Social Icons

Friday, November 8, 2013

سماجي ويب سائيٽس ذميواري سان استعمال ڪريو



Picture9                         پاڪستاني معاشري ۾ سوشل ميڊيا جو رجحان تيزيءَ سان وڌندو وڃي پيو. پر اهڙي تيزيءَ سان ان جي درست استعمال بابت آگاهي نه ٿي ڏني وڃي. پاڪستان ۾ اٽڪل 3 ڪروڙ شهرين کي انٽرنيٽ جي سهوليت ميسر آهي. جن مان هڪ ڪروڙ شهري فيس بڪ جڏهن ته لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ٽوئٽر استعمال ڪن ٿا پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران اهڙا ڪجهه اهڙا وقعا به سامهون آيا آهن جن ۾ فيس بڪ تي جعلي اڪائونٽ ٺاهي ماڻهن کي ڌوڪو ڏنو ويو. اهڙي ريت اي ميل يا سوشل ميڊيا اڪائونٽ هيڪ ڪري ماڻهن جي ذاتي معلومات به ورتي وئي. ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي ۾ فيس بڪ ذريعي هڪ نينگر کي اغوا ڪيو ويو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سوشل ميڊيا ذريعي ڪيترا سنگين ڏوهه ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جي ماهر حماد صديقي جو چوڻ آهي ته والدين جي رهنمائي ۽ ٻارن جي زندگي ۾ انهن جي دلچسپي سان ڪيترن ئي امڪاني خطرن کان بچي سگهجي ٿو. هو هي به سمجهي ٿو ته سوشل ميڊيا ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان معلومات کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. ڇو ته اسڪولن ۾ به هاڻي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جا مضمون پڙهايا وڃن ٿا. سچ ڊاٽ ٽي وي جي ايڊيٽر شهنيلا سڪندر سوشل ميڊيا جي امڪاني خطرن بابت چوڳي ٿي. هن وقت سوشل ميڊيا تي ڪيترائي جعلي اڪائونٽ موجود آهن. نوجوانن کي گهرجي ته جڏهن به ڪو کين دوست بڻائڻ جي درخواست موڪلي ته ان کي تصديق ڪرڻ کان پهريان ڪڏهن به قبول نه ڪن. هن چيو جڏهن اسان ذاتي زندگي ۾ ڪنهن تي اعتبار نه ٿا ڪريون ته پوءِ سوشل ميڊيا تي ڇو ٿا جذباتي ٿي وڃون. هن چيو ٻارن کي سوشل ميڊيا جي ڪري سيڪيورٽي ۽ نقصانن کان آگاهه ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ماجد صديقي سوشل ميڊيا جي هڪ سرگرم صارف جو چوڻ هو ته سافٽ ويئر ذريعي انٽرنيٽ تي والدين کي پنهنجي ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکڻ گهرجي. فيس بڪ جي هڪ صارف ثمينه صديقي چوي ٿي ته معاشري ۾ سمارٽ فون جو رکڻ دولت ۽ اعليٰ رتبو رکڻ جي علامت بڻجي چڪو آهي. پرنا بالغ ٻارن کي سمارٽ فون ڏيڻ سان انهن جي سرگرمين تي نظر رکڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. هن چيو سوشل ميڊيا تي پنهنجي گهر جي ايڊريس، موبائل نمبر ۽ ذاتي تصويرون هرگز نه ڏيڻ گهرجن. اهو به نه ٻڌايو ته اڄ ڪلهه اوهان ڇا پيا ڪريو ۽ ڪٿي آهيو؟

No comments :

Post a Comment