Social Icons

Friday, November 8, 2013

صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنل چانورن جو هاءِ برڊ ٻج


صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنل چانورن جو هاءِ برڊ ٻج
هاءِ برڊ  Hybrid جي معنيٰ آهي مخلوط نسل يا ٻن جزن جو ميلاپ ڪري غير فطري نسل تيار ڪرڻ. هن وقت ڏکڻ سنڌ ۾ 90 سيڪڙو ۽ اُتر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تقريبن 60 سيڪڙو ايراضيءَ تي هاءِ برڊ چانور پوکجي رهيا آهن ۽ هر سال هن قسم جي چانورن جي پوکيءَ ۾ اضافو اچي رهيو آهي، هاءِ برڊ ٻِج، جنهن کي عام آبادگار چائنا جو ٻِج چون ٿا، اهو ٻج صرف هڪ دفعو پوکڻ جي خاصيت رکي ٿو، جنهن ڪري هن قسم جي چانورن جو مُلهه ملڪ اندر توڙي ٻاهر گهٽ ملي رهيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي هن قسم جي سارين جو اگهه مارڪيٽ ۾ گهٽ ملي رهيو آهي، انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ انڊيا ۽ ٿائلينڊ جي ڪورس چانورن جا اگهه هاءِ برڊ ٻج نه هئڻ سبب 480 ڊالر کان 500 ڊالرز تائين في ٽن ملهه آهي، جڏهن ته اسان جا چانور هاءِ برڊ سان مڪس هئڻ سبب 370 کان 375 ڊالر في ٽن وڪامجي رهيا آهن. زراعت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ۽ اهو ڪوبه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي، ته آخر اهڙي قسم جي چانورن جي ٻجن کي امپورٽ ڪرڻ ۽ سنڌ، بلوچستان ۾ پوکڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ جڏهن ته پنجاب ۾ 60 لک ايڪڙن تي ساريون پوکيون وڃن ٿيون مگر اتي هڪ سيڪڙو ايڪڙ تي به هاءِ برڊ ساريون پوکيون نه ٿيون وڃن، خود چائنا گورنمينٽ زراعت ۾ هن قسم جي جينيٽيڪل ماڊيفائيڊ چانورن جي مخلوط نسل ٻج ٺاهڻ ۽ پوکڻ جو نوٽيس وٺندي هن عمل کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چائنا جي هڪ اهم شخصيت ايگرانامسٽ ڪانفرنس ۾ چانورن جي اهڙي قسم جي ٺاهڻ تي سائنسدانن تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو آهي ته، اهڙي مخلوط نسل جا ٻج ٺاهي انسانن جي لاءِ نه پر جانورن لاءِ کاڌو تيار ڪيو وڃي ٿو.، هن سختيءَ  سان چيو ته، چائنا گورنمينٽ کي  G.Mچانورن جي ٻج ٺاهڻ ۽ پوکڻ تي بندش وجهڻ گهرجي، هن بحث دوران واضح ڪيو ته، جيڪي ايڪسپورٽرس اهڙي قسم جا چانور ٺاهي  ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهن، انهن کي پابند ڪيو وڃي، ته هو هر چانورن جي ٻوريءَ تي G.M  رائيس جو ٺپو لڳائين، ته جيئن استعمال ڪندڙن کي خبر پوي. ان باوجود اسانجي  زراعت کاتي جا آفيسر خاموش آهن ۽ انهن کي ٿورو به احساس ناهي، ته اسان جا لکين ڊالر زرعي مبادلا ڪمائيندڙ چانور انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ٻين ملڪن جي چانورن جي ڀيٽ ۾ نهايت گهٽ قيمت ۾ وڪامجي رهيا آهن، جنهن جو منفي اثر چانورن جي آبادگارن تي پئجي رهيو آهي. ان صورت ۾ زراعت کاتي جا ريسرچ فارم ڇا ڪري رهيا آهن؟؟! جڏهن ته اسان امپورٽ ٿيل ٻج استعمال ڪري رهيا آهيون، يورپي يونين پنهنجي ويب سائيٽ تي اهڙن خوراڪي جنسن کي استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪي جنسون  جينيٽيڪل ماڊيفائيڊ (G.M) ٻجن سان تيار ڪيون وڃن ٿيون. ان سلسلي ۾ اسانجي چانورن جي آبادگارن کي به سوچڻ گهرجي ته، جيڪڏهن اسانجي هن عمل سان پنهنجا بار بار پوکي ٿيندڙ نسلي ٻج ختم ٿي ويا ته پوءِ ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ هن وقت نسلي سارين جو صاف سٺو ٻج جنهن ۾ ايري 6، ڊي آر 282، 283، 292، ايري 9 وغيره جي سراسري قيمت في ڪلو 37 روپين ۾ موجود آهن، جڏهن ته هاءِ برڊ جا ٻج 800 روپين کان 1000 روپين تائين في ڪلو وڪرو ڪيا وڃن ٿا. اسان جا نسلي ٻج آڳاٽي، وچولي ۽ پاڇاٽي مند ۾ پوکي سگهجن ٿا، جڏهن ته هاءِ برڊ ٻج صرف پاڇاٽي پوکي سگهجي ٿو، اُپت ۾ ساڳي محنت ۽ ڪيميائي ڀاڻ وغيره جو ساڳيو وزن ڏيڻ سان في ايڪڙ جي پيداوار ۾ هاءِ برڊ سراسري 7 کان 9 مڻن جو فرق بيهي ٿو، جڏهن ته ٻئي طرف نسلي ٻجن جي سارين چانورن جو اگهه هاءِ برڊ  جي ڀيٽ ۾ مٿي ملي ٿو، جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته، ماضيءَ ۾ اسان جي نسلي ٻجن مان تيار ڪيل چانور انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ 480 ڊالر في ٽن تائين  کپندا رهيا آهن. ڪجهه سالن کان پنجاب چانورن جي هڪ نان باسمتي  جنس،  (C-9) جي نالي سان متعارف ڪرائي آهي، جيڪا اُتر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به ڪاميابيءَ سان پوکي وڃي ٿي، هن جنس جو داڻو سنهو ۽ تقريبن 7 ملي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو، هن جي سراسري پيداوار في ايڪڙ تي 45 کان 50 مڻ تائين ملي ٿي، ايڪسپورٽ ۾ هن جنس جو اگهه بهتر ملڻ سبب لوڪل مارڪيٽ ۾ سارين جو اگهه في مڻ 1200 کان 1250 روپيا تائين آهي، هن جنس جو ٻج نسلي سارين وانگر بار بار پوکي سگهجي ٿو، هِيءَ جنس جولاءِ جي آخر تائين پوکي سگهجي ٿي.

No comments :

Post a Comment