Social Icons

Saturday, November 9, 2013

”لکيل پڙهيل “ سمارٽ فون ايپليڪشن



Picture9                         مارڪيٽ ۾اهڙي ايپلڪيشن به اچي وئي آهي جيڪا لکيل لفظن کي سمجهي انهن مان چڪون ڪڍي سگهي ٿي يا انهن کي بهتر بڻائڻ جي تجويز ڏئي ٿي.
ايپل جي شين آءِ پيڊ ۽ آءِ فون جي لاءِ ” ايڪوئل نوٽ“ نالي هڪ نئين ايپليڪشن متعارف ڪرائي وئي آهي. جيڪا پاڻ سان ڳنڍيل ” ايڪوئل نوٽ“ نالي هڪ سمارٽ پين سان لکيل  لفظ پڙهي انهن ۾ نه رڳو ردو بدل جون تجويزون ڏئي ٿي پر ان جي مدد سان لکيل لفظن کي اي ميل به ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن کي ميسيج موڪلي سگهجي ٿو. ان کان علاوه به گهڻي ڪم واريون شيون اٿس. هن ايپليڪشن کي تيار ڪندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته اهي هڪ اهڙي ايپليڪشن تيار ڪرڻ چاهن ٿا. جيڪا هر شئي کي پڙهي سگهي. کڻي اها ڪٿي به لکي وئي هجي. تنهن ڪري هن ڪمپني جيڪا شئي تيار ڪئي آهي اها ڪاغذ يا ڪٿي به لکيل لفظن کي آءِ فون يا آءِ پيڊ تي ڏيکاري ٿي. ان سان گڏ ايڪوئل نوٽ لکڻي ۾ بهتري جون تجويزون به ڏئي ٿي. ۽ گڏوگڏ ان کي اي ميل يا ڪنهن کي ميسيج جي طور تي آپشن به ڏئي ٿي. هي ايپليڪشن بلو ٽوٿ جو استعمال ڪندي ڊيٽا ٽرانسفر ڪري ٿي. هن ۾ هڪ سمارٽ پين ۽ هڪ رسيور جو استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪي انفرادي ۽ الٽرسونڪ لهرن ذريعي ڊيٽا کي هيڏانهن هوڏانهن اماڻن ٿا ايڪوئل نوٽ ذريعي تصويرون به ڪڍي سگهجن ٿيون. جن کي ايپليڪشن ذريعي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. نه رڳو ايترو پر سمارٽ فون سان اسڪيچ ۽ خاڪا به ٺاهي سگهجن ٿا.

No comments :

Post a Comment