سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين ڏانهن
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اسڪريننگ ٽيسٽ متعارف ڪرائي وئي آهي، جيڪو هڪ سٺو عمل آهي پر ان کي ٿوري تبديليءَ جي ضرورت آهي، جهڙوڪ، ان جو رزلٽ پنجاهه ڏينهن بجاءِ ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ ڏيڻ ۽ اها اسڪريننگ اهڙي طريقي سان ڪرائي وڃي، جيئن ميڊيڪل جي ٽيسٽ ڪرائي ويندي آهي، ائين ڪرڻ سان شفافيت ٿيندي، هن دفعي اميدوارن جو هڪ وڏو تعداد اي ايس آءِ جي اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ ناپاس ٿيو ۽ اصل ٽيسٽ ڏيڻ جي قابل به ڪونه رهيا، هاڻي وري گڏيل چِٽا ڀيٽيءَ وارو امتحان ڪرايو پيو وڃي پر ان لاءِ اسڪريننگ ٽيسٽ جو سينٽر حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو اميدوارن لاءِ انتهائي مشڪل آهي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، سکر ۽ ٻين ڏورانهن علائقن جا اُميدوار ڀاڙا ڀري اچي حيدرآباد جي هوٽلن ۾ راتيون رهندا، سو بيروزگار نوجوانن لاءِ انتهائي ڏکيو آهي. چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ وس وارين اختيارين کي نِماڻي گذارش آهي ته، اسڪريننگ ٽيسٽ جا هر ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ سينٽر قائم ڪيا وڃن، جيئن اُميدوار بغير ڪنهن پريشانيءَ جي ٽيسٽ ڏئي سگهن.
اچو ته سنڌ جي تعليم کي بهتر بڻائڻ جو وچن ڪريون
ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين سنڌ جي هر مسئلي کي وقت سر کنيو آهي. ان مسئلي جي حل لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، ڪجهه سال اڳ جڏهن سنڌ جي ثقافت تي چِٿر ڪئي وئي، ته ان وقت به سڀ کان پهرين للڪار علي قاضيءَ جي هئي، جنهن ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو سَڏ ڏنو ۽ ان ڏينهن سڄي دنيا ڏٺو ته، سنڌ پنهنجي ثقافتي رنگن ۾ رنگجي وئي. هي ٻڌي ۽ ايڪتا جو چِٽو ثبوت آهي ته، سنڌ واسين پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب سان هميشه محبت ڪئي آهي. سنڌ واسي جيڪي سنڌ کي جِيجل امڙ ڪري ڪوٺين ٿا، اهي سنڌ واسي ڀلا ان چِٿر تي ڪيئن ٿي خاموش ويهي سگهيا. علي قاضيءَ جي اُن سَڏ بعد هاڻي هر سال پوري دنيا اندر موهن جي دڙي جا وارث اهو ثقافتي ۽ ايڪتا ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائين ٿا، ان ڏينهن سڄي سنڌ ڪنهن ڪُنوار جيان سَنورجي ۽ سِينگارجي وڃي ٿي. آئون فقط ايترو ٿي چوڻ چاهيان، ته اهو تسلسل يقيناً برقرار رکڻ گهرجي، پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ هر سال اهڙا ڏهاڙا ملهائڻ گهرجن. پر هاڻي پاڻ سنڌ واسين کي روايتي انداز ۾ اهو ڏهاڙو ملهائڻ کان ڪجهه اڳتي سوچڻ گهرجي. سنڌ جيڪا وسيلن سان مالامال آهي، پر ان سنڌ جا ٻچڙا اڄ به غربت جي لَڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن. هاڻي اسان کي اهڙن ڏهاڙن تي، جن تي سموري سنڌ گڏجي ٿي، سنڌ جا ماڻهو هٿ هٿ ۾ ڏئي محبت ۽ ايڪتا جي زنجير ٺاهين ٿا، ان ڏينهن تي هاڻي اسان کي سنڌ جي سورن تي ويچارڻو پوندو، پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ هاڻي گڏجي اجتمائي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. انفرادي سوچ واري پئماني مان ٻاهر نڪري هاڻي ڌرتي ڌڻين کي اجتمائي طور سوچڻو پوندو. ان لاءِ اچو ته، سڀ کان پهرين سنڌ جي فالج زده تعليم تي ويچاريون، اهي اسڪول جيڪي وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن، اهي انهن کان آجا ڪرايون، انهن استادن کي به جاڳايون جيڪي پنهنجي فرض کان بيخبر آهن، انهن ٻارڙن جي هٿن مان پيچڪس ۽ پانو وٺي سندن هٿن ۾ ڪتاب ڏيون، جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن ۽ خاص طور تي سنڌ جي تعليمي نظام کي اڏوهيءَ جيان کائيندڙ ڪاپي ڪلچر جهڙي موذي مرض مان پنهنجي نئين نسل جي جِند آجي ڪرايون. آئون اهو دعويٰ سان ٿي چوان، ته جنهن ڏينهن اسان سڀني گڏجي پنهنجي مسئلن کي اجتماعي طور حل ڪرڻ شروع ڪيو، انهن لاءِ گڏجي آواز بلند ڪرڻ شروع ڪيو، يقيناً ان ڏينهن کان هڪ خوشحال سنڌ اڏجڻ شروع ٿي ويندي.
