Thursday, November 14, 2013
Altaf Shaikh Tourist
سڄي دنيا جا عالم ان ڳالهه تي سهمت آهن ته گڏ رهڻ، ساڻ گهمڻ ، ڪتاب پڙهڻ سان انساني قدرن جي پروڙ به پئي ٿي ۽ انهن مان جيڪي بهتر آهن سي پاڻ تي لاڳو ڪرڻ جي عادت به پئي ٿي. الطاف شيخ سنڌين کي رڳو دنيا نه ڏيکاري آهي، رڳو دنيا جا قدر نه ڏيکاريا آهن، رڳو دنيا جي عوامن جي محنت باري ۾ نه ٻڌايو آهي، رڳو جپان، چين، مليشيا جي محنتي عوام بابت ئي نه ٻڌايو آهي پر انهن محنتي قومن جي ملڪن وٽ پاڻ کي پڻ مڃايو آهي. هو سنڌ جو اهو سفرناما لکندڙ ۽ مئرين انجنيئر آهي جيڪو 70 ورهين ۾ ڪنهن وقت به جپان طلب ڪيو وڃي ٿو ته ”اسان کي اچي پڙهاءِ“ ۽ اهڙا سڏ پڙاڏا کيس مليشيا ۽ چين مان به اچي سندس ڪنن تي ٻُرن ٿا
سنڌ جي سرجڻهار، سامونڊي انجنيئر، پروفيسر، 78 سنڌي، اردو ۽ انگريزي سفرنامن لکندڙ مانواري الطاف شيخ جي 70 سال شروع ٿيڻ تي، سندس جيئري ڀيٽا پيش ڪندي سندس جنم ڏينهن تي لک لک واڌايون ڏيندي پاڻ کي وڌيڪ باعزت سمجهئون ٿا. شال سدا خوش ۽ آباد هجي.
Labels:
History View
Wednesday, November 13, 2013
بستري ۾ آن لائين رهڻ جو ننڊ تي اثر
هڪ نئين سروي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 50 سيڪڙو برطانوي شهري بستري تي آهلڻ بعد سمهڻ جي ڪوشش دوران انٽرنيٽ استعمال ڪن ٿا. يعنيٰ آن لائين رهن ٿا. جن ماڻهن کان سوال پڇيا ويا هئا تن مان رڳو 11 سيڪڙو ماڻهن ٻڌايو ته اهي گهري ننڊ ڪن ٿا. ان جو هي سبب آهي ته 24 سيڪڙو ماڻهو بستري ۾ يا ته اي ميل چيڪ ڪندا آهن يا وري سوشل ميڊيا سان رابطي جي نشي ۾ رهن ٿا. هن سروي ۾ هي به خبر پئي آهي ته 21 سيڪڙو برطانوي بستري ۾ وڃڻ بعد ان ڪري به آن لائين رهڻ چاهن ٿا ڇو ته کين خوف هوندو آهي ته متان ڪير کين وساري ڇڏي يا تعلق ٽوڙي ڇڏي. سمارٽ فون به ماڻهن جي زندگي جي وهنوار تي وڏي اثر انداز ٿي آهي. سروي موجب 43 سيڪڙو ماڻهو ٽيليويزن ڏسڻ دوران سمارٽ فون استعمال ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته 18 سيڪڙو ٽي وي ڏسڻ دوران آءِ پيڊ تي مصروف رهن ٿا. برطانوي ماڻهن جي زندگي جي رهڻي ڪهڻي ڪجهه ان نموني جي بڻجي وئي آهي. جو اسان هر وقت ٻين سان رابطي ۾ رهڻ چاهيون ٿا ۽ اهو ئي خيال کين راتيون جاڳڻ تي مجبور ڪري ٿو. جيڪڏهن اوٻاسيون اچن ٿيون تڏهن به اهي جاڳندا رهن ٿا. سمارٽ فونن ۽ ٽيبليٽس مان جيڪا نيري رنگ جي روشني نڪري ٿي، ان سان استعمال ڪندڙ شخص رات جو سٺي ننڊ کان محروم ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ان قسم جي روشني ڏينهن جي روشني جو تاثر ڏيندي آهي. ان سان دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ڪيميائي مادي ميلاٽونن جي پيداوار گهٽجي وڃي ٿي. اهو ئي مادو اسان ننڊ جي واري ۾ وٺي ويندو آهي. برطانوي ڊاڪٽرن موجب جيڪي ماڻهو گهٽ سمهن ٿا تن کي گهرجي ته بستري تي وڃڻ کان گھٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ فون ليپ ٽاپ ۽ اسڪرين واريون ٻيون شيون استعمال نه ڪن
ايران ننڍين ڇوڪرين جي پرڻي بابت بل ٿرٿلو مچائي ڇڏيو
ايراني پارليامينٽ ٻارن جي حقن جي تحفظ جو هڪ بل پاس ڪيو آهي، جنهن ۾ شامل هڪ شق ڪنهن به شخص کي هڪ اجازت ڏئي ٿي ته اهو پنهنجي هٿن جي پاليل اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري جنهن کي سراسري ماڻهو پاليل ڌيءُ چوندا آهن. جڏهن ته شاديءَ وقت ان ڇوڪريءَ جي عمر گهٽ ۾
گهٽ 13 سال هجڻ گهرجي.
گهٽ 13 سال هجڻ گهرجي.
ايران جي هڪ نيوز ويب سائيٽ تابناڪ موجب هڪ اندازي مطابق 42 هزار ٻار جن جي عمر وڌ کان وڌ ڏهن کان 14 سالن وچ ۾ هونديون، انهن جون شاديون 2010ع ۾ ٿي ويون هيون. ڏهن سالن کان گهٽ عمر جي گهٽ ۾ گهٽ 75 ٻارن جون رڳو تهران ۾ شاديون ڪيون ويون ڪجهه ماهرن کي يقين آهي ته اهو نئون بل اسلامي عقيدن سان ٽڪراءَ ۾ آهي ۽ سرپرست ڪائونسل ان کي منظور نه ڪندي
Questions & Answers
س: گڊز ٽرانسپورٽ وارا هڙتال ڪڏهن ختم ڪندا؟ (رمضان تبسم نهڙيو، عنايت قمبراڻي/ملير ڪراچي)
ج: جڏهن ڪو مفت جو جوس پياريندن!
س: ٽماٽن جو اگهه ڪڏهن گهٽجندو؟ (رياض سومرو/سکر)
ج: جاني! جڏهن ڪنا ٿيڻ لڳندا!
س: پاڪستان آخري ون ڊي ڇو هارائي؟ (سعيد گوپانگ/قمبر)
ج: سوچيائون اجايو انرجي کي وڃائڻ جو فائدو ڪهڙو؟
س: پئسا نه ملڻ تي ڦورو تشدد ڇو ڪندا آهن؟ (وحيد جوکيو/شانتي نگر ڪراچي)
ج: سڄڻ! اها سُڃائيءَ جي سزا آهي!
س: واٽمور جي مستقبل جو ڪهڙو فيصلو ڏيندا؟ (پريتم قاضي/نوابشاهه)
ج: چون ٿا پي سي بي ۾ چانهن ٺاهڻ واري جي جاءِ خالي آهي!
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)