Social Icons

Saturday, November 9, 2013

صحت: پيريءَ تي اثرانداز ٿيندڙ جين جو پتو پئجي ويو



Picture11                         يورپي سائنسدانن هڪ تجربي جي مدد سان پيريءَ تي اثر انداز ٿيندڙ ان جين جو پتو لڳائي ورتو آهي. جيڪو صرف ماءُ کان ورثي ۾ ملي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته هاڻي وقت اڳي ئي چهري جي رونق وڃائڻ ۽ نرڙ ۾ پوندڙ گهنجن جي وڌڻ واري عمل کي ماحول توڙي لائيف اسٽائل کي ئي ذميوار نه ٿو ڪوٺي سگهجي، بلڪه جلد پوڙهائپ طرف وٺي وڃڻ ۾ اسان جي جين جو به اهم ڪردار آهي. هي موروثي جين خرابين سان گڏ جڏهن منتقل ٿين ٿا ته ان جا اثر نه رڳو چهري تي گهنجن پر وقت کان اڳ ئي پوڙهو ٿيڻ واري صورت ۾ ظاهر ٿين ٿا نه رڳو ايترو پر زندگي کي به مختصر بڻائن ٿا. جرمني سوئيڊن سان تعلق رکندڙ سائنسدان جو چوڻ آهي ته والدين کان منتقل ٿيندڙ موروثي جين جيڪي اسان جي واڌ ويجهه ۽ جسماني بيهڪ تي به اثر انداز ٿين ٿا. اهي نارمل ۽ خرابيون رکڻ واري ڊي اين اي تي ٻڌل هجن ٿا. جيڪي هن نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿين ٿا. محققن جو چوڻ آهي ته پيريءَ وارو عمل هڪ ڳجهارت بڻيل آهي ته آخر جو ڪجهه ماڻهن ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ پهريان ئي پوڙهائپ اچي وڃي ٿي. انهن ڳالهين جو جواب اڃا نه ملي سگهيو آهي.

No comments :

Post a Comment