Social Icons

Wednesday, November 13, 2013

بستري ۾ آن لائين رهڻ جو ننڊ تي اثر


Picture10
     هڪ نئين سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 50 سيڪڙو برطانوي شهري بستري تي آهلڻ بعد سمهڻ جي ڪوشش دوران انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا. يعنيٰ آن لائين رهن ٿا. جن ماڻهن کان سوال پڇيا ويا هئا تن مان رڳو 11 سيڪڙو ماڻهن ٻڌايو ته اهي گهري ننڊ ڪن ٿا. ان جو هي سبب آهي ته 24 سيڪڙو ماڻهو بستري ۾ يا ته اي ميل چيڪ ڪندا آهن يا وري سوشل ميڊيا سان رابطي جي نشي ۾ رهن ٿا. هن سروي ۾ هي به خبر پئي آهي ته 21 سيڪڙو برطانوي بستري ۾ وڃڻ بعد ان ڪري به آن لائين رهڻ چاهن ٿا ڇو ته کين خوف هوندو آهي ته متان ڪير کين وساري ڇڏي يا تعلق ٽوڙي ڇڏي. سمارٽ فون به ماڻهن جي زندگي جي وهنوار تي وڏي اثر انداز ٿي آهي. سروي موجب 43 سيڪڙو ماڻهو ٽيليويزن ڏسڻ دوران سمارٽ فون استعمال ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته 18 سيڪڙو ٽي وي ڏسڻ دوران آءِ پيڊ تي مصروف رهن ٿا. برطانوي ماڻهن جي زندگي جي رهڻي ڪهڻي ڪجهه ان نموني جي بڻجي وئي آهي. جو اسان هر وقت ٻين سان رابطي ۾ رهڻ چاهيون ٿا ۽ اهو ئي خيال کين راتيون جاڳڻ تي مجبور ڪري ٿو. جيڪڏهن اوٻاسيون اچن ٿيون تڏهن به اهي جاڳندا رهن ٿا. سمارٽ فونن ۽ ٽيبليٽس مان جيڪا نيري رنگ جي روشني نڪري ٿي، ان سان استعمال ڪندڙ شخص رات جو سٺي ننڊ کان محروم ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ان قسم جي روشني ڏينهن جي روشني جو تاثر ڏيندي آهي. ان سان دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ڪيميائي مادي ميلاٽونن جي پيداوار گهٽجي وڃي ٿي. اهو ئي مادو اسان ننڊ جي واري ۾ وٺي  ويندو آهي. برطانوي ڊاڪٽرن موجب جيڪي ماڻهو گهٽ سمهن ٿا تن کي گهرجي ته بستري تي وڃڻ کان گھٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ فون ليپ ٽاپ ۽ اسڪرين واريون ٻيون شيون استعمال نه ڪن

No comments :

Post a Comment