Social Icons

Showing posts with label Text. Show all posts
Showing posts with label Text. Show all posts

Saturday, November 9, 2013

Comments on news

آپريشن مان لڳي پيو ته ڄڻ وڏا دهشتگرد متحده وارا ئي آهن: رابطا ڪميٽي

ڪراچي ( پ ر) متحده قومي موومينٽ جي حق پرست سينيٽرن سرڪاري حراست ۾ وحشياڻي تشدد جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 23 جي سابق جوائنٽ يونٽ انچارج دلشاد احمد خان جي قتل کي  عدالت کان مٿانهون قتل سڌي سخت  لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي دوران سرڪاري حراست ۾ تشدد جي ڪري دلشاد احمد خان جو عدالت کان مٿڀرو قتل آئين ۽ قانون کي ليڙون ليڙون ڪرڻ جي برابر آهي ۽ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجن مقصدن جي پورائي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي سياسي، جمهوري ۽ آئيني حق کي بري طرح سان تباهه ڪري پئي،  هنن چيو ته جڏهن کان ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ائين گرفتار ڪيو پيو وڃي ڄڻ ته اهي ئي سڀني کان وڏا دهشتگرد ۽ ڏوهاري آهن، جڏهن ته اصل ڏوهاري، ڀتا خور ۽ دهشتگرد قانون نافذ ڪرڻ وارن جي لاءِ اڄ به هڪ چئلينج بڻيل آهن.

Friday, November 8, 2013

هڪ ڇِرڪائيندڙ حقيقت


مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سال 2014ع جي بيچلرز ڊگري پروگرام لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو انعقاد ڪرايو. جنهن ۾ شاگردن جي ڀيٽ ۾ شاگردياڻين جو تناسب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ هو، ان جو ڪارڻ ڇا آهي، اهو هر اهلِ علم کي معلوم آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترن ئي سالن کان اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جن يونيورسٽيءَ جي ساکَ کي به متاثر ڪيو آهي، انهن واقعن جي پيشِ نظر به شاگردياڻيون ۽ انهن جا والدين انهن کي داخلا ڏيارڻ کان لنوائين ٿا، ٻيو ته ٺهيو پر پري انٽري ٽيسٽ جي انعقاد واري ڏينهن نئين ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي آجيان ئي جڏهن گولين جي ٺڪائن سان ڪئي وڃي، ته ظاهر آهي ته ان يونيورسٽيءَ  ۾ داخلا لاءِ ڪنهن جي دل چوندي ۽ گولين جي آواز سان پري انٽري ٽيسٽ لاءِ آيل 2 شاگردياڻيون بيهوش ٿي ويون، ان مان اندازو لڳايو ته، ڪو پنهنجي نياڻيءَ کي موت جي منهن ۾ موڪلڻ پسند ڪندو؟ ان کان علاوه روز ڪيترائي اڻوڻندڙ واقعه شاگردياڻين سان پيش اچن ٿا، جنهن جو هو بهادريءَ سان مقابلو ڪن ٿيون، اگر ڪي ويچاريون برداشت نٿيون ڪري سگهن، ته پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي هليون وڃن ٿيون. ان لاءِ ضروري آهي ته، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا کي جوڳا انتظام ڪرڻا پوندا ۽ يونيورسٽيءَ جي ماحول کي پرامن ۽ سازگار بڻائڻو پوندو. مشهور چوڻي به آهي ته، مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو ۽ عورت پڙهي ته سڄو گهر پڙهيو.

صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنل چانورن جو هاءِ برڊ ٻج

صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنل چانورن جو هاءِ برڊ ٻج
هاءِ برڊ  Hybrid جي معنيٰ آهي مخلوط نسل يا ٻن جزن جو ميلاپ ڪري غير فطري نسل تيار ڪرڻ. هن وقت ڏکڻ سنڌ ۾ 90 سيڪڙو ۽ اُتر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تقريبن 60 سيڪڙو ايراضيءَ تي هاءِ برڊ چانور پوکجي رهيا آهن ۽ هر سال هن قسم جي چانورن جي پوکيءَ ۾ اضافو اچي رهيو آهي، هاءِ برڊ ٻِج، جنهن کي عام آبادگار چائنا جو ٻِج چون ٿا، اهو ٻج صرف هڪ دفعو پوکڻ جي خاصيت رکي ٿو، جنهن ڪري هن قسم جي چانورن جو مُلهه ملڪ اندر توڙي ٻاهر گهٽ ملي رهيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي هن قسم جي سارين جو اگهه مارڪيٽ ۾ گهٽ ملي رهيو آهي، انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ انڊيا ۽ ٿائلينڊ جي ڪورس چانورن جا اگهه هاءِ برڊ ٻج نه هئڻ سبب 480 ڊالر کان 500 ڊالرز تائين في ٽن ملهه آهي، جڏهن ته اسان جا چانور هاءِ برڊ سان مڪس هئڻ سبب 370 کان 375 ڊالر في ٽن وڪامجي رهيا آهن. زراعت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ۽ اهو ڪوبه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي، ته آخر اهڙي قسم جي چانورن جي ٻجن کي امپورٽ ڪرڻ ۽ سنڌ، بلوچستان ۾ پوکڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ جڏهن ته پنجاب ۾ 60 لک ايڪڙن تي ساريون پوکيون وڃن ٿيون مگر اتي هڪ سيڪڙو ايڪڙ تي به هاءِ برڊ ساريون پوکيون نه ٿيون وڃن، خود چائنا گورنمينٽ زراعت ۾ هن قسم جي جينيٽيڪل ماڊيفائيڊ چانورن جي مخلوط نسل ٻج ٺاهڻ ۽ پوکڻ جو نوٽيس وٺندي هن عمل کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چائنا جي هڪ اهم شخصيت ايگرانامسٽ ڪانفرنس ۾ چانورن جي اهڙي قسم جي ٺاهڻ تي سائنسدانن تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو آهي ته، اهڙي مخلوط نسل جا ٻج ٺاهي انسانن جي لاءِ نه پر جانورن لاءِ کاڌو تيار ڪيو وڃي ٿو.، هن سختيءَ  سان چيو ته، چائنا گورنمينٽ کي  G.Mچانورن جي ٻج ٺاهڻ ۽ پوکڻ تي بندش وجهڻ گهرجي، هن بحث دوران واضح ڪيو ته، جيڪي ايڪسپورٽرس اهڙي قسم جا چانور ٺاهي  ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهن، انهن کي پابند ڪيو وڃي، ته هو هر چانورن جي ٻوريءَ تي G.M  رائيس جو ٺپو لڳائين، ته جيئن استعمال ڪندڙن کي خبر پوي. ان باوجود اسانجي  زراعت کاتي جا آفيسر خاموش آهن ۽ انهن کي ٿورو به احساس ناهي، ته اسان جا لکين ڊالر زرعي مبادلا ڪمائيندڙ چانور انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ٻين ملڪن جي چانورن جي ڀيٽ ۾ نهايت گهٽ قيمت ۾ وڪامجي رهيا آهن، جنهن جو منفي اثر چانورن جي آبادگارن تي پئجي رهيو آهي. ان صورت ۾ زراعت کاتي جا ريسرچ فارم ڇا ڪري رهيا آهن؟؟! جڏهن ته اسان امپورٽ ٿيل ٻج استعمال ڪري رهيا آهيون، يورپي يونين پنهنجي ويب سائيٽ تي اهڙن خوراڪي جنسن کي استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪي جنسون  جينيٽيڪل ماڊيفائيڊ (G.M) ٻجن سان تيار ڪيون وڃن ٿيون. ان سلسلي ۾ اسانجي چانورن جي آبادگارن کي به سوچڻ گهرجي ته، جيڪڏهن اسانجي هن عمل سان پنهنجا بار بار پوکي ٿيندڙ نسلي ٻج ختم ٿي ويا ته پوءِ ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ هن وقت نسلي سارين جو صاف سٺو ٻج جنهن ۾ ايري 6، ڊي آر 282، 283، 292، ايري 9 وغيره جي سراسري قيمت في ڪلو 37 روپين ۾ موجود آهن، جڏهن ته هاءِ برڊ جا ٻج 800 روپين کان 1000 روپين تائين في ڪلو وڪرو ڪيا وڃن ٿا. اسان جا نسلي ٻج آڳاٽي، وچولي ۽ پاڇاٽي مند ۾ پوکي سگهجن ٿا، جڏهن ته هاءِ برڊ ٻج صرف پاڇاٽي پوکي سگهجي ٿو، اُپت ۾ ساڳي محنت ۽ ڪيميائي ڀاڻ وغيره جو ساڳيو وزن ڏيڻ سان في ايڪڙ جي پيداوار ۾ هاءِ برڊ سراسري 7 کان 9 مڻن جو فرق بيهي ٿو، جڏهن ته ٻئي طرف نسلي ٻجن جي سارين چانورن جو اگهه هاءِ برڊ  جي ڀيٽ ۾ مٿي ملي ٿو، جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته، ماضيءَ ۾ اسان جي نسلي ٻجن مان تيار ڪيل چانور انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ 480 ڊالر في ٽن تائين  کپندا رهيا آهن. ڪجهه سالن کان پنجاب چانورن جي هڪ نان باسمتي  جنس،  (C-9) جي نالي سان متعارف ڪرائي آهي، جيڪا اُتر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به ڪاميابيءَ سان پوکي وڃي ٿي، هن جنس جو داڻو سنهو ۽ تقريبن 7 ملي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو، هن جي سراسري پيداوار في ايڪڙ تي 45 کان 50 مڻ تائين ملي ٿي، ايڪسپورٽ ۾ هن جنس جو اگهه بهتر ملڻ سبب لوڪل مارڪيٽ ۾ سارين جو اگهه في مڻ 1200 کان 1250 روپيا تائين آهي، هن جنس جو ٻج نسلي سارين وانگر بار بار پوکي سگهجي ٿو، هِيءَ جنس جولاءِ جي آخر تائين پوکي سگهجي ٿي.

