Social Icons

Thursday, November 7, 2013

ڇا موبائل سان ڪينسر ٿئي ٿو


عام طور تي موبائل تي تنقيد ڪندڙن جو هي چوڻ آهي ته ان جي استعمال سان وقت ۽ پئسي جو زيان ٿئي ٿو. حادثن جو به خطرو هجي ٿو ظاهر آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو گاڏي هلائيندي ميسيج پڙهندو. ته حادثن جو خطرو ته هوندو. پر ڪجهه ماڻهو موبائل جي گهڻي استعمال کي ڪينسر جي خطري سان ڀيٽي رهيا آهن. ڪن نڪ ۽ ڳلي جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم الله ٿهيم وائس آف آمريڪا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته موبائل فون ايمرجنسي جي صورتحال ۾ يا ڪا ضروري ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ مختصر دورانئي لاءِ استعمال ڪرڻي آهي گهڻو وقت ڳالهائڻ نقصانڪار هجي ٿو ڇو ته موبائل مان نڪرندڙ برقي مقناطيسي اثر انساني صحت کي نهايت نقصان ڏئي سگهن ٿا. ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته فون کي ڪن تي رکي گهڻي دير تائين ڳالهائڻ سان ڪن ۽ دماغ متاثر ٿي سگهن ٿا. تنهن ڪري موبائل کي ڪن کان ڪجهه پري رکي ڳالهائڻ گهرجي. ٿي سگهي ته اسپيڪر فون يا هينڊس فري اوزارن جو استعمال ڪرڻ گهرجي. فون ملائڻ وقت يا ڪنهن جو فون کڻڻ (رسيو ڪرڻ) وقت موبائل کي خاص   طور تي ڪن کان پري رکيو وڃي ڇو ته ان وقت تمام گهڻي تابڪاري خارج ٿيندي آهي 

No comments :

Post a Comment