Social Icons

Wednesday, November 13, 2013

ڪراچي ضلعي ڪائونسل ختم، ٻهراڙيءَ جون سموريون يو سيز ڪي ايم سيءَ جون حدون قرار



Sindh Government logo سنڌ حڪومت ڪراچي جي ٻهراڙين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ قائم ڪيل ڪراچي ضلعي ڪائونسل ختم ڪري ڪراچيءَ جي سڀ کان وڌيڪ مالي طورشاهوڪار يوسي درساڻو ڇنو، گابو پٽ ۽ گڏاپ سميت 25 يوسيز کي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي حدن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪا جنرل مشرف جي دور ۾ پڻ ختم ڪئي وئي هئي. سنڌ حڪومت پاران تجويز ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچيءَ جي ٻهراڙيءَ تي مشتمل ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ جون 24 يونين ڪائونسلون ڪي ايم سي ۾ ضم ڪري ضلعي ڪائونسل ڪراچيءَ کي ختم ڪيو ويو آهي، ڪي ايم سي جي حدن ۾ ڏنل يونين ڪائونسلن کي هاڻي يونين ڪميٽي جو درجو ڏنو ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران تيار ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاڻي ڪراچيءَ جي سڄي ڊويزن جون مڪاني حدون ڪي ايم سي جي ماتحت هونديون، ٻهراڙيءَ جي 25 يوسيز مان 22 يونين ڪميٽيون ملير ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن، هڪ ڪراچي ڏکڻ جي ڊي ايم سي ، هڪ ڪراچي اولهه ۽ هڪ ڪراچي اوڀر جي ڊي ايم سيءَ جي ماتحت ڪئي وئي آهي. ڪراچي شهر جي نئين حد بنديءَ کانپوءِ ڪراچيءَ مان مڪاني حڪومتن جي حوالي سان ٻهراڙيءَ وارو تصور ختم ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ لاڳو ڪيل مڪاني نظام مطابق ڪراچي ڊويزن کي هڪ ضلعو قرار ڏئي ان کي ڪراچي شهري حڪومت قرار ڏنو ويو هو، هوڏانهن مڪاني چونڊن تي گهري نظر رکندڙ هڪ سينيئر اڳواڻ عوامي آواز کي ٻڌايو ته ضلعي ڪائونسل جي يوسي ۽ ڪي ايم سي جي يوسيءَ ۾ آباديءَ جي حساب سان نمائندگيءَ جو تمام وڏو فرق آهي، ٻهراڙيءَ واري يوسي 10 هزار ۽ شهر واري يوسي 40 هزار آباديءَ تي مشتمل هوندي، ان جي نمائندگي هڪ مسئلو بڻجي ويندي. ٻئي پاسي نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي شهر هڪ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن، 6 ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشم تي مشتمل هوندو

No comments :

Post a Comment