Social Icons

Showing posts with label Interesting News. Show all posts
Showing posts with label Interesting News. Show all posts

Thursday, November 28, 2013

..........ٽنڊي الهيار ۾ ننڍو قد رکندڙ شاگرد صلاحيتن جو مجموعو بڻي

Tando Allahyar Issue
 ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ بهادر خان دائوداڻي جو رهواسي ٻن فوٽن جو قد رکندڙ شاگرد صابر دائي داڻو صلاحيتن جو مجموعو بڻيل آهي، اسڪول ۾ پڙهائي ۾ سمورن شاگردن کان هوشيار ۽ پڙهڻ لکڻ ۾ سڀنيءَ کان تيز آهي ۽ راندين جي ميدان ۾ به هن سان ڪير نٿو پهچي هو ڪرڪيٽ توڙي ۽ ٻين سرگرمين ۾ به انتهائي گهڻو تيز آهي، گيت ڳائي هو دليون موهڻ به ڄاڻي ٿو، سندس مٺڙو آواز ٻڌندڙن تي سحرطاري ٿو ڪري وجهي ۽ جڏهن هو نچي ٿو انتهائي مهارت سان ناچ ٿو ڪري منهن ڏسي نه تڪيون به ريس ڪنديون آهن عوامي آواز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ٻڌايو ته ٻن فوٽن جو قد قدرت ڪيو آهي، آئون زندگي کي ڀرپور جيئڻ ٿو چاهيان پڙهي لکي سٺي نوڪري ڪندس، شادي پنهنجي قد کان وڏي زال سان ڪندس هن چيو ته منهنجي عمر 16 سال ۽ قد ٻه فوٽ آهي ٽين درجي ۾ پڙهيان پيو مون کي ويساهه آهي ته اعليٰ تعليم حاصل ڪندس

Sunday, November 17, 2013

.....................ادا شادي ڪئي اٿم

Picture6 ليکڪ: جاويد بوزدار
                          پري کان نظر آيو عجيب حالت هيس، ڌڌڙ ۾ ڀڀوت لڳو پيو هو، وارن،مُنهن، مڇن، هٿن، پيرن، ڪنڌ ڪپڙن تي مٽي ئي مٽي هيس، رڳو اکيون ۽ ڏند نظر پئي آيس، جنهن مان لڳو ٿي ته هي به ڪو آدم جو اولاد آهي نه ته لڳي ها ته ڪو مٽي مان ٺهيل بت آهي جيڪو هلندو اچي. سندس چال مان لڳو پئي ته ٻيلي ڪو ڏٺل همراهه آهي نه ته سڃاڻپ کان چڙهيل هو.
ڪجهه ويجهو آيو ته يڪدم ياد اچي ويو ته هي ته سانول آهي، اهو سانول جيڪو جڏهن به ڏس ته صاف سٿرو، تيل ڦليل ڪيل، اڇو اجرو نظر ايندو هو. پورا پنا پر گهنڊيدار وار، وچان سينڌ نڪتل، وار پوئتي ورايل، جن مان سدائين ڏونگهي جي تيل جي خوشبو ايندي هئي. مڇون وٽيل، جاڙا ڀرون، خوبصورت وڏيون ڪاريون اکيون، انهن ۾ سرمو پاتل، اٿا خوبصورت ڏند، چپ ڳاڙها ڄڻ مساڳ لڳل هجي، اڇا ڪپڙا جيڪي، جهولو هجي مٽي جو طوفان هجي واچوڙو هجي، گرمي هجي يا سخت سيءُ پر سدائين صاف نظر ايندا هئس. هٿ ۾ رومال، پيرن ۾ چيڪاٽ ڪندڙ سنڌي سليپر، جيڪو کيس ڏسندو هو سانول ان جي دل ۾ مَنَهن اڏي ويهي رهندو هو. مرڪ سدائين سندس مُک تي هوندي هئي. سُجهندي ئي پنهنجو ڪم ڪار ختم ڪري پوءِ وتندو هو ڳوٺ ۾ تجلا ڪندو. ڪنهن سان کنئوس، ڪنهن سان ڀوڳ، ڪنهن سان چرچو، مون سان ۽ ڪجهه ويجهن دوستن سان هٿ کس به ڪندو هو، جو ڀاڪر ۾ ڀري ايڏو ته زور ڏيندو هو جو جسم مان ٺڪاءُ نڪري ويندا هئا. ڪڇهري جو به مور ، ڪڏهن ڪهڙي دڪان تي، ڪڏهن ڪنهن جي اوطاق تي، ته ڪڏهن ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ بيٺو چرچا ڪندو هو. ماڻهو هن کي به چرچا هڻندا هئا ۽ چرچا به ڪچا پر مجال آهي جو چڙي. بس وندرلڳي پئي هوندي هئي، هن ڀيري ڪافي مهينن کان پوءِ ملي رهيو هو، جو اسان رهون شهر ۾ پر هو ڳوٺ ۾ ئي رهجي ويو.
ويجهو آيو ته پڇيو مانس؛ سانول خير ته آهي؟ ڇا ٿي ويو اٿئي؟
سانول شوڪارو ڀري چيو ته ادا شادي ڪئي اٿم!

Friday, November 15, 2013

مڙس کي خواب ۾ زندهه ڏسي زال قبر کوٽائي ڇڏي


Pir Jo Goth issue
پيرجوڳوٺ  صدرجي ڀٽيون جي شيخ پاڙي ۾ 6 مهينا اڳ دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿيل مستري عبدالغني شيخ جي گهرواري مسمات شبانه شيخ پنهنجي ڏيرن عبدالرزاق ۽ ٻين کي ٻڌايو ته سندس مرحوم مڙس خواب ۾ ڪيترائي ڀيرا آيو آهي ۽ کيس ايلاز ڪري رهيو آهي ته آءُ زنده آهيان مونکي قبر مان ڪڍرايو وڃي عورت جي اسرار تي فوت ٿيل مستريءَ جي ڀائرن عبدالرزاق ۽ ٻين ڪيترن ئي عبدالرحمان انڙ پوليس کي اطلاع ڏيڻ بعد قبرستان مان مرحوم مستري عبدالغني جي قبر ڪشائي ڪئي لاش ڳريل ڏسي کيس ٻيهر دفنايو ويو ان سلسلي ۾ عبدالرزاق شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته سندس ڀاڄائي ۽ پاڙيوارن کي خواب ۾ ڀاءُ جي زنده هجڻ جي اشاري بعد ڀاڄائي جي گهڻي اسرار ڪرڻ تي قبر ڪشائي ڪئي ويئي پر سندس مرحوم ڀاءُ جو لاش ڳريل هيو بعد ۾ کيس ٻيهر دفنايو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته مرحوم کي 4 ٻارن جو اولاد آهي

Thursday, November 14, 2013

”ٿنڀي تي چڙهڻ جو شرط“ مدئجي ڀرسان ڌنار ڪرنٽ ۾ سڙي ڪوئلو

Madeji Issue مدئجي ڀرسان ڳوٺ خدا بخش بروهي جي پويان واپڊا جي هاءِ ٽرانسميشن لائين 66 هزار ڪي وي جي پول تي چڙهڻ لاءِ بروهي برادري جي 5 ڌنارن پاڻ ۾ شرط رکي. ان موقعي تي 17 ورهين جو محمد صالح بروهي ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي ئي سڙي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڪيترائي ڪلاڪ هاءِ ٽرانسميشن جي ٽاور ۾ لٽڪيل رهيو. ڳوٺاڻن پاران هاءِ ٽرانسميشن لائين جي هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو ۾ اطلاع ڏنو ويو، جتان بجلي سپلاءِ بند ڪرائي وئي، جنهن بعد نوجوان جو لاش رسن ذريعي هيٺ لاٿو ويو. سندس لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو

Snakes in a Bank...

Bullet Proof Clothes

Tuesday, November 12, 2013

زندگي ۾ خوش رهڻ لاءِ سس سان لاڳاپا بهتر بڻايو: نئين تحقيق


Picture11                         عورتون هن ڳالهه کي تسليم ڪن يا نه ڪن پر سائنس هن ڳالهه کي ضرور مڃي ورتو آهي ته پنهنجي سس سان گڏ وقت گذارڻ شادي شده زندگي کي وڌيڪ خوشگوار بڻائي سگهي ٿو. آسٽريليا ۾ ڪيل هڪ نئين تحقق ۾ هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته پنهنجي سس سان گهڻو گڏ رهڻ يا ملڻ جلڻ سان محبتون وڌن ٿيون ۽ گهريلو زندگي خوشگوار ٿئي ٿي، تنهن ڪري سس کان پري رهڻ بدران سندس ويجهو رهڻ ۾ ئي ننهن کي خوشي ملندي.

اليڪٽرڪ گاڏين کي چارج ڪندڙ روڊ


Picture6                         هي اهو روڊ آهي جنهن جي هيٺان وڇايل بجلي جي تارن ذريعي اليڪٽروميگنيٽ فيلڊ ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان بس هيٺان لڳايل اوزار بجلي پيدا ڪري ٿو ڏکڻ ڪوريا هن روڊ کي اهڙي طريقي سان ٺاهيو آهي جو هن تي هلندڙ گاڏين کي چارج ڪري سگهجي ٿو. اختيارين جو چوڻ آهي ته هي دنيا ۾ سڀ کان پهريون روڊ آهي، جيڪو گاڏيون چارج ڪري ٿو. هن جي ڊيگهه 12 ڪلو ميٽر آهي جنهن جو مطلب ته جن گاڏين ۾ اهڙو اوزار لڳل هوندا تن کي بيهڻ جي ضرورت نه پوندي ۽ هلندي هلندي چارج ٿي وينديون.
عوامي بسون هن ٽيڪنالاجي مان وڏو فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. سال 2015ع تائين هن ۾ 10 وڌيڪ بسن جو اضافو ڪيو ويندو. ڪوريا ايڊوانس انسٽيٽيوٽ آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي ڪاٽسٽ جو ڊانگ هو چوڪا جيڪو هن پروجيڪٽ جو سربراهه آهي. تنهن جو چوڻ آهي ته نهايت فخر جهڙي ڳالهه آهي جو اسان هن منصوبي ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون. هي يقينن عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت مهيا ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جو هڪ وڏو موقعو آهي. هن جي چارجنگ جو طريقو ٻڌائيندي هن چيو ته بس هيٺان لڳل هڪ اوزار روڊ مان شيپڊ ميگنيٽڪ فيلڊ ان ريزفيش نالي ٽيڪنالاجي وسيلي بجلي حاصل ڪري ٿو. هن روڊ جي سطح اٽڪل 17 سينٽي ميٽر تائين مٿي آهي.