Social Icons

Saturday, November 9, 2013

Dolphin

8 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي جاڳرتا



 ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز پاران 8 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري سڏ جي جاڳرتا لاءِ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين آفيس ۾ سگهڙ ڪچهري ٿي، جنهن ۾ سگهڙن محمد بخش سهتو، محمد حسن هڪڙو، غلام حسين سولنگي، علي نواز سولنگي، رحيم بخش جلباڻي، عبدالرشيد مري، محب لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، انهيءَ موقعي تي سگهڙن ڏور، بيت، نڙ ۽ ڳجهارتون ڏئي واهه واهه ڪرائي داد حاصل ڪيو، انهيءَ موقعي تي شرڪت ڪندڙن چيو ته اهڙا ڏينهن ملهائڻ گهرجن، ان سان اسان جي ڪلچر کي هٿي ملي ٿي.

سگريٽ ڇڏڻ لاءِ ويڪسين جي مدد وٺو


Picture7
 اهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي سگريٽ ڇڏڻ چاهين ٿا تن لاءِ اها خوشخبري آهي ته آمريڪا ۾ هڪ اهڙي ”اينٽي اسموڪنگ ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي جيڪا سگريٽ ڇڏڻ ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهندي.
ان ويڪسين جون هڪ مهينون انجيڪشنون لڳائڻيون پونديون. ڇهه انجيڪشنون لڳائڻ لازمي آهن. انهن انجيڪشنن سان رت ۾ اهڙيون اينٽي سگريٽ پيئڻ جي ذُق کان محدود ڪري ڇڏينديون آهن يعنيٰ ماڻهوءَ کي سگريٽ پيئڻ ۾ مزو نه ايندو ۽ ايئن ان جي ٻاڙ مري ويندي. نتيجي ۾ سگريٽن کي ماڻهو بيڪار سمجهڻ لڳندا.

ڇا توهان کي خبر آهي ته…


Picture12ماکي جي مک کي 1 ڪلو ماکي گڏ ڪرڻ لاءِ 20 لک گلن جي چوڌاري وڃڻو پوي ٿو.

صحت: پيريءَ تي اثرانداز ٿيندڙ جين جو پتو پئجي ويو


Picture11                         يورپي سائنسدانن هڪ تجربي جي مدد سان پيريءَ تي اثر انداز ٿيندڙ ان جين جو پتو لڳائي ورتو آهي. جيڪو صرف ماءُ کان ورثي ۾ ملي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته هاڻي وقت اڳي ئي چهري جي رونق وڃائڻ ۽ نرڙ ۾ پوندڙ گهنجن جي وڌڻ واري عمل کي ماحول توڙي لائيف اسٽائل کي ئي ذميوار نه ٿو ڪوٺي سگهجي، بلڪه جلد پوڙهائپ طرف وٺي وڃڻ ۾ اسان جي جين جو به اهم ڪردار آهي. هي موروثي جين خرابين سان گڏ جڏهن منتقل ٿين ٿا ته ان جا اثر نه رڳو چهري تي گهنجن پر وقت کان اڳ ئي پوڙهو ٿيڻ واري صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا نه رڳو ايترو پر زندگي کي به مختصر بڻائن ٿا. جرمني سوئيڊن سان تعلق رکندڙ سائنسدان جو چوڻ آهي ته والدين کان منتقل ٿيندڙ موروثي جين جيڪي اسان جي واڌ ويجهه ۽ جسماني بيهڪ تي به اثر انداز ٿين ٿا. اهي نارمل ۽ خرابيون رکڻ واري ڊي اين اي تي ٻڌل هجن ٿا. جيڪي هن نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿين ٿا. محققن جو چوڻ آهي ته پيريءَ وارو عمل هڪ ڳجهارت بڻيل آهي ته آخر جو ڪجهه ماڻهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ پهريان ئي پوڙهائپ اچي وڃي ٿي. انهن ڳالهين جو جواب اڃا نه ملي سگهيو آهي.

