيءَ ۽ مهارت سان ڏاڪڻ تي چڙهي به ٿو ۽ لهي به ٿو. هن روبوٽ کي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪري نمائش جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. هن جي منفرد بناوٽ ۽ سجاوٽ جي ڪري ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.

American Police & Pakistani Police

جيڪڏهن ڪو قدر ڪرڻ وارو نه ملي ته به نيڪي ڪرڻ نه ڇڏيو.
(حضرت علي رضه)
جڏهن انسان جي روش خدا جي حڪمن موجب بڻجي وڃي ته اهو دشمن کي به دوست بڻائي ڇڏيندو آهي.
(اب بيطار)

((¯°·._.• ♠♥ Like it √ Share it √ Tag it √ ♥♠•._.·°¯))

 width=

Heart Attack Signs

 هارٽ اٽيڪ جون نشانيون
ضروري ناهي ته هر ڀيري هارٽ اٽيڪ جي علامت کاٻي ٻانهن ۾ سور هجي، بلڪ ڄاڙي ۾ شديد سور به هارٽ اٽيڪ جي علامت آهي. 60 سيڪڙو ماڻهن کي ننڊ ۾ هارٽ اٽيڪ ٿيندو آهي ۽ اهڙي ريت کين ننڊ ۾ ئي اچي ويندي آهي، جڏهن ته ڄاڙي جو سور اهڙو آهي جنهن سان اگهور ننڊ وارو ماڻهو به جاڳي پوي ٿو. تنهن ڪري ان جو گهڻو خيال رکو ڇو ته جيتري اوهان کي گهڻي ڄاڻ هوندي اوترائي هارٽ اٽيڪ کان بچڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا

Cold water is dangerous during eating.

 گرم پاڻي :

Drinking water
چين ۽ جاپان جا ماڻهو ماني کائڻ دوران ٿڌي پاڻي بدران گرم پاڻي پيئندا آهن. سو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان به ٿڌو پاڻي پيئڻ بدران گرم پاڻي کي ترجيح ڏيون. هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماني کائڻ وقت ٿڌو پاڻي وڻندو آهي. پر هي اسان ڪڏهن سوچيو ئي نه هوندو ته ٿڌو پاڻي پيئڻ سان کاڌي ۾ موجود سڻڀ ڄمي وڃي ٿو. جنهن ڪري ماني هضم ڪرڻ وارو عمل سست ٿيو وڃي ۽ اهو سڻڀ جڏهن تيزابيت سان مل  اسان جي آنڊي  ۾ ڄمي وڃي ٿو ته پوءِ ڪينسر جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. تنهن ڪري ماني وقت گرم پاڻي يا سوپ پيئڻ ضروري آهي.

ڪم مڪمل ڪريو يا ننڊ

هڪ تازي سروي موجب 23 سيڪڙو آمريڪين کي اوجاڳي جي بيماري آهي جنهن سان آمريڪي معيشت کي ساليانو 63.2 بلين ڊالر جو نقصان ٿئي ٿو. تازو ئي آمريڪا جي اڪيڊمي آف سليپ ميڊيسن پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ساليانو بنياد تي هر آمريڪي شهري کي اوجاڳي جي بيماري يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري جي ڪري 11.3 ڏينهن جو نقصان ٿئي ٿو.هاورڊ ميڊيڪل اسڪول ۾ نفسياتي بيمارين جي ماهر ۽ هن سروي ۾ شامل ڊاڪٽر رونلڊ ڪيسلر جو چوڻ آهي ته ”اسين انهن نتيجن جو جائزو وٺڻ بعد اچرج ۾ پئجي ويا سين ته ننڊ نه اچڻ يا وري گهٽ آرام ڪرڻ سان عام ماڻهو جي زندگي تي ڪيترو بُرو اثر پوي ٿو. ڊاڪٽر ڪيسلر وڌيڪ چيو ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته گهٽ سمهڻ سان آمريڪي شهري ڪم ڪونه ڪندا آهن. ان جي ابتڙ آمريڪي پنهنجي ملازمت واري جاين ڏانهن ويندا آهن پر ڪم تمام گهٽ ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر ڪيسلر موجب هن سروي ۾ آمريڪا جي 7 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي شامل ڪيو ويو.اِها رپورٽ ڊاڪٽر ڪيسلر جي هن سروي جو حصو هئي جنهن جو نالو American Insomnia Study رکيو ويو آهي. اِها ريسرچ سال 2008 جي شروعات ۾ ڪئي وئي. هن سروي موجب اِها بيماري ليڊيز ورڪرز ۾ مردن کان وڌيڪ آهي. هن سروي ۾ شامل 27.1 سيڪڙو عورتن کي اوجاڳي يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري آهي جڏهن ته مردن ۾ اِها شرح 19.7 سيڪڙو هئي.ڊاڪٽر ڪيسلر موجب کيس خبر آهي ته ننڊ نه اچڻ جي ڪري آمريڪي معيشت کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. سروي موجب هن بيماري جي علاج لاءِ هر مريض ساليانو 200 ڊالر خرچ ڪري ٿو.

