Social Icons

Wednesday, October 30, 2013

سنڌ جا ماڻهو هڪٻئي کان ڪجهه ته پُڇڻ شروع ڪريو



سنڌ جا ماڻهو هڪٻئي کان ڪجهه ته پُڇڻ شروع ڪريو. هڪٻئي سان ملو. هڪٻئي  سان ڏک سور ونڊيو. ان سموري ماجرا تي پاڻ هڪٻئي کان پڇيو ته آخر هي جيڪي ڪجهه ٿئي پيو ، ان جو آخر انت ڇا ٿيڻو آهي؟ سنڌي عوام کي پنهنجي ديو واري ننڊ ڪرڻ واري بيماريءَ مان جان ڇڏائڻي پوندي. هڪ دفعو جاڳڻ کانپوءِ پنهنجي سنڌ جي ڀيل ڏسي، پڻ هڪٻئي سان ڳالهائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه سڀني کي ٻُڌي هجي ته جنهن ڏينهن سنڌ ديو ننڊ مان جاڳي اٿي، هي ننڍا ننڍا تڪرار ۽ جهيڙا ، هي اُرهه زورايون، عورتن سان خرمستيون، ڦرمار. چوريون، اغوا، جهالتون، ويزا اسڪول، ويزا ماستريون، جيئرن ۽ مئلن سان بي واجبيون ۽ انسانيت خلاف سڀ ڪجهه ڦٻي وڃڻ جو غرور خاڪ ۾ ملي ويندو. ان غرور کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ به سنڌ جي عوام کي هڪٻئي سان ڳالهائڻو پوندو. ان لاءِ رڳو پنهنجي ذات کان اڳيان ۽ سنڌ جي باري ۾ سوچڻو ئي ته آهي.

No comments :

Post a Comment