عائشه ملاح/ملير (ڪراچي)
شاگرد سياست جا ”معيار“ هاڻي بدلجڻ گهرجن!
5 نومبر 2013ع جي ڪاوش ۾ اها خبر پڙهڻ لاءِ ملي ته، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٻن شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ ڪجهه شاگرد رخمي ٿي پيا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اهو واقعو ڪو پهريون واقعو ناهي. سنڌ يونيورسٽي، جيڪا چئي سگهجي ٿو ته هينئر سياست جي ور چڙهيل آهي، انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي شاگرد تنظيمون، استاد تنظيمون ۽ ڪجهه ”لڪل هٿ“ به ملوث آهن، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا ڪيترائي دستا هر چوڪ تي فيڪلٽي جي گيٽ تي بيٺل آهن، پر مجال آهي جو ڪو واقعو ٿيڻ مهل ڪو ايڪشن کڻن، ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته، انهن کي ”مٿان“ کان ئي يونيورسٽيءَ ۾ صرف بيهڻ جا ئي حڪم مليل آهن. سنڌ يونيورسٽي سيڪيورٽيءَ جي بهاني ڪروڙين رپيا خانگي گارڊن تي به خرچ ڪري رهي آهي. جيڪو يقينن يونيورسٽي انتظاميا جو اجايو خرچ آهي. جنرل ضياءَ طرفان 1984ع ۾ شاگرد سياست تي پابنديءَ کان پهرين ۽ پوءِ واري سياست ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، پابنديءَ کان پهرين واري سياست شاگردن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندي هئي، جنهن ۾ ڪتابي ميلا، ادبي گڏجاڻيون، ڦوڙي ڪري ڪتابن جي خريداري ڪرڻ، لائبريرين کي مينٽين رکڻ، غريب شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ سميت يونيورسٽي جا انيڪ مسئلا اهي شاگرد اڳواڻ ئي حل ڪندا هئا، جيڪي اليڪشن جي ذريعي نه صرف شاگرد يونين جا اڳواڻ چونڊيا ويندا هئا پر اهي ڪلاسن ۾ پوزيشن هولڊر به هوندا هئا، ان وقت شاگرد يونين جي باقاعده اليڪشن ٿيندي هئي، يونيورسٽيءَ ۾ استاد کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، کين ڪڏهن به مارڪن يا اٽينڊنس لاءِ تنگ نه ڪيو ويندو هو، پابنديءَ کان پوءِ واري سياست مخصوص مفادن لاءِ وڙهي وئي ”ڪامريڊ“ شاگردن طرفان کين پيپرن ۾ پنهنجي مرضيءَ جون مارڪون نه ملڻ، فُل اٽينڊنس نه ملڻ، ڪينٽين مان مفت ۾ ماني نه ملڻ، ڌوٻي طرفان مفت ۾ ڪپڙا ڌوئي نه ملڻ ۽ ڇوڪرين جي ڳالهين تي نه صرف جهيڙا ٿين ٿا پر انهن جهيڙن کان پوءِ ڪلاسن جو بائيڪاٽ به ڪرايو ٿو وڃي، جنهن ۾ سوين نه پر هزارين شاگرد، جيڪي سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد کڻي پهتل هوندا آهن، اهي نه صرف پريشانين کي منهن ڏين ٿا پر خوف واري زندگي به گذارڻ لڳن ٿا. آئون سمجهان ٿو ته، سنڌ جي انهن سياسي پارٽين کي، جن جون زيلي تنظيمون يونيورسٽي ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن کي انهيءَ سياست کا پرهيز ڪرائڻ گهرجي، جيڪا مخصوص مفادن لاءِ هجي ۽ جيڪا يونيوسٽيءَ جي بدناميءَ جو باعث بڻجي ۽ انهن اڳواڻ کي تنظمين مان ڪڍيو وڃي، جيڪي يونيورسٽيءَ جو تدريسي ماحول خراب ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ انهن تنظيمن کي پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي، نه ته ائين نه ٿئي جو وقت اسان کي ۽ اسان جي معاشري کي گهڻو پوئتي ڇڏي وڃي.
