Social Icons

Sunday, November 3, 2013

Commissioner Sukkur Visits

Sukkur news


groopic

                        

 پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري باصلاحيت ۽ تخليقي ذهن رکندڙ نوجوانن جي ڪري 
پاڪستاني آءِ ٽي انڊسٽري موبائل ايپ مارڪيٽ ۾ پنهنجو نالو ڪمايو اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستاني نوجوانن جي تيار ڪيل ايپليڪشن جي لاءِ سڄي دنيا ماندي آهي. هن ايپليڪيشن کي لاهور يونيورسٽي جي نوجوانن تيار ڪيو آهي جنهن ۾ سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپنيون وڏي دلچسپي وٺي رهيون آهن. هن ايپليڪيشن کي Groopic جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن جو باني لاهور يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ پڙهندڙ علي ريحان آهي. هنن جي پوري ٽيم آهي جن گڏجي هڪ ڪمپني جوڙي آهي. علي ريحان ٻڌايو ته هي ايپليڪيشن اصل ۾ خوبصورت ۽ يادگار لمحن کي فلمبند ڪندڙن جي هڪ پراڻي مسئلي کي ڏاڍي سولي ۽ سهنجي نموني سان حل ڪري ٿي. جڏهن ڪجهه ماڻهو ڪٿي ڊنر يا پڪنڪ ۾ ويندا آهن ۽ اتي گروپ فوٽو ڪڍرائيندا آهن ته ان گروپ فوٽو ۾ تصوير ڪڍندڙ رهجي ويندو آهي. پر اسان جي ايپليڪيشن جي مدد سان اهو ماڻهو به ان گروپ فوٽو ۾ گڏ نظر ايندو. مثال ٽي ماڻهو آهن. جن مان هڪ ٻن ڄڻن جي تصوير ڪڍندو. واپس ايندو ۽ هڪ ماڻهو جي جاءِ تي ويهندو اهو وري هن جي تصوير ڪڍندو. ان بعد اسان جي ايپ جي مدد سان ٻنهي تصويرن کي ملائي هڪ گروپ فوٽو جي شڪل ڏئي سگهجي ٿي يعني ان هڪ فوٽو ۾ ٽئي گڏ نظر ايندا

Advice for promotion

Boss Dressing

 جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان کي نوڪري ۾ جلد ترقي ملي ته گهڻو فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي، بس اوهان به پنهنجي باس وانگر هن جهڙي پوشاڪ پائڻ شروع ڪريو. برطانيا ۾ ٿيل تازي هڪ تحقيق ۾ جلد ترقي ماڻڻ جو انوکو راز سامهون آيو آهي ته آفيس ۾ اوهان باس جهڙي ڊريسنگ ڪري وڃو ته ٻين کان اڳ ۾ ترقي ماڻي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ ملازمن جو چوڻ آهي ته باس جهڙا ڪپڙا پائڻ مستقبل ۾ وڏو ڪم اچي ٿو. ايئن ڪرڻ سان باس جي توجهه جو مرڪز به بڻجي سگهي ٿو. باس جهڙي ڊريسنگ ڪندڙ ملازم هن جي گڊ بڪ ۾ شامل ٿي وڃن ٿا

Quotes in Sindhi

آئون پنهنجي تجربن جي روشني ۾ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته آئون پنهنجي تڪليف جو پاڻ ذميوار آهيان

Quote 1

تجربا ڪڏهن ختم ناهن ٿيندا، عقلمند اهو آهي جيڪو انهن مان سبق حاصل ڪندو رهي

Question and Answer Online



س: جانب! سنڌ حڪومت ٻن رپين ۾ في ايڪڙ زمين وڪڻي پئي ڇا خيال آ؟ (نديم، نذير نور خاصخيلي/سچل ڳوٺ ڪراچي)
ج: مٺا! خيال ته نيڪ آهي پر هينئر کيسي ۾ هڪ رپيو به نه آهي!
س: لياري مان عذير بلوچ گروپ ڇو ختم ڪيو ويو؟ 
ج: وري ڪو نئون سردار ساماڻو هوندو!
س: گورنر عشرت العباد دبئي ڇو ويو آهي؟ 
ج: سرڪاري ذريعا ته چون ٿا صاحب ”موڪلون ملهائڻ“ ويو آهي!
س: حڪومت سان ڳالهين جي حوالي سان طالبان سڀ کان وڌيڪ توتي ڇو اعتماد جو اظهار ڪيو ويو؟ 
ج: منهنجا ماڻهو مون تي اعتماد نه ڪندا ته ٻيو ڪنهن تي ڪندا!
س: جانب! سهڻن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪهڙي هوندي آهي؟ 
ج: مٺا! اهي مون جيان پري کان پڌرا هوندا آهن!

