Social Icons

Sunday, November 10, 2013

Northern Lights

Gham-e-Hussain

Gham-e-Hussain


Holy Quran

Ghouspur

17 Housing Societies of SUKKUR

Returning Officer appointed in SHIKARPUR

Veena Malik About Sheikh Rasheed

Ghost Teachers

dangerous Storm in Philpine

12 منٽن تائين ڦاهي تي لڙڪڻ باوجود قيدي بچي ويو


Picture8                         چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو هوندو آهي. هي مثال ته اوهان ٻڌو ئي هوندو پر هن جي حقيقت ۾ ايران ۾ تڏهن سامهون آئي هڪ منشيات سمگلر کي 12 منٽن تائين ڦاهي تي لڙڪايو ويو پر ان جي باوجود هو زنده بچي ويو. پرڏيهي خابرو واري اداري موجب 37 سالن جي علي رضا کي هلندڙ  مهيني جي شروع ۾ منشيات سمگلنگ جي الزام ثابت ٿيڻ تي ڦاهي ڏئي وئي هئي. 12 منٽن تائين ڦاهي تي لڙڪڻ بعد ڊاڪٽرن کيس مئل قرار ڏئي ڇڏيو تنهن هوندي به ايندڙ ڏينهن تي جڏهن علي رضا کي دفنائڻ جي تياري ڪئي وئي پئي تڏهن جيل جي عملي کيس ساهه کڻندي ڏٺو جنهن تي کيس ٻيهر اسپتال نيو ويو، ايراني خابرو اداري ارنا جو چوڻ آهي ته علي رضا هن وقت ڪوما ۾ آهي. هن جي هوش جو تناسب صرف 6 سيڪڙو آهي، قيدي جي ڪوما ۾ هجڻ ڪري ڊاڪٽر هن جي ڪنهن به قسم جي سروي به نه ٿا ڪري سگهن. ٻئي طرف ايران ۾ هينئر قانوني ماهرن ۾ گهرما گرم بحث هلي رهيو آهي ته جوبدار کي ٻيهر ڦاهي ڏيڻ گهرجي يا نه ؟ ڪجهه هن جي مخالفت ڪري رهيا آهن. هنن جو چوڻ هو پنهنجي حصي جي سزا ڀوڳي چڪو آهي تنهن ڪري ٻيهر کيس موت جي سزا نه ڏيڻ گهرجي.

ڪنڌڪوٽ ۾ جرڳو، نوجوان جو خون ايس ايڇ او تي ثابت: 27 لک رپيا ڏنڊ


ڪنڌڪوٽ:  نوجوان کي ماريندڙ ايس ايڇ او گل محمد مهر
ڪنڌڪوٽ: نوجوان کي ماريندڙ ايس ايڇ او گل محمد مهر
 ڪنڌڪوٽ ۾ چار مهينا اڳ پوليس جي تشدد ۾ مارجي ويل ڳوٺاڻي غلام سرور باجڪاڻي جي خون جو جرڳو، ايس ايڇ او گل محمد مهر ڏوهي ثابت، مٿس 27 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. باقي پوليس اهلڪارن سان ٺاهه نه ٿيو. نوجوان جو ڪيس ايس ايڇ او سميت 7 اهلڪارن تي پڻ داخل ٿيل آهي. 3 لک رپيا معاف ڪيا ويا، هڪ لک موقعي تي ادا ڪيو ويو. تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن پوليس ڪچي جي ڳوٺ قمبر باجڪاڻي جي رهواسي نوجوان غلام سرور باجڪاڻِي کي مبينا ڦورو هجڻ تي گرفتار ڪري سخت تشدد ڪيو، جيڪو تشدد سبب فوت ٿي ويو، جنهن جي خون جو جرڳو ڪالهه ڳوٺ قمبر باجڪاڻي ۾ پير آف ڀرچونڊي ميان عبدالخالق، چيف مقدم شير احمد خان باجڪاڻي ۽ سعيد احمد خان جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، ٻنهي ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي، ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ چيف مقدم شير احمد خان باجڪاڻي فيصلي جي فتويٰ پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ نوجوان جي خون جو عيوضو 6 لک رپيا، 15 لک پوليس جي زيادتي، بي رحماڻو تشدد ڪرڻ جا 5 لک رپيا خرچ جا ۽ هڪ لک رپيا جيڪي اي سيڪشن پوليس ڪجهه وقت هڪ ڳوٺاڻي کي گرفتار ڪري رشوت وٺي ڇڏي ڏنو، اهي به ورتا ويا. مجموعي طور  27 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، جنهن ۾ 3 لک رپيا معاف ڪيا ويا ۽ هڪ لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا ويا، باقي رقم ٽن مهينن ۾ ادا ڪئي ويندي. تشدد ۾ فوت ٿيل نوجوان جو ڪيس ايس ايڇ او گل محمد مهر سميت 7 اهلڪارن تي پڻ داخل ٿيل آهي، جڏهن ته هي ٺاهه صرف ايس ايڇ او سان ڪيو ويو. باقي اهلڪارن سان نه ٿيو آهي. ان موقعي تي عبدالخالق مهر، انور مهر، مير اعجاز احمد باجڪاڻي سميت ٻيا به موجود هئا.