Social Icons

Showing posts with label KAM JEE GALEH. Show all posts
Showing posts with label KAM JEE GALEH. Show all posts

Tuesday, November 26, 2013

...........سک جي تلاش

  سنسار ۾ هر ڪنهن انسان کي سک جي تلاش رهندي آهي. پر سچو سک ڪڏهن به ڪنهن کي به نه ملندو آهي، ڇاڪاڻ جو هر ڪنهن انسان جي سک جو دائرو به عمر انوسار بدلجندو رهندو آهي. ٻار جڏهن ننڍڙو هوندو آهي ته هن کي ماءُ جي گود ۾ سک ملندو آهي. ٿورو وڏڙو ٿيندو آهي ته رنگبرنگي رانديڪا ڏسي خوش ٿيندو آهي ۽ ماءُ جي گود مان به لهي رانديڪن سان وڌيڪ خوش رهندو آهي. ٿورو ٻار وڏو ٿيندو ته اسڪول ويندو ته پوءِ رانديڪن مان به مزو نه ايندس. لکڻ پڙهڻ، اسڪول جي ٻارن سان راند روند ڪرڻ ۾ وڌيڪ خوش رهندو آهي. اهڙيءَ طرح انسان ٻالپڻ کان ٻڍاپي تائين پيو سک جي تلاش ڪندو رهندو. انسان نه هميشه سکن جي سيج تي سمهيل رهندو ۽ نه دکن جي درياهه ۾ غوطا کائيندو. ڪا به حالت هميشه ساڳي نه رهندي، نه دک رهندو ۽ نه سک رهندو.“ سنساري سک ته کڻ ڀنگر آهن ٽاڪئين شيشي وانگر آهن. دک يا ڪشٽ جي ٿوري ئي ڇهاءُ سان پرزا پرزا ٿي ويندا. لمحي ۾ لکاپتي ڪکاپتي ٿي سگهن ٿا. دولت اچڻي وڃڻي، مٿس ڪهڙو بقاءُ، سچو سکي اهو آهي جو پنهنجي سائينءَ ۾ وشواس رکي ته جيڪي به مالڪ ڪري رهيو آهي ان ۾ منهنجي ڀلائي آهي. سنسار ۾ هر ڪنهن انسان کي پنهنجي نصيب انوسار ئي ملندو ڀلي ڪيترا به حيلا هلائي، ڪوشش ڪري پر نصيب کان سواءِ ۽ وقت کان اڳ ۾ ڪڇ ڀي نه ملندس. ڏک سک هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن ڪنهن شيءَ يا ڪنهن ڳالهه ۾ سک نظر ايندو آهي پر ڏک به ان ۾ سمايل هوندو آهي. گلاب جو گل ٽاريءَ مان پٽيندا  آهيون ته ڪنڊو به ضرور لڳندو پر اسان کي گل جي خوشبوءِ سنگهڻ سبب ڪنڊي جو درد ايترو نه ستائيندو آهي. انسان کي هن جنم ۾ اڳئين جنم جي ڪيل ڪرمن جو ڦل به ملي ٿو. ڀوڳنائون اچن ته سمجهجهي جيئن کنيل قرض ڪجهه لاهبو آهي ته آٿت ايندو آهي، تنهن ڪري گهڻو دکي نه ٿجي ۽ همٿ نه هارجي. مالڪ ۾ اٽوٽ وشواس رکجي. هميشه دعا ڪجي هي مالڪ مون کي شڪتي ڏي ته، تنهنجيءَ رضا تي راضي رهان. سکن ۾ توکي ياد ڪريان ۽ دک ۾ ڪريان شڪرانا.
جيڪي ٿئي پيو سو مالڪ جي مرضيءَ انوسار ٿئي ٿو. سائينءَ جي اڇا کان سواءِ وڻ جو هڪ پتو به نٿو چري سگهي ته انسان کي ڪهڙي طاقت آهي جو هن جي مرضيءَ جي آڏو اچي سگهي. ” هلائين ته هلان، بهارين ته بس، واڳ ڌڻي تنهنجي ويس.“
اسين جهڙيءَ حالت ۾ آهيون ۽ ۾ مالڪ ئي اسان کي رکيو آهي. انڪري پوري ريت سندس ئي ڀر وٺون نه ته اسان جي رهنمائي به هو پاڻ ڪندو. هلي دکن سهڻ ۽ ڀوڳڻ لاءِ همٿ به پاڻيهي ڏيندو. شانت ۽ بردبار ٿي رهڻ ۾ خدائي مدد ملي ٿي ”ڏيندو ته مٿان پر ڪنهن جي هٿان.“ ماڻهوءَ کي اهو عقيدو هئڻ گهرجي ڇا جي خوشي يا ڳڻتي. پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو نه سمجهڻ گهرجي. نه همٿ هارجي. رات جي پٺيان صبح ضرور ايندو. دکن پٺيان سک ضرور ايندا. ڪا به حالت هيمشه هڪ جهڙي نه رهندي نه ڪر شڪايت نه ڪر پڪار، سدائين شڪر ۾ گذار. ماندي ٿيءُ نه مارئي تنهنجو به الله آهي. سون ورهين جا دکڙا، تنهنجا لحظي منجهه لاهي.

Sunday, November 17, 2013

MUST READ.......

قصو هن ريت آهي ته، هڪ ايراني سنگ تراش پنهنجي محبوب جو سفيد سنگ مرمر مان مجسمو ٺاهيو. پر پوءِ هن کي احساس ٿيو ته محبوب منهنجي من جون ڳالهيون ٻڌندو آهي ۽ موٽ ۾ پاڻ مون سان سور اوريندو آهي. ٻاهن جا هار پائيندو آهي. پر هن ۾ ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. ان ڪري ان جو نالو ئي رکيائين صنم يعنيٰ ته انسان جي سڀني احساسن کان قاصر. پوءِ ته اهو بت ڏاڍو مشهور ٿيو ديس ديس ان جو قصو پهتو، ايران جي شاعرن بيوفا محبوب کي ان سان تشبيهه ڏني ۽ پوءِ سنڌ هند ۾ به شاعرن ان کي ان حوالي سان ياد پئي ڪيو آهي.
پر هن وقت ماڻهن کي الائي ڇا ٿي ويو آهي جو پنهنجي وفادار محبوب کي به صنم پيا چون. پنهنجي ٻارن جا نالا به صنم پيا رکن.

هاڻي سنڌ مان عربي ۽ فارسيءَ جو زور ختم ٿي ويو آهي ان ڪري ماڻهو اهڙيون غلطيون ٿا ڪن. ورنه ائين ڪو نه ٿئي ها. اسان وٽ سنڌ ۾ اڪثر ماڻهو عربن جا نالا رکندا آهن. جن جي معنيٰ جي خبر ئي ڪو نه هوندي اٿن. پوءِ جڏهن خبر پوندي اٿن ته، کلي کلي کيرا ٿيندا آهن. مثال طور نالو آهي، همزهه جنهن جي معنيٰ آهي وڏي ازدهه بلا، يا وري نالو آهي، ابو هريرهه معنيٰ اٿس ٻلين جو پيءُ، سو سائين هي سڀ بيخيريءَ جو ڳالهيون آهن