Social Icons

Showing posts with label History View. Show all posts
Showing posts with label History View. Show all posts

Sunday, November 17, 2013

عباسي خلافت

  بنو عباس گھراڻي جا ڪل ستٽيهه خليفا ٿي گذريا آهن، عباسي خلافت جو پايو وجھندڙ ۽ پهريون خليفو عبدالله بن عباس هو جيڪو سفاح جي نالي سان مشهور هو.هارون رشيد  پنجون نمبر عباسي خليفو هو سندس تفصيل جو ڪجهه حصو هيٺينءَ ريت آهي :
عباسي خلافت جو باني خليفو عبدالله بن عباس ال سفاح 750ع کان 754 تائين، المنصور 775 تائين، المهدي 785 تائين، الهادي 786ع تائين، هارون رشيد 786 کان 809ع تائين، امين الرشيد 813ع ۽ مامون رشيد 833ع تائين رهيا.

Thursday, November 14, 2013

حُر تحريڪ ڪيئن شروع ٿي

Hur Tehreek Pir Pagaro
1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن ۾ انگريزن جي نوآبادياتي حڪومت جي خلاف جدوجهد جي ڪري سنڌي قومپرستيءَ جنم ورتو. جنهن سنڌ جي هر هڪ ليکڪ ۽ دانشور کي متاثر ڪيو. هن دور ۾ واندو ويهڻ يا ماٺ رهڻ کي بي عزتي ٿي سمجهيو ويو ”سنڌ“ کي سڃاڻپ طور اختيار ڪرڻ ڄڻ ڪو روحاني سفر هو. جڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جهڙين سياسي پارٽين جون پنهنجون ايجنڊائون هيون، تڏهن سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ هڪ نئون دڳ ورتو. انگريزن جي خلاف مزاحمت جو بنيادي پهلو انهيءَ دليل/منطق تي بيٺل هو ته جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو هو ته اها هڪ آزاد ملڪ هئي. ان ڪري هڪ آزاد ملڪي واري خودمختياري واپس ملڻ گهرجي. سنڌ ۾ سڀ کان نمايان مزاحمتي تحريڪ ”حر تحريڪ“ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. شروعات ۾ اها جدوجهد پرامن هئي. پر پوءِ اها پرتشدد ٿي وئي. 1942ع ۾ ان تحريڪ کي محدود ڪرڻ لاءِ مارشل لا لڳائي وئي ۽ ذري گهٽ هڪ ننڍڙي جنگ شروع ٿي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۽ سانگهڙ ۾ مکيءَ جي هڪ وڏي علائقي ۾، جتي حرن جا گهر هئا، ”رايل ايئر فورس“ طرفان زبردست بمباري ڪئي وئي. سوين ڳوٺ تباهه ٿي ويا ۽ زالن ۽ ٻارن سوڌو هزارين ماڻهو مارجي ويا. ڪيتريون ئي اهڙيون جهڙپون ٿيون، جن ۾انگريز فوج ۽ پوليس جو به ڳرو جاني نقصان ٿيو.
بهرحال، آخرڪار انگريز فوج جي طاقت بغاوت کي چٿڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. سوين حرن کي ملٽري ڪورٽن جي حڪم تي گوليءَ سان اڏايو يا بعد ۾ ڦاهيءَ ذريعي ماريو ويو. سانگهڙ جو سمورو علائقو ”لوڙهن“ (Concentration camps) ذريعي ڌار ڪيو ويو ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري پهرئين کي ڪورٽ مارشل ڪري ڦاسي ڏني وئي. سندس پٽن (جن ۾ موجوده پير پاڳارو هو) کي يرغمال بڻائي انگلينڊ کڻي ويا. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ هلندڙ آزاديءَ جو داستان پورو ٿيو.

Maatum since last five years in "ROHRI"


Muharram Tazia

سکر (رپورٽر) روهڙي ۾ 5 سئو ورهين کان ٿيندڙ تاريخي شمع گل جي ماتم ۾ شرڪت لاءِ سنڌ ۽ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان لکين مومن پنڌ ۽ مختلف گاڏين تي سوار ٿي روهڙي جي محفل شاهه ڪربلا عراق امام بارگاهه جي ميدان ۾ پهتا، جتي رات دير تائين ماتم ۽ مجلس عزا جو سلسلو جاري رهيو، روهڙي جي تاريخي ماتم ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن  کان ئي سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان عقيدتمند پهچندا رهيا، جن کي واڪ ٿرو گيٽن تي تلاشي بعد ڪربلا جي ميدان ۾ ڇڏيو ويو، حفاظتي انتظامن لاءِ شهر ۾ پوليس  جا  3 هزار  ۽ رينجرز جا 2 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا، ان کان سواءِ امام بارگاهه ڏانهن ويندڙ رستن کان سواءِ ٻين رستن تي پڻ اهلڪار مقرر ڪري سخت چڪاس ڪئي پئي وئي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن ڪيترن ئي مومنن کان اجرڪ، چادر ۽ جيڪٽون لهرائي ورتيون، پوليس اهلڪار شهر جي اهم روڊن تي بڪتربند گاڏين ۾ سوار ٿي گشت ڪندا رهيا، جڏهن ته ايس ايس پي سکر سيد فدا حسين شاهه رينجرز عملدار ظفر خان سان گڏجي روهڙي ۾ ئي جڙيل ڪنٽرول روم مان ڪربلا جي ميدان ۽ ماتمي جلوس جي روٽ تي لڳل 28 ڳجهين ڪئميرائن ذريعي صورتحال مانيٽر ڪندو رهيو، روهڙي جي تاريخي شمع گل جو تعزيو پرهه ڦٽيءَ مهل کنيو ويو، جيڪو مختلف رستن کان ٿي منڊي کبڙ وٽ پهتو، جتان تعزيو اڄ منجهند جو 2 وڳي منڊي کبڙ مان کڻي واپس محفل شاهه ڪربلا عراق امام بارگاهه ۾ آندو ويندو.

