Social Icons

Friday, November 8, 2013

اهو واقعو جنهن ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست جو ”عوامي“ رخ متعين ڪري ڇڏيو


Z A Bhutto                         ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان آيو ته هن ڪٽپر صاحب جو شڪريو ادا ڪندي منجهند جي ماني تي دعوت ڏني. اهڙي طرح سندن دوستي جو سلسلو شروع ٿيو. پنهنجي دوستن سان آئند جي لائحه عمل بابت مشورو ڪرڻ لاءِ هڪ دفعي سکر خيرپور وڃي رهيا هيا، ڪٽپر صاحب گاڏي هلائي رهيو هيو، رائيس ڪئنال جي ڪناري نصرت بند رڳو ريلوي ڦاٽڪ بند هئڻ ڪري ڪجهه وقت لاءِ گاڏي بيهاري انتظار ڪرڻ لڳا. رائيس ڪئنال جي هڪ پاسي هيٺ ڪجهه ٻُڙا ۽ ڍنگر هيا ۽ انهن ڍنگرن تي ڪپڙا پيا هيا جڏهن ته ٻوڙن پٺيان ڪجهه اگهاڙيون عورتون ننگي جسم سان ويٺيون هيون ڀٽو صاحب جي انهن تي نظر پئي هن انهن جسم اگهاڙين ڍنگرن ۾ لڪل عورتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي، ڪٽپر صاحب هڪدم هڪ مال چاريندڙ ڌنار ڇوڪري کي سڏ ڪري پڇيو جنهن ٻڌايو ته هي ويچارا غريب ماڻهو آهن جيڪي مهيني ۾ هڪ اڌ ڀيرو هتي اچي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي وهنجي ويندا آهن وٽن ٻيو وڳو پائڻ لاءِ ڪونهي تنهن ڪري هي ڪپڙا سُڪائي پوءِ اهي پائي گهر ويندا. ايتري ۾ ڦاٽڪ کليو ۽ ڪٽپر صاحب گاڏي اسٽارٽ ڪندي ڀٽو صاحب ڏانهن ڏٺو، ڪٽپر صاحب حيران ٿي ويو ته ڌنار ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي ڀٽو صاحب جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. ڪٽپر صاحب هڪدم گاڏي روڪي ڇڏي، جڏهن ڀٽو صاحب ڪجهه وقت لاءِ ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي دل جو ٻوجهه هلڪو ڪيو تڏهن لڙڪ اگهندي ٿڌو ساهه کڻندي چيائين ”ڪٽپر پهريان منهنجي سياست جو رستو مختلف هيو پر هاڻي منهنجي سياست جو مقصد اهي مسڪين ماروئڙا ۽ انگ اگهاڙا غريب هوندا.“ انهيءَ واقعي ڀٽي صاحب جي ذهن ۽ سوچن کي جهنجهوڙي ڇڏيو، سنڌ جي ماروئڙن جي اهڙي مسڪين حالي ڏسي هميشه لاءِ انهن جو آواز بڻجي اڀريو پنهنجي جيون جو محبوب انهن انگ اگهاڙن ڏتڙيل انسانن کي بڻايائين. (ستار ڀٽي: ڪتاب: ”لاڙڪاڻو، ليڊرن جي ڌرتي“ تان ورتل)

No comments :

Post a Comment