Social Icons

Friday, December 13, 2013


ٻڌڻ به هڪ فن آهي


اينٽي ڪرپشن

  اينٽي ڪرپشن جو نالو مون تڏهن ٻڌو جڏهن 1977ع ۾ منهنجو والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن سکر ٿيو. بابو سائين مرحوم اڪثر ڪچهري ۾ دوستن کي چوندو هو ته انگريز سرڪار هي اينٽي ڪرپشن کاتو نه ٺاهي ها ته هوند اسان جي سنڌ جا ڪامورا کاتا ئي هڙپ ڪري وڃن ها.  مونکي ته هاڻي اينٽي ڪرپشن جو جج ٿيڻ تي خبر پئي آهي ته آفيسر ته لکن جا لک ايئن هضم ڪيو وڃن ڄڻ ڪا سندن ابن ڏاڏن جي ميراث هجين. بابا سائين مرحوم ته پنهنجو وارو وڄائي ويو پر انهيءَ وقت مان ٻار هيس ۽ ان وقت مون کي اها ڳالهه چڱي طرح  سمجهه ۾ ڪونه پئي آئي پر خدا جي قدرت مان 1993ع ۾ ايل ايل بي ڪري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت سروع ڪئي 1994ع ڌاري هڪ اخبار ۾ اينٽي ڪرپشن انسپيڪٽرن جي ڀرتي لاءِ اخبار ۾ استهار آيو منهنجي استاد ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ ڪجهه وڪيل دوستن جي چوڻ تي درخواست موڪلي ڏني ۽ پوءِ سڀني مرحلن مان نڪرندو ميرٽ تي پاس ٿيس ۽ اينٽي ڪرپشن شهداد ڪوٽ جو سرڪل آفيسر مقرر ٿيس. جيئن ته شهداد ڪوٽ منهنجو اباڻو ڳوٺ هو تنهن ڪري غريب مسڪين ماڻهن جي مون وٽ تمام گهڻي اچ وڃ شروع ٿي وئي. تڏهن ئي مونکي بابو سائين مرحوم جا چيل مٿيان جملا ذهن تي تري آيا ۽ انهن جملن کي سمجهڻ لڳس. منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت جو هي واحد کاتو آهي جنهن ۾ جيڪڏهن سرڪل آفيسر نيڪ نيتي سان ڪم ڪري ته غريب مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جون دعائون کيس الائي ڪٿي کان ڪٿي پهچائي ڇڏين مان اينٽي ڪرپشن کاتي سنڌ جي تاريخ جي ننڍي ۾ ننڍي عمر وارو سرڪل آفيسر هيس.  محنت، شوق ۽ ايمانداري سان ڪم کي چنبڙي ويس، مون وٽ ڪوبه غريب ستايل پهتو نه آهي ۽ منهنجو روح يڪدم ۾ انهيءَ جي دادرسي لاءِ بي چين ٿيڻو نه آهي. ڪافي غريبن جا ڪم ته رڳو فون تي ئي چوڻ سان حل ٿيو وڃن ڪنهن کي خط ڪنهن کي ڪارڊ ڪنهن سان وري گڏجي آفيسرن ڏي وڃڻ کين انصاف وٺرائي ڏيڻ اهو سڀ مون پنهنجي دور ۾ ڪيو ۽ ڪري رهيو آهيان. سنڌ صوبي جي مختلف ڪافي ضلعن جو سرڪل آفيسر ٿي رهيس ۽ هاڻي ترقيون ماڻيندو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايگزيڪيوٽو ميرپور خاص ڊويزن آهيان. هي مضمون لکڻ جو مقصد فقط هي آهي ته اسان جي سنڌ جو عوام خاص ڪري ٻهراڙي جو ڏاڍو اٻوجهه ۽ گهٽ تعليم رکندڙ آهي انهن کي اها خبر ئي ڪونه آهي ته جيڪڏهن اسان سان ڪو آفيسر ظلم ۽ زيادتي ڪري ته ڪيڏانهن وڃون پوءِ اهي اٻوجهه يا ته وڃي پيرن، ڀوتارن، سردارن پيرن ۽ ميرن جا پير وٺندا آهن يا وري ڪنهن وڪيل معرفت ڪنهن آفيسر يا ڪورٽ وغيره تائين پهچڻ جي ڪوسس ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي مسڪين ۽ پيرن اگهاڙا سالن تائين پيا پريشان ٿيندا آهن پر جيڪڏهن اهي بجاءِ رئيسن، ڀوتارن ۽ وڏيرن جي اوطاق تي وڃڻ اسان وٽ پهچن ۽ فقط هڪ سادي پني تي ڪنهن به سرڪاري آفيسر يا ملازم جي طرفان سامڻن ٿيل زيادتي لکي ڏين ته انهن جو ڪم هوند بنا ڪنهن منٿ ايلاز جي ٿي پوي. انهيءَ لاءِ فقط هڪ درخواست تي اسان انڪوائري ڪري پختا ثبوت هٿ ڪري يڪدم ايف آءِ آر جي ٿي پوي. انهيءَ لاءِ فقط هڪ درخواست تي اسان انڪوائري ڪري پختا ثبوت هٿ ڪري يڪدم ايف آءِ آر ڪٽڻ لاءِ کندا آهيون. ايف آءِ آر ڪٽڻ جي اجازت لاءِ پهرين گريڊ کان 8 گريڊ تائين ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر، 9 گريڊ کان 16، گريڊ تائين ڪمشنر ۽ مٿين