Social Icons

Wednesday, October 30, 2013

لطيف يونيورسٽي ۾ داخلا جي انٽري ٽيسٽ جو شيڊول پڌرو


شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊائريڪٽر ايڊميشن سيد مهدي شاهه راشديءَ جي پڌرائي مطابق تعليمي سال 2014ع لاءِ يونيورسٽي جي صبح ۽ شام وارين سڀني فيڪلٽيز جي تدريسي شعبن ۾ بي ايس چار سالا پروگرام ۽ ماسٽرس ٻه سالا پروگرام لاءِ داخلائن بابت انٽري ٽيسٽ منعقد ڪرڻ جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن موجب بي ايس پروگرام لاءِ 20 نومبر 2013ع جڏهن ته ماسٽرس پروگرام لاءِ انٽري ٽيسٽ 21 نومبر 2013ع تي يونيورسٽي ۾ صبح جو 11 وڳي ورتي ويندي. ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي ترجمان موجب سڀاڻي هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندي، جنهن ۾ داخلا ڪميٽي جا ميمبر ۽ ڪنوينر ڊائريڪٽر شڪارپور ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر لطف الله منگي ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، جنهن ۾ انٽري ٽيسٽ جي انتظامن ۽ سيڪيورٽي بابت غور ويچار ڪيو ويندو.

No comments :

Post a Comment