Altaf Shaikh Tourist


سڄي دنيا جا عالم ان ڳالهه تي سهمت آهن ته گڏ رهڻ، ساڻ گهمڻ ، ڪتاب پڙهڻ سان انساني قدرن جي پروڙ به پئي ٿي ۽ انهن مان جيڪي بهتر آهن سي پاڻ تي لاڳو ڪرڻ جي عادت به پئي ٿي. الطاف شيخ سنڌين کي رڳو دنيا نه ڏيکاري آهي، رڳو دنيا جا قدر نه ڏيکاريا آهن، رڳو دنيا جي عوامن جي محنت باري ۾ نه ٻڌايو آهي، رڳو جپان، چين، مليشيا جي محنتي عوام بابت ئي نه ٻڌايو آهي پر انهن محنتي قومن جي ملڪن وٽ پاڻ کي پڻ مڃايو آهي. هو سنڌ جو اهو سفرناما لکندڙ ۽ مئرين انجنيئر آهي جيڪو 70 ورهين ۾ ڪنهن وقت به جپان طلب ڪيو وڃي ٿو ته ”اسان کي اچي پڙهاءِ“ ۽ اهڙا سڏ پڙاڏا کيس مليشيا ۽ چين مان به اچي سندس ڪنن تي ٻُرن ٿا

 سنڌ جي سرجڻهار، سامونڊي انجنيئر، پروفيسر، 78 سنڌي، اردو ۽ انگريزي سفرنامن لکندڙ مانواري الطاف شيخ جي 70 سال شروع ٿيڻ تي، سندس جيئري ڀيٽا پيش ڪندي سندس جنم ڏينهن تي لک لک واڌايون ڏيندي پاڻ کي وڌيڪ باعزت سمجهئون ٿا. شال سدا خوش ۽ آباد هجي.

Tuesday, November 12, 2013

قصو وتائي فقير جو

Mazar of Watayo Faqeer

هڪ روايت موجب وتائي فقير جي والد جو نالو ميلو رام ۽ چاچي جو نالو ساڌو رام هو، جيڪي ٻئي وڏا واپاري هجڻ سان گڏوگڏ وڏا ڀڳت پڻ هئا. انهيءَ دور ۾ سماواتي پرڳڻي جي بيگلاري سيدن ۽ عمرڪوٽ جي راڻن جا هڪ ٻئي سان سٺا لاڳاپا هئا ۽ راڻا خاندان وارن سيدن کي ٽي چار سڱ ڏنا هئا. راڻن ۽ بيگلارن جي انهيءَ رشتيداري ۽ واسطيداريءَ سبب ڪيترا واپاري عمرڪوٽ مان لڏي اگهم ڪوٽ يا اگهاماڻي ۾ اچي رهيا، جن ۾ وتائي جو والد ۽ چاچو پڻ هئا. ان دور ۾ وتايو چئن پنجن سالن جو هو ۽ سندس مڱڻو پڻ ٿيل هو. انهيءَ دور ۾ اگهاماڻي شهر اندر وڏا وڏا بزرگ ۽ عالم رهندا هئا، جن جو فيض آسپاس وارن علائقن تائين به اثرانداز هو ۽ ڪيترا ماڻهو پري کان ڪهي اچي سندن صحبت حاصل ڪندا هئا.
وتائي جو والد ۽ چاچو، جيڪي اصل ۾ ڀڳت قسم جا انسان هئا، سي اگهاماڻي ۾ پهچندي ئي بزرگن جي فيض کان متاثر ٿي مسلمان ٿي ويا، جن ۾ ميلورام جو نالو شيخ عبدالحليم ۽ ساڌو رام جو نالو شيخ عبدالعليم رکيو ويو. اهڙيءَ طرح سندن خاندان وارن جا به اسلامي نالا رکيا ويا.
هي خاندان جيئن ئي مسلمان ٿيو ته پنهنجن ٻارن کي مدرسن ۾ داخل ڪرايائون، جن ۾ شيخ عبدالمعالي ولد عبدالحليم ۽ شيخ عبدالعالي ولد عبدالعليم خاص هئا. شيخ عبدالمعاليءَ جو دستور هوندو هو ته مدرسي جي ٻين سڀني شاگردن جا سبق ياد ڪري ايندو هو، پر پنهنجو سبق نه ٻڌائيندو هو ۽ هميشه ايئن چوندو هو ته ”سبق اڃا ڪچو آهي.“ سندس انهيءَ نرالي ۽ عجيب طبع سبب سڀئي استاد خواه شاگرد کيس الله وارو سمجهڻ لڳا ۽ مدرسي ۾ سندس نالو شيخ عبدالمعاليءَ بدران ”شيخ الله وارو“ مشهور ٿي ويو. شيخ الله وارو جيئن ئي ڪجهه وڏو ٿيو ته کيس گهڻي هل هلان ۽ وت وتان سبب شاگرد خواه شهري ”وتايو“ ڪوٺڻ لڳا، جيڪو نالو مٿس هميشه لاءِ مڙهجي ويو.