Social Icons

Showing posts with label Karachi & Sindh. Show all posts
Showing posts with label Karachi & Sindh. Show all posts

Friday, November 15, 2013

سنڌين جي “ڪراچي ايجندا” ڪٿي آهي

Picture14ليکڪ: سرويچ ساريو
 سنڌ اسيمبليءَ مان مڪاني نظام وارو بل پاس ٿيڻ ، سنڌ جي وڏن تعليمي ادارن جا اختيار گورنر کان کسڻ ، پابندي مڙهيل امن ڪميٽيءَ جون سرگرميون وڌڻ، سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي بد امني ڪيس جو ن ٻڌڻيون جاري رهڻ ۽  انهن سڀني کان اهم ۽ بنيادي ڳالهه ته مرڪزي توڙي صوبائي اقتدار جي گهوڙي پاران سنڌي دشمن دهشتگرد ٽولي کي وڻ ٻڌڻ نه ڏيڻ ، ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل اهڙا فيصلا ۽ عملَ آهن ، جنهن سنڌي دشمن دهشتگرد مافيا کي ڪراچيءَ ۾ امن جو بهانو بڻائي فوج گهرائڻ جو مطالبو ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
ڪراچيءَ ۾ فوج جي مقرريءَ واري مطالبي کان پوءِ  پوري تيزيءَ سان هڪٻئي پويان اهم واقعا ۽ لقاءَ  ٿيندا رهيا آهن. ڪجهه مامرا پارليامنيٽ اندر  اٿيا  ته  ڪجهھ انهيءَ کان ٻاهر  سامهون آيا، پر  سموري بحث جو حاصل مطلب ڪراچيءَ  ۽ ان مان ڏوهارين جي پاڙ  پٽڻ  جي حوالي سان هو ، انهن واقعن جي مختصر ترتيب ڪجهه هينئن ٿي بيهي ته :  سڀ کان اڳ ۾ سنڌي دشمن دهشتگرد ٽولي ڪراچيءَ ۾ فوج جي مقرري جو مطالبو ڪيو ، انهيءَ کان پوءِ  قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ  ۽ پوءِ  ميڊيا ۾ دهشتگرد ٽولي جي نمائندن ساڳيو مطالبو پر زور انداز ۾ رکيو،  انهيءَ مطالبي جي حاصلات لاءِ آئين جي فقري  245  کي اهڙي نموني بيان ٿي ڪيو ويو ، ڄڻ پورو آئين ان فقري جي بنياد تي ٺهيو هو. ٽي وي اينڪر پرسنسس پنهنجي سموري توانائي ڪراچي مسئلي ڏانهن وقف ڪرڻ شروع ڪري ڏني ، ٻئي ڏينهن تي  وفاقي ڪابينا ۾  ڪراچيءَ جي هڪ نڪاتي ايجنڊا تي غور ويچار ٿيو ، پوءِ وفاقي وزيرن جا ويچار َ ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جَي خاڪي جِي صورت ۾ سامهون آيا، ڪابينا جي انهيءَ  اجلاس بابت گھرو وزير پريس ڪانفرنس ڪري انهيءَ تجويز ڪيل آپريشن جي سموري ذميواري سنڌ حڪومت تي لاڳو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ به ڪراچيءَ ۾ فوج گھرائڻ جو مطالبو جيئن جو تيئن جاري رهيو ، انهيءَ وچ ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي دشمن دهشتگرد ٽولي، پنهنجي من پسند واپارين جي ٽولڙي ٺاهي انهن سان  گڏجي  نه رڳو مظاهرو ڪري ساڳيو مطالبو  ورجايو، پر“’اڻ ڄاتل” مدي تائين هڙتال جو چتاءُ به ڏئي ڇڏيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪراچي بد امني ڪيس جي ٻڌڻي به هلي پئي ته سنڌ حڪومت ڏوهارين خلاف خلاف وٺ پڪڙ جون هدايتون  به جاري ڪيون ،  سنڌي دشمن دهشتگرد ٽولي جا ڪجهه نالي چڙهيا ڏوهاري گرفتار ٿيا ، ملڪي ايوانن ۾ ٻائيتال مچي ويو ، قومي اسيمبليءَ  ۾ ته واڪ آئوٽ، نعريبازي ۽ وٺ وٺان شروع ٿي وئي ۽ ڏوهارين جي گرفتاريءَ کي انساني حقن جي لتاڙ ، جمهوريت جي منهن تي مڪو، جاگيرداراڻي سوچ جو مظهر  ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا نالا ڏنا ويا. ساڳئي ڏينهن تي گھرو وزيرَ ،  قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي آپريشن بابت تجويز ڪيل خاڪو پيش ڪيو ، جنهن جي پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي، جميعت العلماءِ اسلام کان ويندي فاٽا جي ميمبرن به حمايت ڪئي ته ڪراچيءَ  ۾ امن امان جِي بحالي ء َ لاءِ  جيڪڏهن ڏوهارين جي خلاف ڪو آپريشن ڪيو وڃي ته هو سڀ حڪومت سان  گڏ هوندا. پر انهن سمورن واقعن کان وڌيڪ اهم ڪراچيءَ جي صورتحال تي وفاق جي پيش ڪيل رپورٽ آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو“مهاجر ريپبلڪن آرمي” جو ذڪر سامهون آيو ۽ ان  رپورٽ ۾ سپريم ڪورٽ آڏو مختلف تجويزون به رکيون ويون. ان کان پوءِ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جي ڪراچي ياترا ٿي ، جنهن کان پوءِ گذريل  ٻن ڏينهن کان هي سٽون لکڻ تائين  وزير اعظم نواز شريف پنهنجي پوري ٽيم سميت ڪراچيءَ  ۾ ترسيل آهي ، وزير اعظم جي صدارت ۾ ڪراچي مسئلي  جي حل لاءِ گهڻ رخو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف گڏجاڻين جو سلسلو جاري آهي. وزير اعظمَ ،  گورنر هائوس ۾ گذريل ڏينهن سنڌ جي سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين، واپارين، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ بيوروڪريسي سان  ڊگهيون گڏجاڻيون ڪيون،  انهن ئي گڏجاڻين جي روشنيءَ ۾ وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس ٿيو ، ۽ هاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ، گهرو وزير چوڌري نثار علي ، ڪابينا اجلاس جا تفصيل ٻڌائي چڪو آهي .
وفاقي گهرو وزير جي ميڊيا بريفنگ موجب: “ رينجرز جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٻن ڏينهن اندر ڪراچيءَ ۾ انهن ڏوهارين خلاف ٽارگيٽڊ ايڪشن شروع ڪيو ويندو ، جيڪي ڏوهاري نشانو بڻائي قتل ڪرڻ ، ڀُنگ خاطر اغوا ڪرڻ ، ڦر ۽ دهشتگرديءَ جي وارداتن ۾ ملوث هوندا .ان “ايڪشن” يا “ايڪسرسائيز” جي نگراني وڏي وزير جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ڪميٽي ڪندي ۽ ان “ايڪشن” جا قانوني پاسا ويچارڻ لاءِ  هڪ ٻي ڪميٽي به جوڙي وئي آهي .ڪراچيءَ جي هر ضلعي پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ رينجرز کي به جاچ جوچ ڪرڻ جو اختيار هوندو .  آپريشن جو هر پاسي کان جائزو وٺڻ لاءِ سول سوسائٽيءَ جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي پڻ جوڙي ويندي” .
ان حقيقت ۾ واقعي به ڪو وڌاءُ ناهي رهيو ته سنڌ جي دل ، يا روشنين جو شهر ڪراچي ، ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪرملنز ، ڪاٽڪن ، قاتلن ۽ مافيائين جي  محفوظ پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي،  جتي بدامني ۽ لاقانونيت جو بادشاهه پنهنجي پوري موج ۽ مستيءَ ۾ نچي ۽ ڪڏي رهيو آهي .
ملڪ جي سڀ کان وڏي بندر گاهه وارو شهر  مڪمل طور يرغمال بڻيل ۽ مختلف مافيائن جي قبضي ۾ اچي چڪو آهي ، سموري رياستي مشينري قاتلن ۽ ڪرمنلز آڏو  بيوس بڻيل  آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ قانون لاڳو ڪرڻ جي ذميواري کڻي، پنهنجن ڪلهن تي ٻه ٻه -ٽي ٽي ڦول سجائي هلندڙ  هِن  رياست جا لاڏلا  قاتلن کي پنهنجي ڪَڇ ۾ ويهاري کين پاڻ ۾ ٺاهه ڪرڻ جا جتن ڪن ٿا ،  پر پوري رياستي مشينريءَ مان ڪو به اهڙو ماڻهو ناهي ، جيڪو قانون جا “فولادي” هٿ سڌا ڪري کين سمجهائي ته هن شهر ۾ قاتلن ۽ جلادن جي من ماني نه هلندي ،  پر رياست ۽ حڪومت جو ڪنٽرول هر حال ۾ برقرار رهندو.
