Social Icons

Showing posts with label Educational. Show all posts
Showing posts with label Educational. Show all posts

Sunday, November 24, 2013

EDUCATION OF SINDH...

سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي:نثار کهڙو
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ)  ميرپورخاص ۾ هڪ پرائيويٽ ڪاليج پاران بي بي اي ۽ ايم بي اي جون ڊگريون ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري صوبائي وزير نثار کهڙو چيو ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان 2080 جايون ڀرڻ لاءِ درخواستون گهرايون ويون ويون، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 12 هزار اميدوارن حصو ورتو، پر پاس صرف 2 سيڪڙو ٿي سگهيا. هن وڌيڪ چيو ته ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو پاس ٿيلن مان به صرف لاهور شهر جا 95 اميدوار هئا، جڏهن ته سڄي سنڌ مان رڳو 20 اميدوار پاس ٿي سگهيا. نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته هتي جڏهن ڊگريون ورهايون پيون وڃن ته ان جي به خوشي آهي پر دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان کي ڊگرين کان اڳيان وڌڻو پوندو. هن ڊگري هولڊر اميدوارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڊگريون ته ورتيون آهن پر اڳيان هلي سول سروس جي امتحانن ۾ مقابلا نه ماريا ته اهڙين ڊگرين جو ڪهڙو فائدو. نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ سنڌ اندر سرڪاري ۽ پرائيويٽ 15 کان 16 يونيورسٽيون هيون پر هاڻ 50 جي لڳ ڀڳ يونيورسٽيون آهن ۽ انهن يونيورسٽين کي دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ معياري تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو، اسان کي نتيجا ڏيڻا پوندا. تقريب ۾ ايم پي اي خيرالنساءِ مغل، ايم پي اي ظفر ڪمالي، سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن سيد ذاڪر علي شاهه، سنڌ يونيورسٽي جي وي سي نذير مغل، يونيورسٽي ڪئمپس ميرپورخاص جي پرو وائيس چانسلر امداد علي اسماعيلي، رئيس احمد خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

EDUCATION OF SINDH....

Tuesday, November 19, 2013

بهتر ۽ مفت تعليم جي حصول وارو سوال

بهتر ۽ مفت تعليم جي حصول وارو سوال
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شق نه آهي ته، اسان جي ملڪ ۾ جيڪي مٿئين طبقي جا ماڻهو آهن، انهن جا ٻار پرڏيهه جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ پوءِ پڙهائي مڪمل ڪرڻ بعد اچي پنهنجي ملڪ ۾ يا ته سياست ۾ داخل ٿي وزير ۽ مشير بڻجي وڃن ٿا يا وري تمام اهم عهدن تي فائز ٿين ٿا. ان بعد وري ٻيو طبقو آهي، جن جا ٻار ڪيڊٽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ پوءِ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جهڙا امتحان پاس ڪري ڪميشن آفيسر بڻجي وڃن ٿا يا وري انجنيئر  ۽ ڊاڪٽر ٿي وڃن ٿا ۽ بهتر زندگي گذارين ٿا،  ٽيون طبقو وري اهو آهي، جن جا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ ماهر استادن جون ڳريون فيون ڀري، ٽيوشن وٺي، انٽري ٽيسٽ پاس ڪري ۽ پوءِ انجنيئرنگ ۽ ڊاڪٽري پاس ڪري وڏا وڏا پروفيسر، ڊاڪٽر  ۽ انجنيئر ٿي وڃن ٿا، چوٿين طبقي ۾ وري اهي غريب ماڻهو شامل آهن، جن کي پنهنجو پيٽ پالڻ جي به سگهه ڪانه آهي ۽ وري ايڏي سُجاڳي به ڪونه اٿن، ڄڻ ته غريبي سندن مقدر بڻجي چڪي هجي. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو پيٽ به نٿا پالي سگهن، اهي ٻارن کي ڪيئن پڙهائيندا؟! ترقي يافته ملڪن ۾ حڪومت جي پهرين ترجيح تعليم هوندي آهي پر اسان وٽ صورتحال ابتڙ آهي. جيڪڏهن اسان کي تعليم کي عام ڪرڻو آهي ته، سڀ کان پهرين تعليمي نظام کي بهتر ڪري ”تعليم سڀني لاءِ“ واري اصول کي اپنائڻو پوندو. حڪومت کي فرضي بيانن کان هٽي ڪري، ان ڏس ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

