مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سال 2014ع جي بيچلرز ڊگري پروگرام لاءِ پري انٽري ٽيسٽ جو انعقاد ڪرايو. جنهن ۾ شاگردن جي ڀيٽ ۾ شاگردياڻين جو تناسب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ هو، ان جو ڪارڻ ڇا آهي، اهو هر اهلِ علم کي معلوم آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترن ئي سالن کان اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جن يونيورسٽيءَ جي ساکَ کي به متاثر ڪيو آهي، انهن واقعن جي پيشِ نظر به شاگردياڻيون ۽ انهن جا والدين انهن کي داخلا ڏيارڻ کان لنوائين ٿا، ٻيو ته ٺهيو پر پري انٽري ٽيسٽ جي انعقاد واري ڏينهن نئين ايندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي آجيان ئي جڏهن گولين جي ٺڪائن سان ڪئي وڃي، ته ظاهر آهي ته ان يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ ڪنهن جي دل چوندي ۽ گولين جي آواز سان پري انٽري ٽيسٽ لاءِ آيل 2 شاگردياڻيون بيهوش ٿي ويون، ان مان اندازو لڳايو ته، ڪو پنهنجي نياڻيءَ کي موت جي منهن ۾ موڪلڻ پسند ڪندو؟ ان کان علاوه روز ڪيترائي اڻوڻندڙ واقعه شاگردياڻين سان پيش اچن ٿا، جنهن جو هو بهادريءَ سان مقابلو ڪن ٿيون، اگر ڪي ويچاريون برداشت نٿيون ڪري سگهن، ته پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي هليون وڃن ٿيون. ان لاءِ ضروري آهي ته، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا کي جوڳا انتظام ڪرڻا پوندا ۽ يونيورسٽيءَ جي ماحول کي پرامن ۽ سازگار بڻائڻو پوندو. مشهور چوڻي به آهي ته، مرد پڙهيو ته فرد پڙهيو ۽ عورت پڙهي ته سڄو گهر پڙهيو.
Friday, November 8, 2013
صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنل چانورن جو هاءِ برڊ ٻج
صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنل چانورن جو هاءِ برڊ ٻج
هاءِ برڊ Hybrid جي معنيٰ آهي مخلوط نسل يا ٻن جزن جو ميلاپ ڪري غير فطري نسل تيار ڪرڻ. هن وقت ڏکڻ سنڌ ۾ 90 سيڪڙو ۽ اُتر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تقريبن 60 سيڪڙو ايراضيءَ تي هاءِ برڊ چانور پوکجي رهيا آهن ۽ هر سال هن قسم جي چانورن جي پوکيءَ ۾ اضافو اچي رهيو آهي، هاءِ برڊ ٻِج، جنهن کي عام آبادگار چائنا جو ٻِج چون ٿا، اهو ٻج صرف هڪ دفعو پوکڻ جي خاصيت رکي ٿو، جنهن ڪري هن قسم جي چانورن جو مُلهه ملڪ اندر توڙي ٻاهر گهٽ ملي رهيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي هن قسم جي سارين جو اگهه مارڪيٽ ۾ گهٽ ملي رهيو آهي، انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ انڊيا ۽ ٿائلينڊ جي ڪورس چانورن جا اگهه هاءِ برڊ ٻج نه هئڻ سبب 480 ڊالر کان 500 ڊالرز تائين في ٽن ملهه آهي، جڏهن ته اسان جا چانور هاءِ برڊ سان مڪس هئڻ سبب 370 کان 375 ڊالر في ٽن وڪامجي رهيا آهن. زراعت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي ۽ اهو ڪوبه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي، ته آخر اهڙي قسم جي چانورن جي ٻجن کي امپورٽ ڪرڻ ۽ سنڌ، بلوچستان ۾ پوکڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ جڏهن ته پنجاب ۾ 60 لک ايڪڙن تي ساريون پوکيون وڃن ٿيون مگر اتي هڪ سيڪڙو ايڪڙ تي به هاءِ برڊ ساريون پوکيون نه ٿيون وڃن، خود چائنا گورنمينٽ زراعت ۾ هن قسم جي جينيٽيڪل ماڊيفائيڊ چانورن جي مخلوط نسل ٻج ٺاهڻ ۽ پوکڻ جو نوٽيس وٺندي هن عمل کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چائنا جي هڪ اهم شخصيت ايگرانامسٽ ڪانفرنس ۾ چانورن جي اهڙي قسم جي ٺاهڻ تي سائنسدانن تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو آهي ته، اهڙي مخلوط نسل جا ٻج ٺاهي انسانن جي لاءِ نه پر جانورن لاءِ کاڌو تيار ڪيو وڃي ٿو.، هن سختيءَ سان چيو ته، چائنا گورنمينٽ کي G.Mچانورن جي ٻج ٺاهڻ ۽ پوکڻ تي بندش وجهڻ گهرجي، هن بحث دوران واضح ڪيو ته، جيڪي ايڪسپورٽرس اهڙي قسم جا چانور ٺاهي ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهن، انهن کي پابند ڪيو وڃي، ته هو هر چانورن جي ٻوريءَ تي G.M رائيس جو ٺپو لڳائين، ته جيئن استعمال ڪندڙن کي خبر پوي. ان باوجود اسانجي زراعت کاتي جا آفيسر خاموش آهن ۽ انهن کي ٿورو به احساس ناهي، ته اسان جا لکين ڊالر زرعي مبادلا ڪمائيندڙ چانور انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ ٻين ملڪن جي چانورن جي ڀيٽ ۾ نهايت گهٽ قيمت ۾ وڪامجي رهيا آهن، جنهن جو منفي اثر چانورن جي آبادگارن تي پئجي رهيو آهي. ان صورت ۾ زراعت کاتي جا ريسرچ فارم ڇا ڪري رهيا آهن؟؟! جڏهن ته اسان امپورٽ ٿيل ٻج استعمال ڪري رهيا آهيون، يورپي يونين پنهنجي ويب سائيٽ تي اهڙن خوراڪي جنسن کي استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪي جنسون جينيٽيڪل ماڊيفائيڊ (G.M) ٻجن سان تيار ڪيون وڃن ٿيون. ان سلسلي ۾ اسانجي چانورن جي آبادگارن کي به سوچڻ گهرجي ته، جيڪڏهن اسانجي هن عمل سان پنهنجا بار بار پوکي ٿيندڙ نسلي ٻج ختم ٿي ويا ته پوءِ ڪهڙو نتيجو نڪرندو؟ هن وقت نسلي سارين جو صاف سٺو ٻج جنهن ۾ ايري 6، ڊي آر 282، 283، 292، ايري 9 وغيره جي سراسري قيمت في ڪلو 37 روپين ۾ موجود آهن، جڏهن ته هاءِ برڊ جا ٻج 800 روپين کان 1000 روپين تائين في ڪلو وڪرو ڪيا وڃن ٿا. اسان جا نسلي ٻج آڳاٽي، وچولي ۽ پاڇاٽي مند ۾ پوکي سگهجن ٿا، جڏهن ته هاءِ برڊ ٻج صرف پاڇاٽي پوکي سگهجي ٿو، اُپت ۾ ساڳي محنت ۽ ڪيميائي ڀاڻ وغيره جو ساڳيو وزن ڏيڻ سان في ايڪڙ جي پيداوار ۾ هاءِ برڊ سراسري 7 کان 9 مڻن جو فرق بيهي ٿو، جڏهن ته ٻئي طرف نسلي ٻجن جي سارين چانورن جو اگهه هاءِ برڊ جي ڀيٽ ۾ مٿي ملي ٿو، جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته، ماضيءَ ۾ اسان جي نسلي ٻجن مان تيار ڪيل چانور انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ 480 ڊالر في ٽن تائين کپندا رهيا آهن. ڪجهه سالن کان پنجاب چانورن جي هڪ نان باسمتي جنس، (C-9) جي نالي سان متعارف ڪرائي آهي، جيڪا اُتر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به ڪاميابيءَ سان پوکي وڃي ٿي، هن جنس جو داڻو سنهو ۽ تقريبن 7 ملي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو، هن جي سراسري پيداوار في ايڪڙ تي 45 کان 50 مڻ تائين ملي ٿي، ايڪسپورٽ ۾ هن جنس جو اگهه بهتر ملڻ سبب لوڪل مارڪيٽ ۾ سارين جو اگهه في مڻ 1200 کان 1250 روپيا تائين آهي، هن جنس جو ٻج نسلي سارين وانگر بار بار پوکي سگهجي ٿو، هِيءَ جنس جولاءِ جي آخر تائين پوکي سگهجي ٿي.