General Knowledge

Thursday, November 7, 2013

روز 3 ڪوپ چانهن پيئڻ سان ڏندن جو سور گهٽجي ٿو

 گهڻي چانهه پيئڻ جا ڪيترائي نقصان ته سامهون ايندا رهن ٿا پر هڪ نئين تحقيق موجب چانهه پي ڏندن جي سور کان بچي سگهجي ٿو. برطانيه ۾ ٿيل هڪ تحقيق موجب روز 3 ڪوپ چانهه پيئڻ سان ماڻهو جي ڏندن توڙي مهارن ۾ ماڪوڙو نه ٿو لڳي، تحقيق ۾ هي به چيو ويو آهي ته ڪهوو ڏندن ۾ وڌندڙ ويجهن ان قسم جي سڀني ڪيڙن ماڪوڙن سان وڙهڻ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿو جيڪي سور ڪن ٿا. تحقيق ۾ هي به چيو ويو آهي ته سائي چانهه به ڏندن جي لاءِ ڏاڍي فائدي واري آهي ان سان ساهن ۾ به خوشبو اچي ٿي

ڏاڪڻيون چڙهندڙ روبوٽ

جاپان ۾ انسان جي روزاني واري زندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ نت نوان ۽ جديد روبوٽ تخليق ڪيا وڃن ٿا. پر هاڻي ته هڪ اهڙو روبوٽ به تيار ڪيو ويو آهي جيڪو ڏاڪڻيون چڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن وارو هي روبوٽ هڪ آٽوميٽڪ نظام تحت نهايت ڦڙتيءَ ۽ مهارت سان ڏاڪڻ تي چڙهي به ٿو ۽ لهي به ٿو. هن روبوٽ کي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪري نمائش جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. هن جي منفرد بناوٽ ۽ سجاوٽ جي ڪري ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.

جيڪڏهن ڪو قدر ڪرڻ وارو نه ملي ته به نيڪي ڪرڻ نه ڇڏيو.
(حضرت علي رضه)
جڏهن انسان جي روش خدا جي حڪمن موجب بڻجي وڃي ته اهو دشمن کي به دوست بڻائي ڇڏيندو آهي.
(اب بيطار)

Heart Attack Signs

 هارٽ اٽيڪ جون نشانيون
ضروري ناهي ته هر ڀيري هارٽ اٽيڪ جي علامت کاٻي ٻانهن ۾ سور هجي، بلڪ ڄاڙي ۾ شديد سور به هارٽ اٽيڪ جي علامت آهي. 60 سيڪڙو ماڻهن کي ننڊ ۾ هارٽ اٽيڪ ٿيندو آهي ۽ اهڙي ريت کين ننڊ ۾ ئي اچي ويندي آهي، جڏهن ته ڄاڙي جو سور اهڙو آهي جنهن سان اگهور ننڊ وارو ماڻهو به جاڳي پوي ٿو. تنهن ڪري ان جو گهڻو خيال رکو ڇو ته جيتري اوهان کي گهڻي ڄاڻ هوندي اوترائي هارٽ اٽيڪ کان بچڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا

ڪم مڪمل ڪريو يا ننڊ

هڪ تازي سروي موجب 23 سيڪڙو آمريڪين کي اوجاڳي جي بيماري آهي جنهن سان آمريڪي معيشت کي ساليانو 63.2 بلين ڊالر جو نقصان ٿئي ٿو. تازو ئي آمريڪا جي اڪيڊمي آف سليپ ميڊيسن پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ساليانو بنياد تي هر آمريڪي شهري کي اوجاڳي جي بيماري يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري جي ڪري 11.3 ڏينهن جو نقصان ٿئي ٿو.هاورڊ ميڊيڪل اسڪول ۾ نفسياتي بيمارين جي ماهر ۽ هن سروي ۾ شامل ڊاڪٽر رونلڊ ڪيسلر جو چوڻ آهي ته ”اسين انهن نتيجن جو جائزو وٺڻ بعد اچرج ۾ پئجي ويا سين ته ننڊ نه اچڻ يا وري گهٽ آرام ڪرڻ سان عام ماڻهو جي زندگي تي ڪيترو بُرو اثر پوي ٿو. ڊاڪٽر ڪيسلر وڌيڪ چيو ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته گهٽ سمهڻ سان آمريڪي شهري ڪم ڪونه ڪندا آهن. ان جي ابتڙ آمريڪي پنهنجي ملازمت واري جاين ڏانهن ويندا آهن پر ڪم تمام گهٽ ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر ڪيسلر موجب هن سروي ۾ آمريڪا جي 7 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي شامل ڪيو ويو.اِها رپورٽ ڊاڪٽر ڪيسلر جي هن سروي جو حصو هئي جنهن جو نالو American Insomnia Study رکيو ويو آهي. اِها ريسرچ سال 2008 جي شروعات ۾ ڪئي وئي. هن سروي موجب اِها بيماري ليڊيز ورڪرز ۾ مردن کان وڌيڪ آهي. هن سروي ۾ شامل 27.1 سيڪڙو عورتن کي اوجاڳي يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري آهي جڏهن ته مردن ۾ اِها شرح 19.7 سيڪڙو هئي.ڊاڪٽر ڪيسلر موجب کيس خبر آهي ته ننڊ نه اچڻ جي ڪري آمريڪي معيشت کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. سروي موجب هن بيماري جي علاج لاءِ هر مريض ساليانو 200 ڊالر خرچ ڪري ٿو.

ڇا موبائل سان ڪينسر ٿئي ٿو

عام طور تي موبائل تي تنقيد ڪندڙن جو هي چوڻ آهي ته ان جي استعمال سان وقت ۽ پئسي جو زيان ٿئي ٿو. حادثن جو به خطرو هجي ٿو ظاهر آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو گاڏي هلائيندي ميسيج پڙهندو. ته حادثن جو خطرو ته هوندو. پر ڪجهه ماڻهو موبائل جي گهڻي استعمال کي ڪينسر جي خطري سان ڀيٽي رهيا آهن. ڪن نڪ ۽ ڳلي جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم الله ٿهيم وائس آف آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته موبائل فون ايمرجنسي جي صورتحال ۾ يا ڪا ضروري ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ مختصر دورانئي لاءِ استعمال ڪرڻي آهي گهڻو وقت ڳالهائڻ نقصانڪار هجي ٿو ڇو ته موبائل مان نڪرندڙ برقي مقناطيسي اثر انساني صحت کي نهايت نقصان ڏئي سگهن ٿا. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته فون کي ڪن تي رکي گهڻي دير تائين ڳالهائڻ سان ڪن ۽ دماغ متاثر ٿي سگهن ٿا. تنهن ڪري موبائل کي ڪن کان ڪجهه پري رکي ڳالهائڻ گهرجي. ٿي سگهي ته اسپيڪر فون يا هينڊس فري اوزارن جو استعمال ڪرڻ گهرجي. فون ملائڻ وقت يا ڪنهن جو فون کڻڻ (رسيو ڪرڻ) وقت موبائل کي خاص   طور تي ڪن کان پري رکيو وڃي ڇو ته ان وقت تمام گهڻي تابڪاري خارج ٿيندي آهي