”بس عادت ٿي وئي آهي“، ”ڪاپيءَ کانسواءِ پاس نٿو ٿي سگهجي“، ”ڪاپيءَ کانسواءِ سٺيون مارڪون نه ملنديون آهن“ ”ريگيولر ڪلاس ئي اٽينڊ نه ڪيا آهن، تڏهن ته ڪاپيءَ جي ضرورت محسوس ٿي آهي“، آسانيءَ سان گائيڊ ۽ 5 سالن جا حل ٿيل پيپر ملي ٿا وڃن، امتحان آرام سان ٿيو وڃي، ڪتاب پڙهي ڇا ڪريون؟.....اها راءِ امتحان ڏيندڙ شاگردن جي آهي. اڄڪلهه تعليم جي تباهي جا گهڻا ڪارڻ ٻڌايا ويندا آهن پر ڏٺو وڃي ته، ظاهر ۾ ڪارڻ الڳ نظر ايندا آهن پر پس پرده خطرناڪ ڪارڻ ٻيا آهن، جن اسان جي تعليمي عمل کي اسرڻ ئي نه ڏنو آهي. ڪڏهن استاد، شاگرد ۽ مائٽ جي ٽڪنڊي کي ڏوهاري قرار ڏنو وڃي ٿو، ته ڪڏهن وري ان ٽڪنڊي کي چوڪنڊي ۾ تبديل ڪري ان ۾ تعليم کاتي کي به شامل ڪيو ويندو آهي. تعليمي عمل جي ڪاميابيءَ جو دارو مدار امتحاني عمل جي ڪاميابيءَ سان لاڳاپيل هجي ٿو. جيئن ئي امتحانن جي موسم شروع ٿيندي آهي ته، ان سان گڏ ڪاپي ڪرڻ جون شڪايتون به زور وٺڻ لڳنديون آهن، ڪاپي ڪرڻ هڪ مڪمل نظام جيان امتحاني عمل ۾ رائج ٿي چڪو آهي. ايترو اسان جو تعليمي عمل منظم نه آهي جيترو هي ڪاپي ڪرڻ جو نظام منظم هجي ٿو، پرائمري کان وٺي سيڪنڊري تائين ۽ سيڪنڊري کان هائير سيڪنڊري تائين، امتحاني طريقيڪار ۾ سالن کان ڪابه تبديلي نه آئي آهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري سطح تي پڙهايو ويندڙ نصاب نه اڄ علم جي جديد دور جي مطابق معلومات ڏيندڙ آهي ۽ نه وري امتحاني عمل ۾ شاگرد ڪا دلچسپي وٺن ٿا. امتحاني طريقيڪار اهڙو آهي، جو اهو صرف يادداشت جو امتحان ٿو ثابت ٿئي. شاگردن جي ذهني صلاحيت ۽ قابليت جي پرک نه ٿي ٿئي، سالياني امتحان ۾ نه استادن جي دلچسپي هجي ٿي، نه وري شاگردن جي. اهو عمل صرف ڪلاس جي تبديليءَ تائين محدود ٿي چڪو آهي.
Subscribe to:
Post Comments
(
Atom
)
No comments :
Post a Comment