Social Icons

Thursday, November 7, 2013

گنج پڻ جي علاج ۾ نئين اڳڀرائي


Picture8   سائنسدانن موجب ليبارٽري ۾ انساني وار پيدا ڪرڻ بعد اهي گنج پڻ جي خاتمي جي هڪ قدم وڌيڪ ويجهو پهچي ويا آهن. آمريڪي ۽ برطانوي سائنسدانن گڏيل طور تي نشوز جهڙا نوان وار پيدا ڪيا آهن. کين ان سلسلي ۾ اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن طريقي سان گنج پڻ جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. هي تحقيق طبي رسالي پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۾ شائع ٿي آهي. هن وقت گنجي پڻ جي علاج لاءِ وار ڇڻڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ يا ته دوائون ڪتب آنديون وڃن ٿيون يا وري ڪياڙي وٽان وار لاهي گنج وارن حصن ۾ انهن جي پيوند ڪاري ڪئي وڃي ٿي. برطانيا جي ڊرهم يونيورسٽي ۽ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جا سائنسدان هن ڪوششن ۾ آهن ته ماڻهوءَ جي مٿي تي نوان وار ڦُٽائي سگهجن. سندن شروعاتي منصوبو هي آهي ته وارن جي پاڙن مان حاصل ڪيل مادي جي مدد سان نوان وار ڦُٽايا وڃن پر جانورن ۾ هن   تجربي جي ڪامياب جي ابتڙ انسانن ۾ وار پيدا ڪرڻ جو عمل ڏاڍو گنڀير آهي
جڏهن به انساني وارن جي پاڙن مان گهرڙا ڪڍي پيوند ڪيا وڃن ٿا ته اهي نوان وار پيدا ڪرڻ بدران گهرڙا پيدا ڪرڻ لڳن ٿا. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انساني وارن جي گهرڙن کي بال جهڙي ڊش ۾ ڦُٽائڻ کان پوءِ مٿي تي پيوند ڪيو وڃي ته ان صورت ۾ اهي ٻيهر وار آڻڻ جي صلاحيت برقرار رکي سگهن ٿا.
سائنسدانن موجب ليبارٽري ۾ انساني وار پيدا ڪرڻ بعد اهي گنج پڻ جي خاتمي جي هڪ قدم وڌيڪ ويجهو پهچي ويا آهن. آمريڪي ۽ برطانوي سائنسدانن گڏيل طور تي نشوز جهڙا نوان وار پيدا ڪيا آهن. کين ان سلسلي ۾ اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن طريقي سان گنج پڻ جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. هي تحقيق طبي رسالي پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۾ شائع ٿي آهي. هن وقت گنجي پڻ جي علاج لاءِ وار ڇڻڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ يا ته دوائون ڪتب آنديون وڃن ٿيون يا وري ڪياڙي وٽان وار لاهي گنج وارن حصن ۾ انهن جي پيوند ڪاري ڪئي وڃي ٿي. برطانيا جي ڊرهم يونيورسٽي ۽ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جا سائنسدان هن ڪوششن ۾ آهن ته ماڻهوءَ جي مٿي تي نوان وار ڦُٽائي سگهجن. سندن شروعاتي منصوبو هي آهي ته وارن جي پاڙن مان حاصل ڪيل مادي جي مدد سان نوان وار ڦُٽايا وڃن پر جانورن ۾ هن تجربي جي ڪامياب جي ابتڙ انسانن ۾ وار پيدا ڪرڻ جو عمل ڏاڍو گنڀير آهي.
جڏهن به انساني وارن جي پاڙن مان گهرڙا ڪڍي پيوند ڪيا وڃن ٿا ته اهي نوان وار پيدا ڪرڻ بدران گهرڙا پيدا ڪرڻ لڳن ٿا. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انساني وارن جي گهرڙن کي بال جهڙي ڊش ۾ ڦُٽائڻ کان پوءِ مٿي تي پيوند ڪيو وڃي ته ان صورت ۾ اهي ٻيهر وار آڻڻ جي صلاحيت برقرار رکي سگهن ٿا.

No comments :

Post a Comment