Social Icons

Thursday, November 7, 2013

ڪم مڪمل ڪريو يا ننڊ


هڪ تازي سروي موجب 23 سيڪڙو آمريڪين کي اوجاڳي جي بيماري آهي جنهن سان آمريڪي معيشت کي ساليانو 63.2 بلين ڊالر جو نقصان ٿئي ٿو. تازو ئي آمريڪا جي اڪيڊمي آف سليپ ميڊيسن پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ساليانو بنياد تي هر آمريڪي شهري کي اوجاڳي جي بيماري يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري جي ڪري 11.3 ڏينهن جو نقصان ٿئي ٿو.هاورڊ ميڊيڪل اسڪول ۾ نفسياتي بيمارين جي ماهر ۽ هن سروي ۾ شامل ڊاڪٽر رونلڊ ڪيسلر جو چوڻ آهي ته ”اسين انهن نتيجن جو جائزو وٺڻ بعد اچرج ۾ پئجي ويا سين ته ننڊ نه اچڻ يا وري گهٽ آرام ڪرڻ سان عام ماڻهو جي زندگي تي ڪيترو بُرو اثر پوي ٿو. ڊاڪٽر ڪيسلر وڌيڪ چيو ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته گهٽ سمهڻ سان آمريڪي شهري ڪم ڪونه ڪندا آهن. ان جي ابتڙ آمريڪي پنهنجي ملازمت واري جاين ڏانهن ويندا آهن پر ڪم تمام گهٽ ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر ڪيسلر موجب هن سروي ۾ آمريڪا جي 7 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي شامل ڪيو ويو.اِها رپورٽ ڊاڪٽر ڪيسلر جي هن سروي جو حصو هئي جنهن جو نالو American Insomnia Study رکيو ويو آهي. اِها ريسرچ سال 2008 جي شروعات ۾ ڪئي وئي. هن سروي موجب اِها بيماري ليڊيز ورڪرز ۾ مردن کان وڌيڪ آهي. هن سروي ۾ شامل 27.1 سيڪڙو عورتن کي اوجاڳي يا وري گهٽ ننڊ اچڻ جي بيماري آهي جڏهن ته مردن ۾ اِها شرح 19.7 سيڪڙو هئي.ڊاڪٽر ڪيسلر موجب کيس خبر آهي ته ننڊ نه اچڻ جي ڪري آمريڪي معيشت کي ڪيترو نقصان ٿيو آهي. سروي موجب هن بيماري جي علاج لاءِ هر مريض ساليانو 200 ڊالر خرچ ڪري ٿو.

No comments :

Post a Comment