Social Icons

Friday, November 8, 2013

هڪ ڇِرڪائيندڙ حقيقت



مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سال 2014ع جي بيچلرز ڊگري پروگرام لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو انعقاد ڪرايو. جنهن ۾ شاگردن جي ڀيٽ ۾ شاگردياڻين جو تناسب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ هو، ان جو ڪارڻ ڇا آهي، اهو هر اهلِ علم کي معلوم آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترن ئي سالن کان اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جن يونيورسٽيءَ جي ساکَ کي به متاثر ڪيو آهي، انهن واقعن جي پيشِ نظر به شاگردياڻيون ۽ انهن جا والدين انهن کي داخلا ڏيارڻ کان لنوائين ٿا، ٻيو ته ٺهيو پر پري انٽري ٽيسٽ جي انعقاد واري ڏينهن نئين ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي آجيان ئي جڏهن گولين جي ٺڪائن سان ڪئي وڃي، ته ظاهر آهي ته ان يونيورسٽيءَ  ۾ داخلا لاءِ ڪنهن جي دل چوندي ۽ گولين جي آواز سان پري انٽري ٽيسٽ لاءِ آيل 2 شاگردياڻيون بيهوش ٿي ويون، ان مان اندازو لڳايو ته، ڪو پنهنجي نياڻيءَ کي موت جي منهن ۾ موڪلڻ پسند ڪندو؟ ان کان علاوه روز ڪيترائي اڻوڻندڙ واقعه شاگردياڻين سان پيش اچن ٿا، جنهن جو هو بهادريءَ سان مقابلو ڪن ٿيون، اگر ڪي ويچاريون برداشت نٿيون ڪري سگهن، ته پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي هليون وڃن ٿيون. ان لاءِ ضروري آهي ته، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا کي جوڳا انتظام ڪرڻا پوندا ۽ يونيورسٽيءَ جي ماحول کي پرامن ۽ سازگار بڻائڻو پوندو. مشهور چوڻي به آهي ته، مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو ۽ عورت پڙهي ته سڄو گهر پڙهيو.

No comments :

Post a Comment