Social Icons

Friday, November 8, 2013

نوان هنر، پراڻا ماڻهو


Picture14                 هڪ نئين تحقيق ۾ هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته جنهن موجب اهڙن پيرسن ماڻهن جي، جيڪي ذهن کي چئلينج ڪرڻ وارين سرگرمين ۾ حصو وٺن ٿا، ذهني استعداد ۾ وقت سان گڏ اضافو ٿئي ٿو. ماهرن عمر وڌڻ سان گڏوگڏ دماغ کي تيز ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. پر يونيورسٽي آف ٽيڪساس جي نفسياتي ڊاڪٽر ڊينيز پارڪ جو چوڻ آهي ته ان باري ۾ ڪو قطعي ثبوت موجود ناهي ته آيا دماغ کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان دماغي صلاحيت وڌيڪ بهتر بڻجي ٿي يا نه.
ڊينيز پارڪ جو چوڻ آهي ته هن جو هڪ سبب ته هي آهي ته انسانن سان تجربو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هي ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ته اوهان هڪ صورتحال ٺاهيو ۽ هڪ انسان کي تجربي طور ان ۾ رکو ۽ ان کي ٻڌايو ته ڪنهن وقت هن ڇا ڪيو يعني ڪهڙا ڪم ڪيا. تنهن ڪري ڊينيز پارڪ هڪ اهڙي تحقيق جي سربراهي ڪئي جنهن ۾ 221 پيرسن ماڻهن کي چونڊيو ويو ۽ انهن کي ٽن مختلف گروپن ۾ رکيو ويو. ڊينز پارڪ موجب اسان پيرسن ماڻهن جي هڪ گروپ کي هدايت ڪئي ته اهي نوان هنر سکن، مثال، سلائي ۽ فوٽو گرافي وغيره ٻئي گروپ کي چيو ته اهي مختلف سماجي ڪمن ۾ حصو وٺن. مثال ماڻهن سان گڏ اٿڻ ويهڻ وغيره اسان پيرسن ماڻهن جي نئين گروپ کي چيو ته اهي ذهني استعداد وڌائڻ وارين سرگرمين ۾ حصو وٺن. ٽن مهينن تائين هلندڙ هن تحقيق ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن کي هفتي ۾ 15 ڪلاڪ انهن سرگرمين لاءِ ڏنا ويا هئا. ٽن مهينن بعد تحقيق ڪندڙن کي معلوم ٿيو ته اهي پيرسن ماڻهو جن نوان هنر سکيا انهن جي ياداشت بهتر ڏٺي وئي. باقي انهن پيرسنن جي صلاحيتن ۾ ڪو فرق نه آيو جيڪي گروپن جي صورت ۾ ٻاهر نڪتا دوستن سان ڊاڙا ٺڪاءَ هڻي موٽي آيا اهڙي ريت انهن ماڻهن جي صلاحيتن ۾ به ڪو خاص اضافو نه ڏٺو ويو جن موسيقي ٻڌي يا ڪو ٻيو ڪم ڪيو.

No comments :

Post a Comment