”لکيل پڙهيل “ سمارٽ فون ايپليڪشن


Picture9                         مارڪيٽ ۾اهڙي ايپلڪيشن به اچي وئي آهي جيڪا لکيل لفظن کي سمجهي انهن مان چڪون ڪڍي سگهي ٿي يا انهن کي بهتر بڻائڻ جي تجويز ڏئي ٿي.
ايپل جي شين آءِ پيڊ ۽ آءِ فون جي لاءِ ” ايڪوئل نوٽ“ نالي هڪ نئين ايپليڪشن متعارف ڪرائي وئي آهي. جيڪا پاڻ سان ڳنڍيل ” ايڪوئل نوٽ“ نالي هڪ سمارٽ پين سان لکيل  لفظ پڙهي انهن ۾ نه رڳو ردو بدل جون تجويزون ڏئي ٿي پر ان جي مدد سان لکيل لفظن کي اي ميل به ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن کي ميسيج موڪلي سگهجي ٿو. ان کان علاوه به گهڻي ڪم واريون شيون اٿس. هن ايپليڪشن کي تيار ڪندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهي هڪ اهڙي ايپليڪشن تيار ڪرڻ چاهن ٿا. جيڪا هر شئي کي پڙهي سگهي. کڻي اها ڪٿي به لکي وئي هجي. تنهن ڪري هن ڪمپني جيڪا شئي تيار ڪئي آهي اها ڪاغذ يا ڪٿي به لکيل لفظن کي آءِ فون يا آءِ پيڊ تي ڏيکاري ٿي. ان سان گڏ ايڪوئل نوٽ لکڻي ۾ بهتري جون تجويزون به ڏئي ٿي. ۽ گڏوگڏ ان کي اي ميل يا ڪنهن کي ميسيج جي طور تي آپشن به ڏئي ٿي. هي ايپليڪشن بلو ٽوٿ جو استعمال ڪندي ڊيٽا ٽرانسفر ڪري ٿي. هن ۾ هڪ سمارٽ پين ۽ هڪ رسيور جو استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪي انفرادي ۽ الٽرسونڪ لهرن ذريعي ڊيٽا کي هيڏانهن هوڏانهن اماڻن ٿا ايڪوئل نوٽ ذريعي تصويرون به ڪڍي سگهجن ٿيون. جن کي ايپليڪشن ذريعي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. نه رڳو ايترو پر سمارٽ فون سان اسڪيچ ۽ خاڪا به ٺاهي سگهجن ٿا.

آپريشن مان لڳي پيو ته ڄڻ وڏا دهشتگرد متحده وارا ئي آهن: رابطا ڪميٽي

ڪراچي ( پ ر) متحده قومي موومينٽ جي حق پرست سينيٽرن سرڪاري حراست ۾ وحشياڻي تشدد جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم برنس روڊ سيڪٽر يونٽ 23 جي سابق جوائنٽ يونٽ انچارج دلشاد احمد خان جي قتل کي  عدالت کان مٿانهون قتل سڌي سخت  لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن جي دوران سرڪاري حراست ۾ تشدد جي ڪري دلشاد احمد خان جو عدالت کان مٿڀرو قتل آئين ۽ قانون کي ليڙون ليڙون ڪرڻ جي برابر آهي ۽ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجن مقصدن جي پورائي جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي سياسي، جمهوري ۽ آئيني حق کي بري طرح سان تباهه ڪري پئي،  هنن چيو ته جڏهن کان ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ائين گرفتار ڪيو پيو وڃي ڄڻ ته اهي ئي سڀني کان وڏا دهشتگرد ۽ ڏوهاري آهن، جڏهن ته اصل ڏوهاري، ڀتا خور ۽ دهشتگرد قانون نافذ ڪرڻ وارن جي لاءِ اڄ به هڪ چئلينج بڻيل آهن.

