Social Icons

Showing posts with label Crickter. Show all posts
Showing posts with label Crickter. Show all posts

Saturday, November 30, 2013

محترمه بينظير ڀٽو جا ڪرڪيٽ ۾ ورتل دلچسپي..........


Benazir Bhutto
                         محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي ڪرڪيٽ راند سان پڻ لڳاءُ هو. اڪثر جڏهن هوءَ 70 ڪلفٽن، بلاول هائوس يا شيرين جناح ڪالوني واري آفيس ۾ هوندي هئي ۽ انهن ڏهاڙن ۾ ڪرڪيٽ هلندڙ هوندي هئي ته ميٽنگ ڪجهه منٽن لاءِ روڪي هوءَ منور سهروردي يا ناهيد خان کان اسڪور جي باري ۾ پڇندي رهندي هئي ته فلاڻي ٽيم جو ڪيترو اسڪور ٿيو آهي؟ هڪ دفعي محترمه کي ڪراچي ايئرپورٽ ڇڏڻ وياسين، جڏهن هوءَ ڪيسن جي شنوائي اٽينڊ ڪرڻ واسطي اسلام آباد يا لاهور وڃي رهي هئي.  VIP لائونج ۾ جڏهن چانهه پي رهيا هئاسين ته اتي انهيءَ وقت پاڪ ڪرڪيٽ جو ڪئپٽن وسيم اڪرم پڻ اچي نڪتو جيڪو پڻ انهيءَ طرف وڃي رهيو هو. محترمه هن سان ڪرڪيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي رهي ۽ ايندڙ ڪرڪيٽ ٽيسٽ جي باري ۾ پڻ پڇيائين ته ايندڙ ميچ ڪنهن سان کيڏي ويندي؟ جڏهن چانهه جو بل آغا سراج دراني اداڪرڻ لڳو ته محترمه منع ڪري ڇڏي ۽ پاڻ پنهنجي پرس مان پئسا ڏيڻ لڳي پر اهي کليا نه هئا، تنهن ڪري هن آ ڏيو ۽ پوءِ اهو چانهه جو بل محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ادا ڪيو