”باعزت-بَري“ ٿيل هڪ ڊڪٽيٽر
هي ڇا ٿيو...؟! ڪو ته ٻڌائي! هي ٿيو ڇا...؟! ۽ ٿيو ڪيئن...؟! جنهن شخص هڪ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ هڪ نه پر ٻه دفعا آئين معطل ڪيو. L F O جاري ڪري ۽ وري انهيءَ کي پارليامينٽ جي”رضا“ بغير آئين جو حصو بڻايو. اين آر او جهڙو ڪارو قانون جاري ڪري قومي ڏوهن کي قانوني تحفظ ڏنو، هڪڙي ڌمڪيءَ تي پنهنجا فوجي اڏا بين الاقوامي سامراج حوالي ڪري پنهنجي بيگناهه عوام کي خودڪش ڌماڪن جو ٻارڻ بڻايو، پنهنجي ئي ملڪ واسين کي جاهل چيو، سرعام ڌمڪيون ڏنيون، جنهن محترمه بينظير ڀٽو کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ ثبوتن جو به صفايو ڪرايو، نواب اڪبر بگٽي کي قتل ڪرايو، چيف جسٽس آف پاڪستان کي پنهنجي تابع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڙتو ريفرنڊم ڪرائي پاڻ کي چونڊيل صدر ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، اهو شخص چند چالانن عيوض ئي جان آجي ڪرائي ويو. سندس محل کي ئي جيل قرار ڏيئي عجيب مذاق ڪيو ويو. مشرف جي آمريت واري دور ۾ سندس قابلِ ذڪر ڪارناما قانون جي نظر ۾ ڏوهه ناهن ته ڇا آهن؟ ڇا مشرف جي آمريتي عملن مان ڪو هڪ عمل به اهڙو نه هو، جنهن تي کيس گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن لاءِ لانڍي يا اڊيالا جيل جي آبهوا محسوس ڪرائي سگهجي ها! هن ملڪ ۾ قانون تي عملدر آمد جي حوالي سان هونئن ته هر گهڙي ڪروڙين آڱريون کڄنديون آهن، پر ڊڪٽيٽر مشرف جي هن تازي معاملي کانپوءِ هاڻي اگر ڪڏهن ڪٿي قانون تي عملدرآمد جي ڳالهه نڪرندي، ته شايد هي لفظ به چيا ويندا، ”هن ملڪ ۾ قانون تي عمل آهي ڪٿي؟! جيڪڏهن قانون تي عمل هجي ها، ته ڊڪٽيٽر مشرف “باعزت-بَري“ ٿئي ها...؟!“
گل حسن پلي
حوصلا افزائي اندر جي تبديليءَ جو ٻيو نالو آهي
ماڻهن کي تبديل ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، صرف انهن ۾ اهو احساس پيدا ڪيو وڃي، ته توهان جي اندر وڏن ڪارنامن جي قوت سمايل آهي، توهان جو دماغ لاتعداد قوتن جو مجموعو آهي. سائنسدانن جڏهن البرٽ آئنسٽائن جي دماغ جو مطالعو ڪيو، ته حيران رهجي ويا، هن عظيم انسان سڄي عمر پنهنجي دماغ جو ڪجهه حصو استعمال ڪيو هو. هن دنيا ۾ رهندڙ هر ماڻهو لاتعداد قوتن جو مالڪ آهي پر اهي قوتون ڪنهن وڻ وانگر ويران پيون آهن، جيئن برسات جا چند ڦڙا ريگستان کي رنگين ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙيءَ طرح ماڻهوءَ تي صرف حوصلا افزائي جي هلڪي ڦلڪي برسات وسائي وڃي، ته اهي باڪمال ٿي سگهن ٿا، تعريف ۽ حوصلا افزائي اهڙن لفطن جي ادائگيءَ کي چيو ويندو آهي، جنهن سان عمل يا فضل جي قدرداني ڪئي وڃي۽ ان ۾ احساس بيدار ڪيو ويندو آهي، ته توهان باهمت ۽ ناقابل يقين قوتن سان سرشار آهيو، صرف پنهنجو پاڻ کي وقت ڏيو ۽ پنهنجي اندر لڪيل قوتن کي ڪنهن مخصوص طرف ڏانهن وٺي وڃو، انسان جي جذباتي پهلوءَ کي ڪنهن مخصوص طرف ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ انسان جي جذباتي پهلوءَ کي تحرڪ ۾ آڻڻ لاءِ حوصلا افزائي ۽ تعريف هڪ بهترين محرڪ آهي، تعريف ۽ حوصلا افزائيءَ جا چند لفظ انسان ۾ سوچن جو زلزلو آڻين ٿا، پر اسان هميشه تعريف بدران تنقيد کي ترجيح ڏني آهي. مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنيگي پنهنجي ڪتابن ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جي زندگيءَ جا مثال لکيا آهن، جن جي زندگي صرف حوصلا افزائي/تعريف جي چند جملن جي محتاج هئي، توهان مشهور موسيقار ڪروسو جي باري ۾ ضرور ٻڌو ۽ پڙهيو هوندو، ڪروسو هڪ غريب خاندان ۾ ڄائو هو، جنهن جي والده مزدوري ڪري هن کي پڙهايو ۽ هن کي موسيقار بڻجڻ جو ڏاڍو شوق هو پر استاد چند لفظ چئي هن جي حوصلا شڪني ڪئي، ته ”توهان ڳائي نٿا سگهو، توهان جو آواز ائين نڪري ٿو جيئن پراڻن ڪوارٽرن مان هوا..!“ ڪروسو جي والده هن کي پنهنجي سِيني سان لڳائي چيو ته، پُٽ! ”توهان سٺو ڳائي سگهو ٿا، مون کي اميد آهي ته، توهان وڏي مقام تي پهچندا.“ والده جا اهي لفظ يعني (حوصلا افزائي) وارا لفظ ڪروسو جي اونداهيءَ من اندر ڏيئي جيان ثابت ٿيا، هن وقت دنيا ڪروسو کي دنيا جو عظيم موسيقار تسليم ڪري ٿي. تعريف ۽ حوصلا افزائيءَ سان ڪارڪردگيءَ ۾ اضافو ٿئي ٿو، انهيءَ عمل سان روحاني تسڪين به ملندي آهي ۽ دماغ ۾ مثبت سوچ به اُڀرندي آهي، جيڪا ناممڪن کي ممڪن طرف وٺي ويندي آهي.