ڪراچيءَ ۾ انتظامي بيوسيءَ، لاچاريءَ  ۽ رياستي ڪمزوري ءَ جا واڪا ، ملڪ جي مٿاهين عدالت آڏو “ڪراچي بدامني ڪيس” ۾ پڙاڏا بڻبا رهيا آهن، جتي آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز سوڌو سمورا ادارا انتهائي لاچاري ڏيکاري رهيا آهن، يا ائين کڻي چئون ته هو  ملڪ جي مٿاهين منصف آڏو اهو اعتراف ڪري چڪا آهن  ته “اسان ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهون”.
سپريم ڪورٽ ۾ جڏهن،  ٻن  وڏن  بندرگاهن ، اڻ ڳڻيل فش هاربر س ، 10 هزار کان وڌيڪ صنعتن ، ملٽي نيشنل ڪمپنين ، ملڪ جي سڀ کان وڏي هوائي اڏي،  واحد آئل ريفائنري، اسٽيل مل ، اسٽيٽ بئنڪ، نيوي، پورٽ اينڊ شپنگ سوڌو ٻين کوڙ سارن وفاقي توڙي دفاعي ادارن جي هيڊ آفيسن واري شهر  ۾ ڪوبه قانون  نه هجڻ جو اعتراف ٿيندو رهيو ، تڏهن ملڪ جي منصف جا به حواس خطا ٿيندا رهيا ،  ۽ ائين ٿئي به ڇو نه ،  جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ سمورا ادارا ، ملڪ جي سڀ کان وڏي عدليا ۽ چيف جسٽس آڏو اچي اهو  چون ته:“ پورو شهر مافيائن جي ور چڙهيل آهي  ۽اسان ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون”!
اڃان به حيرت تڏهن پئي ٿِئي ته ڊي آءِ جي ڊاڪٽر امير شيخ اعلى عدلت کي اهو به چوي ٿو:“ 92ع جي آپريشن ۾ جن به پوليس آفيسرن حصو ورتو ، ڪراچيءَ ۾ انهن کي چونڊي چونڊي ماريو ويو”.
عدالت کي اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته : “ڪراچي بندرگاهه تان هٿيارن سان ڀريل نيٽو جا 19 هزار ڪنٽينر چوري ٿي ويا”. اهو چوڻ جي حد تائين ته بغير ڪنهن ڪامان جي هڪ ڦل اسٽاپ وارو جملو آهي ، پر اهو ننڍو جملو پوري ملڪ جي رياستي رِٽ کي للڪار ڪري ٿو . اسان وٽ ٻهراڙيءَ ۾ ٻڪريءَ جي چوري به نه لڪندي آهي، ڀاڳيا پيرا کڻي اچي در تي بيهندا ، کاٽ جو سامان به ظاهر ٿي پوندو آهي. پر هتي ،  پاڪستان جي هن سڀ کان وڏي شهر ۾  جنهن جي ٻاڙيءَ  ٻاڙيءَ تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳل آهن ، جتي اوهان سگنل به ٽوڙيو ٿا ته سي سي ٽي وي ڪئميرا جي اک اوهان جي رڪارڊنگ ڪري ٿي وٺي ، اتي هڪ نه ، ٻه نه ، ڏهه نه ، سوَ نه ، هزار نه ، پر هيڏا سارا 19 هزار ڪنٽينر بندرگاهه تي لٿا، اتان شهر جي ڪهڙي علائقي ۾ ويا، ڪنهن چورايا؟ پاڪستان جي ڪنهن به اداري کي انهن جي ڄاڻ ناهي يا ڄاڻ آهي ته ڪو نالو کڻڻ لاءِ تيار ناهي، ڦورن ۽ چورن خلاف ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.ملڪ جا سيڪيورٽي ادار ۽ حڪمران  ، انساني تباهيءَ جي هيڏي وڏي راتاهي تي ڇو خاموش آهن؟ مصلحتون ڪهڙيون به هجن ، جيڪڏهن حڪمران 19 هزار ڪنٽينر چورن تائين نه ٿا پهچي سگهن ته انهن کي ملڪ جي حڪمراني ڪرڻ جو ڪو به حق نه آهي ۽ اسان کي به اهو حق نه ٿو رسي ته اسان اهڙي ملڪ کي ڪو ملڪ ئي سمجهون ، جنهن ۾ مٺ جيترا ڪجهه دهشتگرد پوري ملڪ کي پنهنجي منشا موجب هلائڻ جي صلاحيت رکن ۽ پوري ملڪي فورس انهن آڏو بي وسيءَ جو کليل اعلان ڪندي به ڪا ندامت محسوس نه ڪري!