Tuesday, November 12, 2013

سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ نامناسب لفظ

انگريزي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا آهن، جيئن ڄڻ ته اصلي سنڌي ٻوليءَ جا هجن، مثال طور، ”اسٽان“، ”ماستر“، ”ٽيپ“، ”ماچيس“ ۽ ”بڪسو“. اهي انگريزي ٻوليءَ جا لفظ (stance, Master, tape, match, box آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي مٿئين شڪل وٺي ويا آهن پر انهن کي سولي سنڌيءَ ۾ ”اَڏو“، ”اُستاد“، ”واڄو“، ”تِيلي دٻو“ ۽ ”دٻو“ سڏيو ويندو آهي. باقي رهي ڳالهه عام شين جي نالن جي، جنهن تي ئي اصل بحث هلي رهيو آهي، اهي لفظ انگريزي ٻوليءَ جا ئي آهن. مثال طور، Bus, Motor cycle, Car, T.V, Telephone وغيره...اهڙن لفظن کي دنيا جي ترقي يافته ٻولين ۾ به انهن ئي نالن سان سڏيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته، سنڌي ٻوليءَ تي عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جو اثر هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي پر پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي لکڻيءَ تي ڪو به اثر نه پيو     آهي

Monday, November 11, 2013

ڇا توهان کي خبر آهي ته… – ڪروڙ پتي استاد


Picture11                         ڪم ڪي هون Kim ki-Hoon هڪ سائوٿ ڪورين استاد آهي،جيڪو هر سال چار ملين آمريڪي ڊالر سائوٿ ڪوريا ۾ ڪمائي ٿو،جتي هن کي راڪ اسٽار استاد جي لقب سان سڃاتو وڃي ٿو.استاد جي لاءِ لفظن جي اهڙي امتزاج وارو خطاب دنيا ۾ ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي.مسٽر ڪم 20 سالن کان وٺي ملڪ جي ”اسڪول وقت کان پوءِ هلندڙ اڪيڊميز“ جن کي ”هيگونس“ چئبو آهي،۾ پڙهائي رهيو آهي.

Friday, November 8, 2013

سنڌ جي تعليمي نظام کي ڪاپي ڪلچر جو ڏنل ”سلو پوائزن“


”بس عادت ٿي وئي آهي“، ”ڪاپيءَ کانسواءِ پاس نٿو ٿي سگهجي“، ”ڪاپيءَ کانسواءِ سٺيون مارڪون نه ملنديون آهن“ ”ريگيولر ڪلاس ئي اٽينڊ نه ڪيا آهن، تڏهن ته ڪاپيءَ جي ضرورت محسوس ٿي آهي“، آسانيءَ سان گائيڊ ۽ 5 سالن جا حل ٿيل پيپر ملي ٿا وڃن، امتحان آرام سان ٿيو وڃي، ڪتاب پڙهي ڇا ڪريون؟.....اها راءِ امتحان ڏيندڙ شاگردن جي آهي. اڄڪلهه تعليم جي تباهي جا گهڻا ڪارڻ ٻڌايا ويندا آهن پر ڏٺو وڃي ته، ظاهر ۾ ڪارڻ الڳ نظر ايندا آهن پر پس پرده خطرناڪ ڪارڻ ٻيا آهن، جن اسان جي تعليمي عمل کي اسرڻ ئي نه ڏنو آهي. ڪڏهن استاد، شاگرد ۽ مائٽ جي ٽڪنڊي کي ڏوهاري قرار ڏنو وڃي ٿو، ته ڪڏهن وري ان ٽڪنڊي کي چوڪنڊي ۾ تبديل ڪري ان ۾ تعليم کاتي کي به شامل ڪيو ويندو آهي. تعليمي عمل جي ڪاميابيءَ جو دارو مدار امتحاني عمل جي ڪاميابيءَ سان لاڳاپيل هجي ٿو. جيئن ئي امتحانن جي موسم شروع ٿيندي آهي ته، ان سان گڏ ڪاپي ڪرڻ جون شڪايتون به زور وٺڻ لڳنديون آهن، ڪاپي ڪرڻ هڪ مڪمل نظام جيان امتحاني عمل ۾ رائج ٿي چڪو آهي. ايترو اسان جو تعليمي عمل منظم نه آهي جيترو هي ڪاپي ڪرڻ جو نظام منظم هجي ٿو، پرائمري کان وٺي سيڪنڊري تائين ۽ سيڪنڊري کان هائير سيڪنڊري تائين، امتحاني طريقيڪار ۾ سالن کان ڪابه تبديلي نه آئي آهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري سطح تي پڙهايو ويندڙ نصاب نه اڄ علم جي جديد دور جي مطابق معلومات ڏيندڙ آهي ۽ نه وري امتحاني عمل ۾ شاگرد ڪا دلچسپي وٺن ٿا. امتحاني طريقيڪار اهڙو آهي، جو اهو صرف يادداشت جو امتحان ٿو ثابت ٿئي. شاگردن جي ذهني صلاحيت ۽ قابليت جي پرک نه ٿي ٿئي، سالياني امتحان ۾ نه استادن جي دلچسپي هجي ٿي، نه وري شاگردن جي. اهو عمل صرف ڪلاس جي تبديليءَ تائين محدود ٿي چڪو آهي.