Social Icons

Showing posts with label Text & Image. Show all posts
Showing posts with label Text & Image. Show all posts

Saturday, November 9, 2013

ڇا توهان کي خبر آهي ته…


Picture12ماکي جي مک کي 1 ڪلو ماکي گڏ ڪرڻ لاءِ 20 لک گلن جي چوڌاري وڃڻو پوي ٿو.

صحت: پيريءَ تي اثرانداز ٿيندڙ جين جو پتو پئجي ويو


Picture11                         يورپي سائنسدانن هڪ تجربي جي مدد سان پيريءَ تي اثر انداز ٿيندڙ ان جين جو پتو لڳائي ورتو آهي. جيڪو صرف ماءُ کان ورثي ۾ ملي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته هاڻي وقت اڳي ئي چهري جي رونق وڃائڻ ۽ نرڙ ۾ پوندڙ گهنجن جي وڌڻ واري عمل کي ماحول توڙي لائيف اسٽائل کي ئي ذميوار نه ٿو ڪوٺي سگهجي، بلڪه جلد پوڙهائپ طرف وٺي وڃڻ ۾ اسان جي جين جو به اهم ڪردار آهي. هي موروثي جين خرابين سان گڏ جڏهن منتقل ٿين ٿا ته ان جا اثر نه رڳو چهري تي گهنجن پر وقت کان اڳ ئي پوڙهو ٿيڻ واري صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا نه رڳو ايترو پر زندگي کي به مختصر بڻائن ٿا. جرمني سوئيڊن سان تعلق رکندڙ سائنسدان جو چوڻ آهي ته والدين کان منتقل ٿيندڙ موروثي جين جيڪي اسان جي واڌ ويجهه ۽ جسماني بيهڪ تي به اثر انداز ٿين ٿا. اهي نارمل ۽ خرابيون رکڻ واري ڊي اين اي تي ٻڌل هجن ٿا. جيڪي هن نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿين ٿا. محققن جو چوڻ آهي ته پيريءَ وارو عمل هڪ ڳجهارت بڻيل آهي ته آخر جو ڪجهه ماڻهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ پهريان ئي پوڙهائپ اچي وڃي ٿي. انهن ڳالهين جو جواب اڃا نه ملي سگهيو آهي.

”لکيل پڙهيل “ سمارٽ فون ايپليڪشن


Picture9                         مارڪيٽ ۾اهڙي ايپلڪيشن به اچي وئي آهي جيڪا لکيل لفظن کي سمجهي انهن مان چڪون ڪڍي سگهي ٿي يا انهن کي بهتر بڻائڻ جي تجويز ڏئي ٿي.
ايپل جي شين آءِ پيڊ ۽ آءِ فون جي لاءِ ” ايڪوئل نوٽ“ نالي هڪ نئين ايپليڪشن متعارف ڪرائي وئي آهي. جيڪا پاڻ سان ڳنڍيل ” ايڪوئل نوٽ“ نالي هڪ سمارٽ پين سان لکيل  لفظ پڙهي انهن ۾ نه رڳو ردو بدل جون تجويزون ڏئي ٿي پر ان جي مدد سان لکيل لفظن کي اي ميل به ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن کي ميسيج موڪلي سگهجي ٿو. ان کان علاوه به گهڻي ڪم واريون شيون اٿس. هن ايپليڪشن کي تيار ڪندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهي هڪ اهڙي ايپليڪشن تيار ڪرڻ چاهن ٿا. جيڪا هر شئي کي پڙهي سگهي. کڻي اها ڪٿي به لکي وئي هجي. تنهن ڪري هن ڪمپني جيڪا شئي تيار ڪئي آهي اها ڪاغذ يا ڪٿي به لکيل لفظن کي آءِ فون يا آءِ پيڊ تي ڏيکاري ٿي. ان سان گڏ ايڪوئل نوٽ لکڻي ۾ بهتري جون تجويزون به ڏئي ٿي. ۽ گڏوگڏ ان کي اي ميل يا ڪنهن کي ميسيج جي طور تي آپشن به ڏئي ٿي. هي ايپليڪشن بلو ٽوٿ جو استعمال ڪندي ڊيٽا ٽرانسفر ڪري ٿي. هن ۾ هڪ سمارٽ پين ۽ هڪ رسيور جو استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪي انفرادي ۽ الٽرسونڪ لهرن ذريعي ڊيٽا کي هيڏانهن هوڏانهن اماڻن ٿا ايڪوئل نوٽ ذريعي تصويرون به ڪڍي سگهجن ٿيون. جن کي ايپليڪشن ذريعي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. نه رڳو ايترو پر سمارٽ فون سان اسڪيچ ۽ خاڪا به ٺاهي سگهجن ٿا.

فضل الرحمان ڪتي کي شهيد قرار ڏيڻ تي توبهه ڪري: سني علماءَ بورڊ

Sunni Tehreekاسلام آباد (م ڊ) : سني تحريڪ علماءَ بورڊ چيو آهي ته فضل الرحمان ۽ منور حسن اسلامي تعليمات جو مذاق نه اڏائين. هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته فضل الرحمان ڪتي کي سهيد قرار ڏيڻ تي توبهه ڪري. فضل الرحمان قرآني تعليمات جو مذاق نه اڏائي. ڪتي کي شهيد قرار ڏيڻ اسلام جي توهين آهي.