Social Icons

Tuesday, November 19, 2013

بهتر ۽ مفت تعليم جي حصول وارو سوال

بهتر ۽ مفت تعليم جي حصول وارو سوال
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شق نه آهي ته، اسان جي ملڪ ۾ جيڪي مٿئين طبقي جا ماڻهو آهن، انهن جا ٻار پرڏيهه جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ پوءِ پڙهائي مڪمل ڪرڻ بعد اچي پنهنجي ملڪ ۾ يا ته سياست ۾ داخل ٿي وزير ۽ مشير بڻجي وڃن ٿا يا وري تمام اهم عهدن تي فائز ٿين ٿا. ان بعد وري ٻيو طبقو آهي، جن جا ٻار ڪيڊٽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ پوءِ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جهڙا امتحان پاس ڪري ڪميشن آفيسر بڻجي وڃن ٿا يا وري انجنيئر  ۽ ڊاڪٽر ٿي وڃن ٿا ۽ بهتر زندگي گذارين ٿا،  ٽيون طبقو وري اهو آهي، جن جا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا ۽ ماهر استادن جون ڳريون فيون ڀري، ٽيوشن وٺي، انٽري ٽيسٽ پاس ڪري ۽ پوءِ انجنيئرنگ ۽ ڊاڪٽري پاس ڪري وڏا وڏا پروفيسر، ڊاڪٽر  ۽ انجنيئر ٿي وڃن ٿا، چوٿين طبقي ۾ وري اهي غريب ماڻهو شامل آهن، جن کي پنهنجو پيٽ پالڻ جي به سگهه ڪانه آهي ۽ وري ايڏي سُجاڳي به ڪونه اٿن، ڄڻ ته غريبي سندن مقدر بڻجي چڪي هجي. اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو پيٽ به نٿا پالي سگهن، اهي ٻارن کي ڪيئن پڙهائيندا؟! ترقي يافته ملڪن ۾ حڪومت جي پهرين ترجيح تعليم هوندي آهي پر اسان وٽ صورتحال ابتڙ آهي. جيڪڏهن اسان کي تعليم کي عام ڪرڻو آهي ته، سڀ کان پهرين تعليمي نظام کي بهتر ڪري ”تعليم سڀني لاءِ“ واري اصول کي اپنائڻو پوندو. حڪومت کي فرضي بيانن کان هٽي ڪري، ان ڏس ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

درود شريف پڙهو-درود شريف پڙهو-درود شريف پڙهو

درود شريف پڙهو

خبرن تي تبصرو

ننڍن ٻارن جو ريستورنٽ


عورت فون واپس ڪري ڇڏي..........


نوجوان فيس بوڪ ڇوپيا ڇڏين

ALBERT EINSTIEN SAYS........

ABOUT CHINA.........

YAV RAJ SINGH......

1012

page 10a (4)

فيس بوڪ تي نفرت پکيڙيندڙن تي ڪاررواءي جو حڪم