Labels:
Text
وٽامن بي فالج کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو
وٽامنز کي انساني خوراڪ جو اهم حصو قرار ڏنو پيو وڃي ۽ انساني جسم کي گهربل مقدار ۾ وٽامنز نه ملڻ جو نتيجو مختلف بيمارين ۾ سامهون اچي سگهي ٿو. تنهن ڪري ان جو استعمال تندرست زندگي لاءِ انتهائي ضروري آهي هڪ تحقيق مان پتو پيو آهي ته وٽامن بي جو مسلسل استعمال اڌرنگي کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. 55 هزار مريضن تي ڪيل اڀياس مان هيءَ ڳالهه سامهون آئي ته وٽامن بي سان فالج کان بچي سگهجي ٿو ۽ ان جا خطرا رڳو 7 سيڪڙو رهجي وڃن ٿا. ان سان گڏ تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي موسمي ميوا قدرت جو بي بها خزانو آهن. جيڪي نه رڳو خوش ذائقه پر صحت لاءِ به فائدي وارا آهن. ليمو هونئن ته کٽو ۽ ڪڙو هجي ٿو پر ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
نوان هنر، پراڻا ماڻهو
هڪ نئين تحقيق ۾ هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته جنهن موجب اهڙن پيرسن ماڻهن جي، جيڪي ذهن کي چئلينج ڪرڻ وارين سرگرمين ۾ حصو وٺن ٿا، ذهني استعداد ۾ وقت سان گڏ اضافو ٿئي ٿو. ماهرن عمر وڌڻ سان گڏوگڏ دماغ کي تيز ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. پر يونيورسٽي آف ٽيڪساس جي نفسياتي ڊاڪٽر ڊينيز پارڪ جو چوڻ آهي ته ان باري ۾ ڪو قطعي ثبوت موجود ناهي ته آيا دماغ کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان دماغي صلاحيت وڌيڪ بهتر بڻجي ٿي يا نه.
ڊينيز پارڪ جو چوڻ آهي ته هن جو هڪ سبب ته هي آهي ته انسانن سان تجربو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هي ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ته اوهان هڪ صورتحال ٺاهيو ۽ هڪ انسان کي تجربي طور ان ۾ رکو ۽ ان کي ٻڌايو ته ڪنهن وقت هن ڇا ڪيو يعني ڪهڙا ڪم ڪيا. تنهن ڪري ڊينيز پارڪ هڪ اهڙي تحقيق جي سربراهي ڪئي جنهن ۾ 221 پيرسن ماڻهن کي چونڊيو ويو ۽ انهن کي ٽن مختلف گروپن ۾ رکيو ويو. ڊينز پارڪ موجب اسان پيرسن ماڻهن جي هڪ گروپ کي هدايت ڪئي ته اهي نوان هنر سکن، مثال، سلائي ۽ فوٽو گرافي وغيره ٻئي گروپ کي چيو ته اهي مختلف سماجي ڪمن ۾ حصو وٺن. مثال ماڻهن سان گڏ اٿڻ ويهڻ وغيره اسان پيرسن ماڻهن جي نئين گروپ کي چيو ته اهي ذهني استعداد وڌائڻ وارين سرگرمين ۾ حصو وٺن. ٽن مهينن تائين هلندڙ هن تحقيق ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن کي هفتي ۾ 15 ڪلاڪ انهن سرگرمين لاءِ ڏنا ويا هئا. ٽن مهينن بعد تحقيق ڪندڙن کي معلوم ٿيو ته اهي پيرسن ماڻهو جن نوان هنر سکيا انهن جي ياداشت بهتر ڏٺي وئي. باقي انهن پيرسنن جي صلاحيتن ۾ ڪو فرق نه آيو جيڪي گروپن جي صورت ۾ ٻاهر نڪتا دوستن سان ڊاڙا ٺڪاءَ هڻي موٽي آيا اهڙي ريت انهن ماڻهن جي صلاحيتن ۾ به ڪو خاص اضافو نه ڏٺو ويو جن موسيقي ٻڌي يا ڪو ٻيو ڪم ڪيو.