جي گريڊ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ اجازت ڏيندو آهي. ايف آءِ آر ڪٽڻ کان پوءِ باقاعده جاچ شروع ٿي ويندي آهي ۽ اهڙي طرح هڪ دفعو وري ٻيهر پڪا پختا ثبوت هٿ ڪري پوءِ ئي ڪيس کي چالان ڪيو ويندو آهي ۽ ان ريت فريادي (عرضدار) جو ڪم (ڪيس) مضبوط کان مضبوط ٿيندو ويندو آهي. اڪثر ڪري عوام ۾ اهو تاثر هوندو آهي ته اينٽي ڪرپشن وارن کي اسان درخواست ڏني ڪافي وقت ٿي ويو آهي پر اڃا تائين ڪجهه به ڪونه ڪيو اٿئون. اهو تاثر انهن جي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي پر انهيءَ دير ۾ سندن جو ڪيس تمام گهڻو مضبوط ٺاهيو وڃي ٿو. اسان وٽ عام پوليس وانگر لٺ واري ڳالهه ته آهي ئي ڪوبه اسان وٽ آهي قلم ۽ حق واري ڳالهه. مسڪين ماڻهو جڏهن سڀ جا سڀ در آزمائي نااميد ٿيندا آهن ته پوءِ ئي اسان وٽ اچي پهچندا آهن. مون وٽ الائي ڪيتريون ناريون توڙي مرد روئيندا پٽيندا هاءِ گهوڙا ڪندا آفيس ۾ پهتا ۽ انصاف ملڻ تي دعائون ڏيندا کلندا خوس ٿيندا واپس ويا. اسان وٽ گهڻو آزاد پوليس ۽ روينيو کاتي جو رهيو آهي ٻهراڙي منجهه غريب کي پوليس لٽي ڦري ڍڳا ڍور وڪڻائي فقير ڪريو ڇڏين مٿان وري اٻوجهه روايتي وڏيرن جو هيسيل ماڻهو ويچارو خوف کان اُف به ڪو نه چوندو انهيءَ ڊپ کان ته مٿان پوليس وري به نه ٽارچر ڪري مان هتي واضح ڪندو هلان ته اسان وٽ پوليس جي خلاف بي شمار ڪيس داخل ٿيا آهن انهن ۾ عرضدارن کي ته پوليس آفيسرن منٿون ميڙون به ڪيون آهن ڪن موقعن تي پوليس آفيسر پاڪ ڪتاب سان ٺاهه ڪيو نه ته جيڪڏهن اسان جي مٿان ڪيس ثابت ٿيو ۽ چالان ٿيو ته اسان جون ترقيون ئي ڪونه ٿينديون.
مونکي ڪامريڊ ڄام ساقي جا لفظ اڪثر ياد ايندا رهندا آهن جيڪي هن منهنجي ڀرتي ٿيڻ جي موقعي تي چيا هئا نادر اينٽي ڪرپشن کاتو به عدليه جي ڀيڻ اٿئي حقيقت ۾ مان خود به بنيادي طرح وڪيل رهيو آهيان عرضدار کي ڪورٽ ۾ وڃڻ لاءِ به ته وڪيل کپي غريب ماڻهو کي پيٽ پالڻ لاءِ اٽو به نه هجي ته پوءِ اهو مسڪين ڪٿان آڻيندو وڪيل صاحب جي في پر انهيءَ جي برعڪس جيڪڏهن جي هو اسان وٽ رڳو هڪ روپئي واري اڇي پني تي درخواست لکي ڏئي ته پوءِ ڏسي ته ساڻس انصاف ٿئي ٿو يا نه انهيءَ جو واضح ثبوت آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتو، صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کان وٺي ڪمشنرن ۽ چوٽي جي وڏن وڏن آفيسرن کي چالان ڪري چڪو آهي تازو ئي حڪومت سنڌ اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ انقلابي قدم کڻندي هر ڊويزن ۾ انچارج ڪمپلينس سيل قائم ڪري ڇڏيا آهن جتي فوري طور انصاف مهيا ڪيو وڃي ٿو ميرپور خاص ڊويزن لاءِ مونکي انچارج مقرر ڪيو ويو آهي جتي صبح  9 بجي کان شام 5 بجي تائين منهنجا دروازا عوام لاءِ هميسه جيان کليل آهن جيئن ته ڪرپشن هاڻي سڄي دنيا جو هڪ وڏو ۽ اهم مسئلو ٿي چڪو آهي انهيءَ کي مد نظر رکندي اقوام متحده 9 ڊسمبر تي سموري دنيا جي ملڪن ۾ اينٽي ڪرپشن جو انٽرنيشنل ڊي ملهائڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت سنڌ به عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن وڌيڪ 9 ڊسمبر تائين مختلف پروگرام رکي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڇا؟ هو انگريزي لفظ اينٽي ڪرپشن سمجهن ئي نٿا جيڪڏهن کين چڱي طرح سمجهائجي ته سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کان مٿي ڪوبه اهڙو ادارو آهي ئي ڪونه جو بغير وڪيل جي في ۽ بغير سردارن، ڀوتارن، رئيسن، جاگيردارن ۽   وڏيرن جي پيرن پوڻ جي ڪم ٿيو وڃي.


General Knowledge,