سنڌ جا ڪجهه اهڙا ڪردار به آهن جن تي جڏهن مان لکڻ جو سوچيندو آهيان تڏهن مونکي ڀٽائي جي هڪڙي
سٽ ذهن تي تري ايندي آهي. ته، ”مون کان مطالعو نا ٿئي، سندسي سُر صفت…“ اهي ڪردار سور اسم جي صفت جهڙا هوندا آهن ۽ اها صفت رڳو سنڌي گرامر جي بنيادي اٺن اکرن مان ئي هڪ ناهي هوندي پر انهن ڪروڙين سالن جي ڀوڳنا واري زهر جي ماريل هوندي آهي. جن دوران انسان ۽ سور جي پاڻ ۾ واقفيت ٿي آهي.
منهنجي لاءِ امر جليل سنڌ جي صديون پراڻن سورن واي قديم اسم جي اهڙي دردناڪ صفت آهي جنهن جي مطالعي ڪرڻ لاءِ هڪ ته ڪو نويڪلو جنم گهرجي ۽ ٻيو ته اهڙي مطالعي ۾ هڪ وڏو خطرو پڻ لڪل آهي جنهن جو سر سورٺ راءِ ڏياچ ۾ ڀٽائي ذڪر ڪيو هو. ”چار تنهنجي چنگ جو عجب آهم ايءُ، هڻين اڀو هٿن سين، جيئرو رکي جيءُ، رات منهنجو ريءُڪاٽيو تو ڪُماچ سين.“سو ڀٽائيءَ چارڻ کي مخاطب ٿي چيو هو ته مونکي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته تون سَئُو سِرن کي ڪاٽڻ واري سنگيت به چوائين ٿو ۽ پاڻ کي جيئرو به رکيو اچين. ان جو مونکي عجب آهي. سو امر جليل جهڙي سورائتي اسم جي صفت تي سوچڻ، ويچارڻ کوجنا يا مطالعو ڪرڻ خطري کان خالي ناهي. سنڌ جو اهو درد جيڪو هڪ انتهائي حساس ليکڪ ۽ ڪلاڪار طور امر جليل محسوس ڪري ٿو ان جو ايتريءَ ئي حساسيت سان مطالعو ڪندڙ ڪو ماڻهو ضرور محسوس ڪندو ته هو ڏهه هزار ورهيه چڪايل مڌ اهڙي ڪنهن پيالي ۾ پي رهيو آهي جيڪو مهين جي دڙي جي کوٽائي مان ڳولي لڌو ويو آهي ۽ پوءِ ايڏي پراڻي چڪايل مڌ ۾ هر دور جي نانگن جو جيڪو زهر اوتيل هوندو سو ان ماڻهوءَ کي ڪيترو جيئڻ ڏيندو سو اوهان پاڻ تصور ڪري سگهو ٿا، منهنجي خيال ۾ اهڙي طويل تاريخي درد جي گهايل ڪنهن شخص کي مطالعي جي ڪا مونکي پنهنجن ماڻهن سان ٻيهر جيئرو ڪري نه سگهندي.
سنڌ جا ڪجهه اهڙا ڪردار به آهن جن تي جڏهن مان لکڻ جو سوچيندو آهيان تڏهن مونکي ڀٽائي جي هڪڙي
سٽ ذهن تي تري ايندي آهي. ته، ”مون کان مطالعو نا ٿئي، سندسي سُر صفت…“ اهي ڪردار سور اسم جي صفت جهڙا هوندا آهن ۽ اها صفت رڳو سنڌي گرامر جي بنيادي اٺن اکرن مان ئي هڪ ناهي هوندي پر انهن ڪروڙين سالن جي ڀوڳنا واري زهر جي ماريل هوندي آهي. جن دوران انسان ۽ سور جي پاڻ ۾ واقفيت ٿي آهي.
No comments :
Post a Comment