Social Icons

Wednesday, November 13, 2013

ايران ننڍين ڇوڪرين جي پرڻي بابت بل ٿرٿلو مچائي ڇڏيو


Irani Girls  ايراني پارليامينٽ ٻارن جي حقن جي تحفظ جو هڪ بل پاس ڪيو آهي، جنهن ۾ شامل هڪ شق ڪنهن به شخص کي هڪ اجازت ڏئي ٿي ته اهو پنهنجي هٿن جي پاليل اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري جنهن کي سراسري ماڻهو پاليل ڌيءُ چوندا آهن. جڏهن ته شاديءَ وقت ان ڇوڪريءَ جي عمر گهٽ ۾ 
گهٽ 13 سال هجڻ گهرجي.
ايران جي هڪ نيوز ويب سائيٽ تابناڪ موجب هڪ اندازي مطابق 42 هزار ٻار جن جي عمر وڌ کان وڌ ڏهن  کان 14 سالن وچ ۾ هونديون، انهن جون شاديون 2010ع ۾ ٿي ويون هيون. ڏهن سالن کان گهٽ عمر جي گهٽ ۾  گهٽ 75 ٻارن جون رڳو تهران ۾ شاديون ڪيون ويون    ڪجهه ماهرن کي يقين آهي ته اهو نئون بل اسلامي عقيدن سان ٽڪراءَ ۾ آهي ۽ سرپرست ڪائونسل ان کي منظور نه ڪندي                 

No comments :

Post a Comment