Social Icons

Wednesday, October 30, 2013

Editing on Social Media


¨ سوشل ميڊيا بيشڪ ماڻهن کي اظهار جي آزادي ڏني آهي پر اظهار جي آزادي جي معنيٰ ڇڙواڳي به ناهي.
¨ پر اسان جا سنڌي دوست جنهن نموني سان سوشل ميڊيا کي استعمال ڪن ٿا ۽ جنهن طريقي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪن ٿا، رايا ڏين ٿا يا بحث مباحثا ڪن ٿا تن ۾ اخلاقيات جو بلڪل به خيال نٿو ڪيو وڃي.
¨ تذليل، ڪردار ڪشي، بي عزتي، هڪ ٻئي کي لوئڻ، بهتان بازي جو لاڙو تمام وڌيل نظر ايندو آهي. ايستائين جو ڪتن ۽ ٻين جانورن تي ماڻهن جا نالا به لکي ڇڏين ٿا.
¨ اسان پنهنجن روين ۾ ڪيڏو انتهاپسند ۽ ڪيڏا اناپرست آهيون تنهن جو احساس ويتر تڏهن ٿئي ٿو جڏهن سوشل ميڊيا تي موجود راين کي پڙهجي ٿو.
¨ سوشل ميڊيا هڪ اهڙي ميڊيا آهي جتي جيئن ته ڪو ٻيو ايڊٽ ڪندڙ ناهي. ان ڪري لکندڙ کي پنهنجي مواد جي ايڊٽنگ پاڻ ڪرڻي پوندي.
¨ سوشل ميڊيا تي هر ماڻهو جيئن ته پنهنجو زميوار پاڻ هوندو آهي  ان حساب سان پنهنجي جوهر ۾ هن کي پاڻ ادارو بڻجڻو پوندو ۽ ان اداري کي هلائڻ لاءِ ذميواري جو احساس پيدا ڪرڻو پوندو.
¨ جيڪڏهن هو پنهنجي ايڊٽنگ پاڻ ڪري ۽ ذميواريءَ جو احساس ڪري ته اهو معاشري جو هڪ ذميوار فرد بڻجي سگهي ٿو جنهن سان معاشري کي فائدو ئي رسندو.
¨ سو ان کي ڪير ڪيئن ٿو استعمال ڪري ان جو دارومدار ماڻهوءَ جي پنهنجي مزاج تي آهي، اتي هو پاڻ کي ئي ظاهر ڪندو، پنهنجو قد ڪاٺ ئي ٻڌائيندو؟
¨ سوشل ميڊيا تي ڪجهه دوستن رويا اهڙا آهن جيئن ڪنهن جاهل کي بندوق هٿ ۾ ڇڏجي ۽ هو سوچڻ سمجهڻ بنا ٺا ٺا ڪندو وتي.
¨  اسان جا دوست سوشل ميڊيا کي به هاڻي دشمني ۽ نفرت جي ور چاڙهي ڇڏين ٿا ۽ اهو ڪم ڪندي اهو بلڪل به نٿا سوچين ته اهي بحث مباحثا پوءِ جنگ جو ميدان بڻجي وڃن ٿا.
¨ اها به حقيقت آهي ته هڪڙا هوشمند، دور انديش، سجاڳ ۽ سمهجدار ماڻهو وڏي احتياط ۽ سليقي سان استعمال ڪندا آهن.
¨ جيڪڏهن هن پليٽ فارم کي مثبت انداز سان استعمال ڪجي ۽ درست رخ ۾ ڪم ڪجي ته ان مورچي تان انقلاب به آڻي سگهجن ٿا.
¨ سوشل ميڊيا تي جيئن ته ماڻهوءَ جي اظهار ۽ راين جي ڪير به ايڊٽنگ نٿو ڪري تنهن ڪري اهو سندس لاءِ ئي اڇو چٺو بڻجي ظاهر ٿئي ٿو.
¨ اسان کي اهو به سمجهڻو پوندو سوشل ميڊيا ڪا ذاتي ڊائري ناهي، اها به پرنٽ ميڊيا جيڏي اهميت رکي ٿي جنهن جو رد عمل ٿي سگهي ٿو ۽ اهو رد عمل ڌرتي کي ٽامو به بڻائي سگهي ٿو.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سوشل ميڊيا تي پنهنجي ايڊيٽنگ پاڻ ڪرڻ جو هنر سکڻو پوندو.

No comments :

Post a Comment