ربنواز لغاري
عروج تي پهتل اغوا انڊسٽري ۽ فرض کان بيخبر اختيار ڌڻي
هن وقت سنڌ ۾ اغوا انڊسٽري عروج تي پهچي چڪي آهي. اغوا انڊسٽريءَ سبب ڪيترن ئي خاندانن جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن، روز ڪنهن نه ڪنهن جي پياري کي، ڪنهن ماءُکان ان جو پٽ، ڪنهن ڀيڻ کان ان جو ڀاءُ، ڪنهن پِيءَ کان ان جو سهارو، ڪنهن اولاد کان ان جو پيءُ ۽ ڪنهن ونيءَ کان ان جو وَر کسيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ڪيترائي بيگناهه ماڻهو ظالمن جي چنبن ۾ قيد آهن، جتي سنڌ ۾ قومي ۽ قبيلائي، ڪاروڪاري، قتل و غارت، چورين ۽ ڦرن وارن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، اتي هن وقت اغوا انڊسٽريءَ ۾ به تمام گهڻي واڌ اچي چڪي آهي، جن سان هڪ ته سموري ملڪ ۾ سنڌ جي بدنامي ٿي رهي آهي، ته ٻيو بيگناهه ماڻهن کي پئسن خاطر اغوا ڪري انهن جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪيون پيون وڃن. ٺل مان اغوا ڪيل هڪ غريب پورهيت جي نياڻي فضيلا سرڪي هجي يا نوشهري فيروز مان اغوا ڪيل هڪ ماءُ جي اکين جو تارو عمران جوکيو هجي يا وري کڏڙي مان اغوا ڪيل معصوم احسن جوڻيجو هجي، اهڙي هر گهر ۾ ماتم متل آهي، سندن مٽن مائٽن جي اکين ۾ پنهنجن پيارن جي واپسيءَ جو جيڪو انتظار آهي، اهو کُٽڻ جو ته نالو ئي نٿو وٺي، ويتر ڊگهو ٿيندو پيو وڃي، هو پنهنجن پيارن کي ساري رت جا ڳوڙها پيا ڳاڙيندا آهن. سنڌ اندر وڌيل هن اغوا انڊسٽريءَ کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ حڪومت اڃا تائين ڪي خاص قدم نه کنيا آهن، نه ئي وري قانوني ادارا حرڪت ۾ اچي سگهيا آهن، حڪومت ۽ قانوني ادارن جي سستي، بي ڌياني ۽ لاپرواهيءَ سبب اغوا انڊسٽري ۾ ڏينهون ڏينهن اصافو ٿيندو پيو وڃي. تنهن ڪري هن وقت ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته، سنڌ ۾ وڌي ويل اغوائن جي وارداتن کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت سميت قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته، هو پنهنجو فرض ايمانداريءَ سان نڀائين ۽ سنڌ مان جيڪي به ماڻهو اغوا ٿيل آهن، تن کي جلد بازياب ڪرائي، سندن گهرن ۾ برپا ماتم ختم ڪرايو وڃي.
آدم خان نوهڙي/ڀٽ ڀائٽي
شاگردن کان ’وصول‘ ٿيندڙ ناجائز في
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هن سال شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ طرفان ڪاليج سائيڊ کان داخلا شروع ٿي چڪي آهي، ڪنڌڪوٽ شهر ۾ به شاگردن جا جاوا آهن، ڇو ته هتي جيڪو اڳي سو تڳي وارو نظام آهي، هر ڪنهن کي خبر آهي ته جيڪا يونيورسٽيءَ جي طرفان آخري تاريخ ڄاڻايل هوندي آهي، ان کان هفتو يا ڏهه ڏينهن اڳ ۾ ئي ڪاليج اسٽاف اهو چئي فارم اشو نه ڪندا آهن، ته هاڻي تاريخ پوري ٿي وئي آهي، ان لاءِ ليٽ فيس وصول ڪئي ويندي، هن سال اسان جي به ڪجهه دوستن ڪاليج جو رُخ ڪيو، اتي پُڄڻ سان خبر پئي ته ماسٽرس پهرئين سال جي فيس 8000 روپيا آهي، جنهن جي ٻڌڻ سان اسان وائڙا ٿي وياسين، ليڪن پوءِ به همٿ ڪري يونيورسٽي انتظاميا ۽ مختلف ڪاليجن سان رابطي کانپوءِ خبر پئي ته اصل ۾ فيس 6300 آهي، باقي وڌيڪ پئسا ڪاليج وارا خرچيءَ طور ”وصول“ ڪري رهيا آهن. ان لاءِ منهنجي اختيار ڌڻين کي گذارش آهي ته، شاگردن کي ناجائز طور وصول ٿيندڙ فيس کان بچايو وڃي.
الياس نور چنا/ڪنڌڪوٽ
No comments :
Post a Comment