Social Icons

Friday, November 8, 2013

دڪاندارن ملالا جو ڪتاب وڪڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏي


Picture13                 ملالا جو لکيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي هر ماڻهو هن کي خريد ڪري پڙهڻ گهري ٿو. پر طالبان دڪاندارن کي خطرناڪ ڌمڪيون ڏنيون آهن ته ڪتاب دڪان تي نظر آيو ته خير نه سمجهجهو. هن ڌمڪي کي مقامي دڪان نظر انداز نٿا ڪري سگهن. پشاور جي مارڪيٽ ۾ ڪوبه بڪ سيلر ڪتاب دڪان ۾ رکڻ لاءِ تيار ناهي. سندن چوڻ آهي ته طالبان هڪ حقيقت آهن جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. گهڻو ڪري دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن ملالا جي ڪتاب بابت پڇا ڪئي آهي. پر اسان ڪتاب ”آءِ ايم ملالا“ جا آرڊر رد ڪري ڇڏيا آهن. اسان گراهڪن کي چئون ٿا ڪنهن ٻئي هنڌان جاچي ڏسو متان آيو هجي. اسان وٽ اڃا نه پهتو آهي. ملالا جو ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ آيل هڪ گراهڪ ڪامران خٽڪ چيو دڪاندار ملالا جي ڪتاب بابت ڳالهائڻ به نه ٿا چاهن. هن چيو آئون ملالا جو ڪتاب خريدڻ آيو آهيان پر هن هيڏي وڏي دڪان جتي ننڍي کان ننڍو ۽ وڏي کان وڏو ڪتاب دستياب هجي ٿو اتي ملالا جو ڪتاب نه پهتو آهي هن چيو هڪ سيلز مين ٻڌايو ته ملالا جو هي ڪتاب اسلام آباد مان ئي ملي سگهي ٿو. مون کي اندازو هو ته هي ڪتاب هتي نه ملندو ڇو ته ملالا کي گولي هڻندڙن دڪاندارن کي هي ڪتاب رکڻ کان منع ڪئي آهي. ڪاروباري طبقن جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته شهر ۾ دهشت گردي جا واقعا روڪڻ هاڻي شايد حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي رهي. طالبان طرفان جن قدمن جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي اهي هاڻي شهر ۾ گهٽجي رهيا آهن. طالبان شادي وهانءَ جي موقعن تي پختون روايتن پٽاندڙ موسيقي جا پروگرام به نه ٿا ڪرڻ ڏين، اڪثر علائقن ۾ ماڻهن کي ايئن ڪرڻ کان جهليو ويو آهي. جنهن ڪري هڪ عرصي کان خيبرپختون خواهه ۾ موسيقي جون محفلون ماٺيون ٿي چڪيون آهن. ڪيترائي اداڪار گلوڪار ۽ ثقافت سان لاڳاپيل ماڻهو هتان لڏي ويا آهن. ڪيترن ته هن شعبي کي ئي خيرباد چئي ڇڏيو آهي. اهڙي ريت انٽرنيٽ ۽ سي ڊيون به انهن ڌمڪين جي زد ۾ رهيون آهن. جن انڪار ڪيو تن جي دڪانن تي ڌماڪا ڪري نقصان رسايو ويو. جنهن بعد باقي جيڪي بچيا تن هن ڪاروبار کي ختم ڪرڻ ۾ ئي عزت سمجهي.

No comments :

Post a Comment