انهن ڪنٽينرن بابت هڪ ٻيو سوال به اڪثر اسان کي پريشان ٿو ڪري ته اهي ڪنٽينر به ڪنهن بي ڌڻڪي ماڻهوءَ يا واپاريءَ  جا نه پر نيٽو جا هئا، جيڪي افغانستان وڃڻا هئا. نيٽو پنهنجو اهو بارود، هٿيار يا ٻيو سامان ڪو پوسٽ ڪري يا ڪوريئر ذريعي ته ڪونه اماڻيو هوندو ، ضرور نيٽو جو عملو، سو به فوجي عملو، جنهن جي سربراهي دنيا جو سڀ کان وڏو ٽيڪنالاجي ۾ امير ترين ملڪ آمريڪا ڪري رهيو آهي، ڇا انهن کي به خبر ناهي ته سندن هٿيارن سان ڀريل ڪنٽينر ڪيڏانهن ويا؟! اسان جي ادارن کي ته ڇڏيو ، پر ڇا نيٽو به هن معاملي جي انڪوائري نه ڪئي هوندي؟!يا اهي ڪنٽينر آيا ئي انهن لاءِ هئا ، جن کي مليا ، ۽ پوري اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته ائين ئي هوندو ، نه ته تورا بورا جي جبلن کي به ساڙي خاڪ ڪندڙ امريڪا انهيءَ “چوريءَ” بهاني هن وقت هن ملڪ جي مالڪ بڻجي چڪي هجي ها ، اهي به آخر خاموش ڇو آهن؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي ، جنهن جو جواب هن ملڪ جي حڪمرانن ، رياستي ڪارندن ، سيڪيورٽي ادارن ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وٽ لازمي هوندو ، ۽ عوام کي ان خطري کان باخبر رکڻ سندن ذميواري آهي.
“ڪنٽينر چورن” سان  ڪهڙي ڊيل ٿي، يا نيٽو سميت سگهارن ادارن کي انهن کان ڪهڙو ڪم وٺڻو هو/آهي ، ان سوال جو  بروقت جواب نه ڏيڻ ۽ “چورن” جي ڏاڙهيءَ مان ڪک نه ڪڍڻ ڪراچيءَ تان هٿ کڻن کان سواءِ ٻي ڪهڙي معنا رکي ٿو ؟!
انهن 19 هزار  ڪنٽينرن بابت چيو پيو وڃي ته انهن ۾ نه رڳو خطرناڪ جنگي هٿيار هئا، جيڪي پاڪستان جي دفاعي ادارن وٽ به ناهن، پر  اهو خطرناڪ ڪيميڪل به هو ، جيڪو تورا بورا ۾ اسامه کي ڳولهڻ لاءِ جبلن تي هاريو ويندو هو ته تورا بورا جا جبل به سڙي خاڪ ٿي ويندا هئا. ڪراچيءَ ۾ وڪيلن کي جيئري ساڙڻ  ۽ بولٽن مارڪيٽ کي ڪجهه لمحن ۾ هيروشما ۽ ناگا ساڪيءَ جو ڪو علائقو بنائڻ سميت ڪجهه بسن تي جيڪو ڪيميڪل هاري باهه ڏني ويئي، انهن سمورن وارداتن ۾ استعمال ٿيل ان ڪيميڪل جي شدت ساڳي ئي معلوم ڪئي وئي آهي.
