Social Icons

Showing posts with label Pakistan. Show all posts
Showing posts with label Pakistan. Show all posts

Monday, November 11, 2013

ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون هاڻي پاڪستان ۾ ٺهندا




laptop                         پاڪستان ۾ ليپ ٽاپ ڪمپيوٽرن جي لاڳيتي وڌندڙ گهرج ۽ هرمند نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي سرمائيڪارن جي مدد سان ليپ ٽاپ کي پاڪستان ۾ ٺاهڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ ليپ ٽاپ ڪمپيوٽرن جي گهرج ۾ غير معمولي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. جنهن جو سبب پنجاب صوبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي حڪومت پاران مفت ليپ ٽاپ ڏيڻ پڻ آهي. يارنهن مئي وارين چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر ورهائڻ واري هن منصوبي کي ٻين صوبن تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ وفاق جي انتظام هيٺ تعليمي ادارن جي شاگردن کي ڪمپيوٽر ڏيڻ جي ذميواري اعليٰ تعليم جي انتظامي اداري هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) کي سونپي وئي آهي. هن منصوبي تي عمل ڪرائڻ لاءِ مختلف ادارا مضبوط رٿابندي تي غور ڪري رهيا آهن. ايڇ اي سي جي ترجمان محمد مرتضيٰ نور وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته ان حوالي سان تازو ئي اسان جي اداري جو ۽ سرمائيڪاري بورڊ جي سربراهن جو اجلاس ٿيو آهي. هن چيو اسان جي اداري جي چيئرمين جاويد لغاري جي ڪوشش آهي ته جڏهن ان سلسلي ۾ ايڏي وڏي سيڙپڪاري ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ڇو نه پنهنجي ئي ملڪ ۾ اهڙو پلانٽ لڳايو وڃي جنهن ۾ ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر تيار ۽ اسيمبل ڪيا وڃن، ترجمان هن پلانٽ جا فائدا ٻڌائيندي چيو ته مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ليپ ٽاپ نه رڳو سستا هوندا پر پلانٽ لڳڻ سان روزگار جا موقعا به وڌندا. هن پلانٽ جي لاءِ 50 سيڪڙو ماڻهو ٽيڪنيڪي تربيت متعلق وزيراعظم پروگرام مان فائدو وٺندڙ شامل ڪيا ويندا. مرتضيٰ نور ٻڌايو ته تازي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سرمائيڪاري بورڊ ليپ ٽاپ اسيمبلي پلانٽ لڳائڻ لاءِ جلد ئي بين الاقوامي سرمائيڪارن جي ڪانفرنس منعقد ڪندو. هي پلانٽ ليپ ٽاپ سان گڏ پيا مواصلاتي پرزا ۽ موبائل فون به ٺاهيندو.

بدنام ترين ملڪن ۾ پاڪستان ڪهڙي نمبر تي؟

Pakistan map                         ڪجهه ڳالهيون دل کي ڀلي نه وڻن پر ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ ئي گهرجي ته دنيا اسان کي ڪيئن پئي ڏسي. هڪ بين الاقوامي مشاورتي فرم ملڪ جي ماڻهن جي اعتماد، انتظاميا، احترام ۽ ماڻهن جو هڪ ٻئي سان تعلق کي سامهون رکندي نيڪ نام ملڪن جي هڪ فهرست تيار ڪئي آهي. 50 ملڪن جي هن فهرست ۾ ڪينيڊا کي مسلسل ٽئين سال به دنيا جو نيڪ نام ترين ملڪ ٻڌايو ويو آهي جڏهن ته سئيڊن ٻئي ۽ سوئيزرلينڊ ٽئين نمبر تي آهي. ان طرح آسٽريليا چوٿين نمبر تي نيڪ نام ملڪ آهي. جنهن کان پوءِ ناروي پنجين، ڊئنمارڪ ڇهين، نيوزيلينڊ ستين، فن لينڊ اٺين، نيڌرلينڊ نائين ۽ آسٽريا ڏهين نمبر تي آهي. ان فهرست ۾ عراق دنيا جو بدنام ترين ملڪ آهي جنهن کانپوءِ ايران ٻئين نمبر تي ۽ پاڪستان ٽئين نمبر تي بدنام ترين ملڪ طور ٻڌايو ويو آهي ۽ جي ٿورو اڳتي ڏسجي ته ٽاپ 5 بدنام ترين ملڪن ۾ نائيجيريا چوٿين ۽ روس پنجين نمبر تي موجود آهن.