Labels:
Text &Image
ريڪٽر اسڪيل بابت معلومات
Labels:
Text &Image
دڪاندارن ملالا جو ڪتاب وڪڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏي
ملالا جو لکيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي هر ماڻهو هن کي خريد ڪري پڙهڻ گهري ٿو. پر طالبان دڪاندارن کي خطرناڪ ڌمڪيون ڏنيون آهن ته ڪتاب دڪان تي نظر آيو ته خير نه سمجهجهو. هن ڌمڪي کي مقامي دڪان نظر انداز نٿا ڪري سگهن. پشاور جي مارڪيٽ ۾ ڪوبه بڪ سيلر ڪتاب دڪان ۾ رکڻ لاءِ تيار ناهي. سندن چوڻ آهي ته طالبان هڪ حقيقت آهن جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. گهڻو ڪري دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن ملالا جي ڪتاب بابت پڇا ڪئي آهي. پر اسان ڪتاب ”آءِ ايم ملالا“ جا آرڊر رد ڪري ڇڏيا آهن. اسان گراهڪن کي چئون ٿا ڪنهن ٻئي هنڌان جاچي ڏسو متان آيو هجي. اسان وٽ اڃا نه پهتو آهي. ملالا جو ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ آيل هڪ گراهڪ ڪامران خٽڪ چيو دڪاندار ملالا جي ڪتاب بابت ڳالهائڻ به نه ٿا چاهن. هن چيو آئون ملالا جو ڪتاب خريدڻ آيو آهيان پر هن هيڏي وڏي دڪان جتي ننڍي کان ننڍو ۽ وڏي کان وڏو ڪتاب دستياب هجي ٿو اتي ملالا جو ڪتاب نه پهتو آهي هن چيو هڪ سيلز مين ٻڌايو ته ملالا جو هي ڪتاب اسلام آباد مان ئي ملي سگهي ٿو. مون کي اندازو هو ته هي ڪتاب هتي نه ملندو ڇو ته ملالا کي گولي هڻندڙن دڪاندارن کي هي ڪتاب رکڻ کان منع ڪئي آهي. ڪاروباري طبقن جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته شهر ۾ دهشت گردي جا واقعا روڪڻ هاڻي شايد حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي رهي. طالبان طرفان جن قدمن جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي اهي هاڻي شهر ۾ گهٽجي رهيا آهن. طالبان شادي وهانءَ جي موقعن تي پختون روايتن پٽاندڙ موسيقي جا پروگرام به نه ٿا ڪرڻ ڏين، اڪثر علائقن ۾ ماڻهن کي ايئن ڪرڻ کان جهليو ويو آهي. جنهن ڪري هڪ عرصي کان خيبرپختون خواهه ۾ موسيقي جون محفلون ماٺيون ٿي چڪيون آهن. ڪيترائي اداڪار گلوڪار ۽ ثقافت سان لاڳاپيل ماڻهو هتان لڏي ويا آهن. ڪيترن ته هن شعبي کي ئي خيرباد چئي ڇڏيو آهي. اهڙي ريت انٽرنيٽ ۽ سي ڊيون به انهن ڌمڪين جي زد ۾ رهيون آهن. جن انڪار ڪيو تن جي دڪانن تي ڌماڪا ڪري نقصان رسايو ويو. جنهن بعد باقي جيڪي بچيا تن هن ڪاروبار کي ختم ڪرڻ ۾ ئي عزت سمجهي.
Labels:
Text &Image
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)
D