ان مٿين صورتحال کي اڃان سادي نموني سمجهڻ لاءِ  سپريم ڪورٽ جا اهي  ريمارڪس سونهون بڻجن ٿا ته :  “ڪراچيءَ ۾ قبضي جي جنگ آهي”. هي ڪو عام رواجي يا ننڍڙو  جملو ناهي ، پر اهو جملو بنيادي سوال ٿو اٿاري ته  ڪراچيءَ تي قبضو ڪير ڪرڻ  چاهي ٿو؟ جنگ ڪنهن جي وچ ۾ آهي؟ جڏهن عدالت ۾ قبضي جي جنگ جو ذڪر ٿيو ته“مهاجر ري پبلڪن آرمي” جو به ذڪر ٿيو ، ۽ اهو ذڪر ڪو زباني نه،  پر  وفاقي سرڪار جي سپريم ڪورٽ ۾  جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڪيو ويو ، ۽ اها رپورٽ ڪنهن هوائي توائي ماڻهوءَ نه ، پر ملڪ جي اٽارني جنرل جي انتهائي اهم عهدي تي موجود انتهائي ذميوار ۽ ڪنهن شڪ کان آجي محب وطن شخص جمع ڪرائي آهي، ۽ اها رپورٽ وفاقي گهرو کاتي جي تيار ڪيل آهي ، جنهن کان خود وفاقي گهرو وزير انڪاري ناهي ، رڳو هو اها رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي “ضرورت” محسوس نه ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي ، انهيءَ ڪري اهڙي رپورٽ جي “غلط” هجڻ بابت شڪ جي ڪا به گنجائش باقي نه ٿي رهي. ان رپورٽ جي پس منظر ۾   چيف جسٽس جا اهي ريمارڪس انتهائي اهم آهن ته : “ڪراچيءَ ۾ ڪو به  لساني مسئلو ناهي ، قبضي جي جنگ هلي رهي آهي، ملڪ جي سلامتي داءَ تي لڳل آهي”.
ان مٿين بحث مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته : “ڪراچيءَ اندر  جن  جن قوتن کي ، جن  جن  ادارن ، ملڪن يا مافيائن پاليو ، هاڻي انهن جي ڪم وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي ته سڀني پنهنجو پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن قوتن ، گروپن، ملڪن يا ٽولن جو بنيادي مقصد ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي” .
جڏهن ملڪ جو سڀ کان وڏو جج چوي ته: “ڪراچيءَ ۾ قبضي جي جنگ آهي، ملڪي سلامتي خطري ۾ آهي”  ته اسان کي صورتحال سمجهڻ گهرجي. چيف جسٽس به ڪنهن  اجائي ٻڌل ڳالهه تي راءِ نه پيو ڏئي، پر سندس عدالت ۾ گذريل هڪ سال کان “ڪراچي بدامني ڪيس” هلي رهيو آهي، جنهن ۾ سوين، هزارين ثبوت، شاهديون، آڏيون پڇائون، ڳجهن ادارن جون رپورٽون ۽ ٻيا ثبوت پيش ٿيا آهن، انهن سڀني کي ڏسي پوءِ عدالت راءِ ٿي ڏئي، ان ڪري سنڌي ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته آخر  ڇو ڪراچيءَ تي قبضي لاءِ ڪرائي دار وڙهي رهيا آهن ۽ ڀاڳيا ، پنهنجي شهر ، پنهنجي ڌرتيءَ جا مالڪ  خاموشيءَ سان  پري کان تماشو ڏسي رهيا آهن ۽ سندن اهو تماشي ڏسڻ وارو “ شوق” سندن پيرن هيٺان ڌرتي ئي کسڪائي ويندو.
ڪم ڪراچيءَ کي سنڌ جي دل سمجهڻ  ۽ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ وارن کي ِ اسان جي لاشن تان گذرڻ واري خوش فهميءَ يا کوکلي جذبات پڻي کان گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي ۽ پنهنجي شهر جي وارثي ڪرڻ لاءِ ٺلهين ڳالهين کان هٽي ڪري اهڙي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ، جيڪا اسان جي شهر ۽ ديس جي سلامتيءَ سان واڳيل هجي ، باقي سرڪار جا ٽپڙ ، ٽَيشِڻ تي ڪڏهوڪو پهچي چڪا آهن ، جنهن جو ثبوت سپريم ڪورٽ ۾ گذريل ڏيڍ سال کان ڪي به نتيجا نه ڏئي سگهندڙ ڪاروائي ئي ڪافي آهي. انهيءَ ڪري سنڌ کي پنهنجي ماتا سمجهندڙ هر حلالي پٽ کي ڪراچيءَ جو مالڪ بڻجڻ لاءِ پوري سنجيدگيءَ سان اپاءَ وٺڻا پوندا ڇو ته ۽ سنڌ جي قومي سياست جو محور ڪراچيءَ کي بنائڻ کان سواءِ حالتون پنهنجي حق ۾ آڻڻ جا ڪي به امڪان نظر نه اچي رهيا آهن .