Social Icons

Wednesday, November 13, 2013

Questions & Answers


س: گڊز ٽرانسپورٽ وارا هڙتال ڪڏهن ختم ڪندا؟ (رمضان تبسم نهڙيو، عنايت قمبراڻي/ملير ڪراچي)
ج: جڏهن ڪو مفت جو جوس پياريندن!
س: ٽماٽن جو اگهه ڪڏهن گهٽجندو؟ (رياض سومرو/سکر)
ج: جاني! جڏهن ڪنا ٿيڻ لڳندا!
س: پاڪستان آخري ون ڊي ڇو هارائي؟ (سعيد گوپانگ/قمبر)
ج: سوچيائون اجايو انرجي کي وڃائڻ جو فائدو ڪهڙو؟
س: پئسا نه ملڻ تي ڦورو تشدد ڇو ڪندا آهن؟ (وحيد جوکيو/شانتي نگر ڪراچي)
ج: سڄڻ! اها سُڃائيءَ جي سزا آهي!
س: واٽمور جي مستقبل جو ڪهڙو فيصلو ڏيندا؟ (پريتم قاضي/نوابشاهه)
ج: چون ٿا پي سي بي ۾ چانهن ٺاهڻ واري جي جاءِ خالي آهي!

No comments :

Post a Comment