Social Icons

Wednesday, October 30, 2013

ڪراچي ۽ آمريڪي مئگزين جي رپورٽ


ڪراچيءَ بابت آمريڪا جي مشهور مئگزين ”فارين پاليسي“ لکيو آهي ته دهشت گردي، ڀتا خوري ۽ قبضا مافيا جي ڄار ۾ وڪوڙيل آهي. هي شهر دنيا جي سڀ کان خطرناڪ مجرمن ۽ ڏوهارين جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته ڀارت جو وڏو شهر ممبئي به ڏوهن لاءِ بدنام آهي، جتي سال 2011ع ۾ 202 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪراچي ۾ ساڳئي سال 1723 ماڻهو ماريا ويا ۽ 2012ع ۾ مارجي ويلن جو انگ ٻن هزارن کان مٿي چڙهي ويو. يعني ممبئي کان ڏهوڻ تي وڃي رسيو. مئگزين وڌيڪ لکيو آهي ته سياسي پارٽين جي سرپرستيءَ هيٺ لينڊ مافيا نشي آور شين جي سپلاءِ، هٿيارن جو واپار، زمين ۽ پلاٽن تي قبضا ڪندڙ گروهه ڪراچي شهر اندر ڇڙواڳ ڇڏيل آهن. شهر جي بندرگاهن کي منشيات ۽ هٿيارن جي سمگلنگ لاءِ کلي عام استعمال ڪيو وڃي ٿو.
بهرحال انهن حالتن وفاقي سرڪار کي عملي اپاءَ وٺڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ وزيراعظم پنهنجي سموري ٽيم سان گڏجي ڪراچي ۾ 48 ڪلاڪن تائين شهر کي سڌارڻ جي پلاننگ ۾ واسطيدار ڌرين کي شامل ڪري پنهنجي سنجيدگي جو ڏيک ڏنو. سيد قائم علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد جي موجودگي سبب واپارين، صحافين ۽ سياسي اڳواڻن مٿس ڇوهه ڇنڊيا ته پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جن اعليٰ سرڪاري عهديدارن کي ويهاري ويٺو آهي، تن گذريل پنجن سالن ۾ هڪڙو به قاتل يا ٽارگيٽ ڪلر نه جهليو آهي.

No comments :

Post a Comment