Mobile Mood

Picture12

Mobile Mood


Question and Answer Online.



س : هڙتال واري ڏينهن تون به بسون ساڙيندون آهين ڇا! 
ج : ها، پر صرف انهن جون جيڪي مون کان زوريءَ ڀاڙو وٺندا آهن!
س : زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي ڪهڙي آهي.
ج : مفت ۾ مليل ” واءِ فاءِ سروس“!
س : شاهه رخ خان چيو آهي ڏهن سالن کان پوءِ عورتن جي مڪمل حڪمراني هوندي؟ 
ج: اها ڳالهه هن ڏهه سال اڳ چئي هئي!
س : شادي جي سڏن (دعوتن) ماري ڇڏيو آ جان ڇڏائڻ لاءِ ڇا ڪريان؟ 
ج : اغوا ٿيڻ جو هٿرادو ڊرامو رچاءِ!
س : ” باهه“ کي جملي ۾ استعمال ڪر! 
ج : باهه پاڻ ساڙڻ جي ڪم ايندي آهي!
س : جانب! سنڌ ڪيڏانهن وڃي رهي آهي 
ج : اوهان پنهنجا پير پختا ڪريو، سنڌ هتي ئي هوندي!
س : ٽينگو ۽ وائبر تي پابندي جو توتي ڪو اثر پوندو؟ 
ج : نه آئون ” انٽرنيشنل سم“ استعمال ڪندو آهيان!

Crime in Sindh

آهستي آهستي ان ”ڏوهاري چرخي“ جي خبر سنڌ کي پئجي رهي آهي ته ڪيئن سنڌ گذريل ويهن ورهين کان به مٿي عرصي کان هڪ خاص طريقي سان ”ڏوهارين“ جي ور چڙهيل آهي. ڏوهارين جي هڪڙي خاص ٽولي آهي، جنهن سڄي انتظاميا کي پنهنجي وڪڙ ۾ چاڙهي انهن کان پنهنجي مرضيءَ جا ڪم وٺڻ شروع ڪيا آهن، جنهن ڪري عوام جي مرضيءَ جو ڪوبه ڪم نه ٿو ٿئي. عوام جا گهڻگهرا ۽ سنڌ جي ترقيءَ تي گهري نظر رکندڙ هاڻي ان خيال جا آهن ته ان ڏوهاري ٽولي جي پنهنجي مرضي، منشا ۽ خواهش ٻي آهي جڏهن ته سنڌ جي ترقي بلڪل ٻي ڳالهه آهي. اهي ڏوهاري بنا ڪنهن اعلان جي سنڌ جي ترقيءَ جي خلاف مڪمل سرگرم ۽ سرجوش آهن، جنهن ڪري سمورا انتظامي آفيسر هاڻي آهستي آهستي سنڌ، ان جي ترقي ۽ خوشحالي کان پرڀرو ٿي انهن خواهشن جا اسير بڻجندا پيا وڃن. هاڻي ان ڏوهارين جي ٽولي سان گڏ خواهشن جا اسير آفيسر پڻ انهن جا ساٿاري بڻجي ”سنڌ“ کي ايئن ڊيل ڪري رهيا آهن، ڄڻ ته ان صوبي جي ترقيءَ جو نه مٿن ڪو فرض رکيل آهي ۽ نه وري هو اهڙي ڪنهن فرض جي ادائگيءَ لاءِ ذميدار به آهن.
سنڌ جي اهڙي فضا ۾، خواهشن جي اسير اهڙن آفيسرن ۽ ڏوهن جي عاشق انتظاميا جي باوجود ڪجهه ٿورڙا ايماندار، سنڌ دوست، محنتي، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ ارپيندڙ انسان، ڪامورا، ڪجهه ويچارا وزير ۽ لاتعلق بڻايل سيڪريٽري پڻ موجود آهن. انهن کي طاقت به عوام بخشي سگهي ٿو. انهن کي سوڀارو به عوام ڪري سگهي ٿو. انهن جي سنڌ سان محبت جا داستان جهرجهنگ ۾ ڦهلائڻ جا ڪم به عوام ئي ڪري سگهي ٿو. پر ڪڏهن؟ ۽ ڪيئن؟ اهي ٻه سوال اسان سڀني سان پڻ چُهٽيل آهن. انهن مان هاڻي جان ڇڏائڻ جي گهرج آهي.

