Social Icons

Showing posts with label Islamic. Show all posts
Showing posts with label Islamic. Show all posts

Saturday, November 23, 2013

مڪه مڪرمه: ڪعبت الله شريف کي غسل ڏنو ويو، شاهي خاندان ۽ مسلم ملڪن جي اهم شخصيتن جي شرڪت

مڪه مڪرمه: ڪعبت الله شريف کي غسل ڏنو ويو، شاهي خاندان ۽ مسلم ملڪن جي اهم شخصيتن جي شرڪت

مڪه مڪرمه (م ڊ) نئين هجري سال جي استقبال جي سلسلي ۾ مڪه مڪرمه ۾ ڪعبته الله  جي غسل جي تقريب ٿي جنهن ۾ شاهي خاندن کانسواءِ مسلم ملڪن جي اهم  شخصيتن شرڪت ڪئي، خادم الحرمين الشريفين شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي نيابت ڪندي مڪه مڪرمه جي گورنر شهزاده خالد الفيصل ڪعبته الله کي آب زم زم ۽ عرق گلاب سان غسل ڏنو، تقريب ۾ حرمين الشريفين انتظاميه جي سربراهه شيخ عبدالرحمان ۽ ٻين مسلم ملڪن جي سفارتي شخصيتن کانسواءِ شاهي خاندان جي فردن ۽ بزرگن شرڪت ڪئي، پاڪستان جي نمائندگي سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير نعيم خان ڪئي جڏهن مذهبي معاملن واري وزير محمد يوسف به تقريب ۾ شرڪت ڪئي، سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي مذهبي معاملن واري وزير چيو ته خانه ڪعبه کي غسل ڏيڻ جي تقريب سال ۾ ٻه ڀيرا ٿيندي آهي، هڪ دفعو 1 شعبان ۽ ٻيو دفعو 15 محرم الحرام تي، تقريب ۾ شرڪت اسان لاءِ وڏي سعادت جي ڳالهه آهي، الله تعاليٰ جي حضور دعا آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ پاڪستان ترقي ڪري.