Aaj ka cartoon

فضل الرحمان ڪتي کي شهيد قرار ڏيڻ تي توبهه ڪري: سني علماءَ بورڊ

Sunni Tehreekاسلام آباد (م ڊ) : سني تحريڪ علماءَ بورڊ چيو آهي ته فضل الرحمان ۽ منور حسن اسلامي تعليمات جو مذاق نه اڏائين. هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته فضل الرحمان ڪتي کي سهيد قرار ڏيڻ تي توبهه ڪري. فضل الرحمان قرآني تعليمات جو مذاق نه اڏائي. ڪتي کي شهيد قرار ڏيڻ اسلام جي توهين آهي.

Friday, November 8, 2013

ليجينڊ امر جليل کي اٿي بيهي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن – امر جليل کي جنم ڏينهن جون واڌايون

Picture14

سنڌ جا ڪجهه اهڙا ڪردار به آهن جن تي جڏهن مان لکڻ جو سوچيندو آهيان تڏهن مونکي ڀٽائي جي هڪڙي
سٽ ذهن تي تري ايندي آهي. ته، ”مون کان مطالعو نا ٿئي، سندسي سُر صفت…“ اهي ڪردار سور اسم جي صفت جهڙا هوندا آهن ۽ اها صفت رڳو سنڌي گرامر جي بنيادي اٺن اکرن مان ئي هڪ ناهي هوندي پر انهن ڪروڙين سالن جي ڀوڳنا واري زهر جي ماريل هوندي آهي. جن دوران انسان ۽ سور جي پاڻ ۾ واقفيت ٿي آهي.
منهنجي لاءِ امر جليل سنڌ جي صديون پراڻن سورن واي قديم اسم جي اهڙي دردناڪ صفت آهي جنهن جي مطالعي ڪرڻ لاءِ هڪ ته ڪو نويڪلو جنم گهرجي ۽ ٻيو ته اهڙي مطالعي ۾ هڪ وڏو خطرو پڻ لڪل آهي جنهن جو سر سورٺ راءِ ڏياچ ۾ ڀٽائي ذڪر ڪيو هو. ”چار تنهنجي چنگ جو عجب آهم ايءُ، هڻين اڀو هٿن سين، جيئرو رکي جيءُ، رات منهنجو ريءُڪاٽيو تو ڪُماچ سين.“سو ڀٽائيءَ چارڻ کي مخاطب ٿي چيو هو ته مونکي حيرت ان ڳالهه جي آهي ته تون سَئُو سِرن کي ڪاٽڻ واري سنگيت به چوائين ٿو ۽ پاڻ کي جيئرو به رکيو اچين. ان جو مونکي عجب آهي. سو امر جليل جهڙي سورائتي اسم جي صفت تي سوچڻ، ويچارڻ کوجنا يا مطالعو ڪرڻ خطري کان خالي ناهي. سنڌ جو اهو درد جيڪو هڪ انتهائي حساس ليکڪ ۽ ڪلاڪار طور امر جليل محسوس ڪري ٿو ان جو ايتريءَ ئي حساسيت سان مطالعو ڪندڙ ڪو ماڻهو ضرور محسوس ڪندو ته هو ڏهه هزار ورهيه چڪايل مڌ اهڙي ڪنهن پيالي ۾ پي رهيو آهي جيڪو مهين جي دڙي جي کوٽائي مان ڳولي لڌو ويو آهي ۽ پوءِ ايڏي پراڻي چڪايل مڌ ۾ هر دور جي نانگن جو جيڪو زهر اوتيل هوندو سو ان ماڻهوءَ کي ڪيترو جيئڻ ڏيندو سو اوهان پاڻ تصور ڪري سگهو ٿا، منهنجي خيال ۾ اهڙي طويل تاريخي درد جي گهايل ڪنهن شخص کي مطالعي جي ڪا مونکي پنهنجن ماڻهن سان ٻيهر جيئرو ڪري نه سگهندي.