About New districts in Sindh.

¨ بظاهر اها ڪا وڏي ڳالهه به ناهي. ننڍا ڳوٺ وڏا شهر ٿيندا آهن ۽ وڏا شهر تعلقن جي ڏاڪي تي اچي ضلعا بڻجي ويندا آهن، پر سنڌ ۾ هاڻي ڪنهن به قسم جي ڪا جاگرافيائي تبديلي ٿئي ٿي ته سنڌي ماڻهن جو هانو هٿن ۾ اچي وڃي ٿو.
¨ ماڻهو ته پنهنجن شهرن کي تعلقا ۽ ضلعا ٺهندي ڏسڻ چاهيندا آهن، پر سنڌي ماڻهن ۾ الٽو خوف ۽ خدشن جو طوفان برپا ٿي ويو آهي.
¨ ٻيو ته سنڌين کي اسٽيبلشمنٽ مان چڱائي جي اُميد ناهي رهي ۽ نه ئي اسٽيبلشمنٽ اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ ۽ سنڌين جون دليون کٽڻ يا اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ ڪڏهن ڪا مثبت اڳڀرائي ڪئي آهي.
¨ پارٽين کي ووٽ برابر عوام ڏيندو آهي پر عام تاثر اهو آهي ته اقتدار کانپوءِ حڪمران پارٽيون عوام بدران اسٽيبلشمنٽ جي پاليسين تحت ڪم ڪنديون آهن ۽ عوام سان ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واري ڪار ٿيندي آهي.
¨ ان ڪري عام ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته نون ضلعن ۽ ذوالفقار آباد جهڙا نوان شهر ٺاهڻ بدران پهريون پراڻن ضلعن ۽ شهرن تي ڪم ٿيڻ گهرجي، جن کي ورهين کان هٿ ئي ناهي لڳو.
¨ سنڌ جي جاگرافي سان تاريخي طور تي ايڏيون ته ويساهه گهاتيون ٿيون آهن، ايڏيون ته سسائي ننڍيون ڪيون ويون آهن، جو هاڻي ڪنهن به قسم جي هٿچراند کي سنڌي ماڻهو سنڌ جي وحدت تي وار سمجهن ٿا.
¨ سو پ پ حڪومت جيئن ته سنڌي جي جاگرافي ۾ هٿ وڌو آهي، قديم ضلعن کي ٽوڙڻ لڳي آهي ۽ ڌڙا ڌڙا نون ضلعن ڏانهن وڃي رهي آهي ته سنڌي ماڻهن جي اندر ۾ خوف جي سيسراٽي پڻ هلچل مچائي ڏني آهي.
¨ هاڻي پ پ حُڪومت جيڪڏهن ڪنهن هڪ ضلعي کي توڙي ٻه اڌ ڪري ٿي، نوان ضلعا ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته سنڌي عوام خوف ۾ وٺجي وڃي ٿو ته سنڌ کي ٽوڙڻ جا ته ڪي هي اپاءَ ناهن؟

Cartoon

Admissions in colleges

About Facebook

 انٽرنيٽ تي هونئن ته گهڻو ڪجهه آهي، اصل هڪ وڏو جهان آهي، پر هتي هڪ فيس بوڪ به آهي، جنهن وسيلي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن. ان نسبت سان اهو چوڻ بهتر ٿيندو، ته فيس بوڪ سکيا جو ڪم ڪندڙ هڪ عالمي اوطاق آهي، جنهن مان سکڻ گهرجي، پرائڻ گهرجي، ترقي ڏانهن، سڌاري ۽ واڌاري ڏانهن قدم کڻڻ گهرجي، پر افسوس سان مڃڻو ٿو پوي، ته پاڻ وٽ فيس بوڪ جو ڪو بهتر استعمال نه ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري ڏسڻا وائسڻا به ان مان بيزاري جو اظهار ڪندا رهيا آهن