Social Icons

Monday, November 4, 2013

New Islamic year will be starts from Wednesday

First Moharram will be on wednesday 6th Nov: 2013 and Aashura will be on 15th Nov: 2013

A home where twins were born.

هڪ ئي گهر ۾ 24 ڪلاڪن دوران 2 ٻارن جي جنم
 سميت 5 پاليل جانورن به ڦر ڏنا
حيدرآباد (رپورٽ: سکر لاشاري) حيدرآباد جي ايئرپورٽ واري علائقي ۾ رهندڙ شبير احمد ملڪ تي قدرت مهربان، 24 ڪلاڪن ۾ ٻارن ۽ جانورن جي جنم ٿيڻ ڪري ماڻهو حيران، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب حيدرآباد ايئرپورٽ واري علائقي ۾ موجود لال ڪوارٽر ۾ ناليواري نعت خوان ۽ ائيرپورٽ ملازم شبير احمد ملڪ جي گهر ۾ 2 مهينا اڳ اهڙو ڪرشمو ٿيو، ورتل ڄاڻ موجب سڀ کان اڳ ٻن ٻڪرين ڦر ڏنا، جنهن جي هڪ ڪلاڪ کانپوءِ گڏهه کودڙي کي جنم ڏنو، ان جي 4 کان 5 ڪلاڪن بعد مينهن جو ويم ٿيو ۽ ڪتي 9 گلر ڏنا ۽ انهي رات جو شبير احمد ملڪ جي ٻن ننهن ٻن پٽڙن کي جنم ڏنو، اهڙي طرح 24 ڪلاڪن اندر انساني زندگين ۽ جانورن جي جنم ٿيڻ ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ڄاڻايل ڄاڻ ملڻ تي شبير احمد جا پاڙي وارا ۽ حيدرآباد جي مختلف علائقن مان سندس دوست پهتا، جن کيس مبارڪ ڏني ۽ حيران ڪندڙ واقعي جا تفصيل ورتا، شبير احمد وٽ سندس دوستن جي اچڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، ڪالهه جي يو آءِ اڳواڻ اعظم جهانگيري پهچي خوشي مان مٺائي کاڌي، ان سلسلي ۾ شبير احمد ڪاوش سان ڳالهائيندي چيو ته 24 ڪلاڪن اندر انساني زندگين ۽ جانورن جي جنم ٿيڻ جو اندازو ئي ڪو نه هو، قدرت واري جي مرضي هئي، جنهن اسان کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، شبير احمد ملڪ اهو به ٻڌايو ته انهي 24 ڪلاڪن ۾ آنن تي ويٺل سندس ڪڪڙ جا چوزا به پيدا ٿيا هئا.

Don't use Mosquito Coil.

Usage of Mosquito Coil can harm you because its 100 times dangerous than a cigarette
~~~~~DO NOT USE MOSQUITO COILS.....VERY DANGEROUS~~~~~

“Mathematics is the queen of all the sciences”

ٻارن کي حسابن ۾ ماهر بڻائڻ لاءِ توجهه ڏيڻ گهرجي
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڏاهي يا دانشور جو چيل هڪ عام فهم گفتو يا جملو دماغ جا ست طبق روشن ڪرڻ سان گڏوگڏ ماضيءَ ۾ علم سان رَوا رکيل غير ذميواريءَ واري رويي تي افسوس ڪرڻ لاءِ پڻ اُتساهيندو آهي. اهڙو ئي هڪ جملو ٻارن جي ڪتاب Elements of Statistics ۾ پڻ نظر آيو، جنهن ياد ڏياريو ته، 70 واري ڏهاڪي جا اسڪول ماستر به ساڳئي نموني حسابن جو مضمون پڙهائڻ مهل اها ئي ڳالهه چوندا هئا پر تڏهن شايد مئٿيميٽڪس کي ئي سڀ کان وڏو ڏکيو مضمون سمجهڻ سبب اهڙي نصيحت تي توجهه نه ڏئي سگهاسين، بهرحال اڄ جي شاگردن کي رياضيءَ جي مضمون ۾ دل لڳائڻ لاءِ ان ڳالهه کي دل سان تسليم ڪرڻ گهرجي ته، “Mathematics is the queen of all the sciences” يعني ”رياضي سمورين سائنسن جي راڻي آهي.“ مئٿيميٽڪس جي مضمون کان پري رهندڙ يا دلچسپي نه رکندڙ شاگردن کي ياد رکڻ گهرجي ته، اهي جيڪڏهن ان مضمون کان پاڻ بچائڻ جي رَوش تَرڪ نه ڪندا، ته سندن سائنسي کوجنا، واپار ۽ ٻين اهم مضمونن ۾ مهارت ٻُڙيءَ برابر رهندي ۽ نتيجي ۾ اڳتي هلي هو حڪمرانيءَ جي منصب لاءِ اهليت وڃائي ڇڏيندا، حڪمرانيءَ مان مراد صدر يا وزير اعظم ٿيڻ نه آهي، ڇو ته اهم منصب ته جمهوري نظام اندر وڌ ۾ وڌ ووٽ حاصل ڪري ڪو اڻپڙهيو به حاصل ڪري ٿو، جيڪو ٻين جي لکيل تقرير پڙهي وقت کي منهن ڏئي سگهي ٿو، هتي حڪمرانيءَ جو مقصد اقتصاديات جي ميدان ۾ حُڪمراني، سائنسي کوجنا جي ميدان ۾ حڪمراني يعني سموري دنيا جي دل ۽ دماغ تي حڪمراني هلائڻ لاءِ گهربل صلاحيت حاصل ڪرڻ لاءِ مئٿيميٽڪس جي مضمون ۾ مهارت حاصل ڪرڻ آهي. آئون سنڌ جي اُستادن، شاگردن، والدين ۽ علم دوست حلقن کي گذارش ڪريان ٿو ته، ٻارن کي حسابن ۾ ماهر بڻائڻ لاءِ توجهه ڏيڻ گهرجي، جيئن اڳتي هلي سنڌ جا ماڻهو هوائي ۽ سامونڊي رستن سميت خشڪيءَ جي ذريعن سان ٿيندڙ واپار جا به مالڪ بڻجن ۽ دنيا ۾ ٿيندڙ سائنسي کوجنا ۽ ايجادن ۾ پڻ پنهنجو پاڻ مڃائي مقام حاصل ڪري سگهن.

Dustbin with Remote Control

A Pig in a house


Pig by just-for-fun2013

Sajjan Sain Kandyaro

Sindh Univeristy entry test

Sindh University Admission Entrance Test 10000 students were present in the entrance test!

Performance of students in test of MUET

Sindh Assembly or shadee Hall