ڇا موبائل سان ڪينسر ٿئي ٿو

عام طور تي موبائل تي تنقيد ڪندڙن جو هي چوڻ آهي ته ان جي استعمال سان وقت ۽ پئسي جو زيان ٿئي ٿو. حادثن جو به خطرو هجي ٿو ظاهر آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو گاڏي هلائيندي ميسيج پڙهندو. ته حادثن جو خطرو ته هوندو. پر ڪجهه ماڻهو موبائل جي گهڻي استعمال کي ڪينسر جي خطري سان ڀيٽي رهيا آهن. ڪن نڪ ۽ ڳلي جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم الله ٿهيم وائس آف آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته موبائل فون ايمرجنسي جي صورتحال ۾ يا ڪا ضروري ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ مختصر دورانئي لاءِ استعمال ڪرڻي آهي گهڻو وقت ڳالهائڻ نقصانڪار هجي ٿو ڇو ته موبائل مان نڪرندڙ برقي مقناطيسي اثر انساني صحت کي نهايت نقصان ڏئي سگهن ٿا. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته فون کي ڪن تي رکي گهڻي دير تائين ڳالهائڻ سان ڪن ۽ دماغ متاثر ٿي سگهن ٿا. تنهن ڪري موبائل کي ڪن کان ڪجهه پري رکي ڳالهائڻ گهرجي. ٿي سگهي ته اسپيڪر فون يا هينڊس فري اوزارن جو استعمال ڪرڻ گهرجي. فون ملائڻ وقت يا ڪنهن جو فون کڻڻ (رسيو ڪرڻ) وقت موبائل کي خاص   طور تي ڪن کان پري رکيو وڃي ڇو ته ان وقت تمام گهڻي تابڪاري خارج ٿيندي آهي 

Police check post

Picture12

پگهر وهايو، جان بچايو

  
Picture6

 جيڪي ماڻهو چڱي ڀلي سخت ورزش ڪندا آهن ۽ پگهر وهائن ٿا اهي ورزش نه ڪرڻ وارن جي مقابلي ۾ د جي بيمارين ۽ اڌرنگي جهڙي مرض کان محفوظ رهن ٿا. انهن جي لاءِ خطرو رڳو 20 سيڪڙو هجي ٿو. جڏهن ته آرام ۽ ويٺڙ واري زندگي گذارڻ ۽ کاڌي پيتي جي معمول ۾ پرهيز نه ڪرڻ وارا ماڻهو 100 سيڪڙُ خطري ۾ هجن ٿا. جديد تحقيق انهيءَ پراڻي نظرئي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته پگهر وهڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون پري رهن ٿيون، هي نتيجا 27 هزار ماڻهن تي 6 سالن تائين اڀياس ڪرڻ بعد ڪڍيا ويا.

سائيڪل هلايو عمر وڌايو


Picture7
 هڪ تازي تحقيق دوران هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته سائيڪل هلائڻ وارن ماڻهن کي هارٽ اٽيڪ جو خطرو گهٽ هجي ٿو ۽ اهي عام ماڻهن کان سراسريطور 6 سال وڌيڪ جيئرا رهن ٿا. هن تحقيق جا نتيجا تازو ئي پڌرا ڪي ا ويا آهن.

Student going to school by dog.

Picture16

Ghost Teachers

Social Media

Social Media

Social Media Vote

تجربا ڪڏهن ختم ناهن ٿيندا، عقلمند اهو آهي جيڪو انهن مان سبق حاصل ڪندو رهي.
(حضرت علي رضه)
دنيا ۾ صرف مورخ ئي اهو شخص آهي جيڪو بار بار پوئتي مڙي ڏسندو آهي.
(شينگل)
تاريخ هميشه پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي ۽ اها ئي تاريخ جي غلطي آهي.
(سمرسٽ ماهم)
جيڪو ماڻهو پاڻ تي شڪ ڪري ٿو، اهو پاڻ سان دشمني ڪري ٿو.
(چاننگ)
آئون پنهنجي تجربن جي روشني ۾ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته آئون پنهنجي تڪليف جو پاڻ ذميوار آهيان.
(ڊيل ڪارين گي)

جيڪڏهن ڪو قدر ڪرڻ وارو نه ملي ته به نيڪي ڪرڻ نه ڇڏيو.
(حضرت علي رضه)
جڏهن انسان جي روش خدا جي حڪمن موجب بڻجي وڃي ته اهو دشمن کي به دوست بڻائي ڇڏيندو آهي.
(اب بيطار)
طاقت ذريعي محبت حاصل ڪرڻ وارا اهڙا ئي آهن جهڙا جبلن مان کير حاصل ڪرڻ وارا احمق.
(ملٽن)
مڙيئي تصور ضرورت جي وقت ڪوڙا ثابت ٿيندا آهن.
(نٽشي)
آزادي جو ٻج تيستائين انگورجي نه ٿو سگهي جيستائين ظلم جي پاڻي سان ان جي آبياري نه ٿئي.
(ابوالڪلام آزاد)
چونڊ: وقار احمد راهمون

Aaj ka Cartoon


A Pig in a house


Pig by just-for-fun2013

Mann ky moti


Mann Ky Moti Ep 21 HQ 5 by dm_521629de851ca