Friday, November 8, 2013
نوان هنر، پراڻا ماڻهو
هڪ نئين تحقيق ۾ هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته جنهن موجب اهڙن پيرسن ماڻهن جي، جيڪي ذهن کي چئلينج ڪرڻ وارين سرگرمين ۾ حصو وٺن ٿا، ذهني استعداد ۾ وقت سان گڏ اضافو ٿئي ٿو. ماهرن عمر وڌڻ سان گڏوگڏ دماغ کي تيز ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. پر يونيورسٽي آف ٽيڪساس جي نفسياتي ڊاڪٽر ڊينيز پارڪ جو چوڻ آهي ته ان باري ۾ ڪو قطعي ثبوت موجود ناهي ته آيا دماغ کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان دماغي صلاحيت وڌيڪ بهتر بڻجي ٿي يا نه.
ڊينيز پارڪ جو چوڻ آهي ته هن جو هڪ سبب ته هي آهي ته انسانن سان تجربو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هي ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ته اوهان هڪ صورتحال ٺاهيو ۽ هڪ انسان کي تجربي طور ان ۾ رکو ۽ ان کي ٻڌايو ته ڪنهن وقت هن ڇا ڪيو يعني ڪهڙا ڪم ڪيا. تنهن ڪري ڊينيز پارڪ هڪ اهڙي تحقيق جي سربراهي ڪئي جنهن ۾ 221 پيرسن ماڻهن کي چونڊيو ويو ۽ انهن کي ٽن مختلف گروپن ۾ رکيو ويو. ڊينز پارڪ موجب اسان پيرسن ماڻهن جي هڪ گروپ کي هدايت ڪئي ته اهي نوان هنر سکن، مثال، سلائي ۽ فوٽو گرافي وغيره ٻئي گروپ کي چيو ته اهي مختلف سماجي ڪمن ۾ حصو وٺن. مثال ماڻهن سان گڏ اٿڻ ويهڻ وغيره اسان پيرسن ماڻهن جي نئين گروپ کي چيو ته اهي ذهني استعداد وڌائڻ وارين سرگرمين ۾ حصو وٺن. ٽن مهينن تائين هلندڙ هن تحقيق ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن کي هفتي ۾ 15 ڪلاڪ انهن سرگرمين لاءِ ڏنا ويا هئا. ٽن مهينن بعد تحقيق ڪندڙن کي معلوم ٿيو ته اهي پيرسن ماڻهو جن نوان هنر سکيا انهن جي ياداشت بهتر ڏٺي وئي. باقي انهن پيرسنن جي صلاحيتن ۾ ڪو فرق نه آيو جيڪي گروپن جي صورت ۾ ٻاهر نڪتا دوستن سان ڊاڙا ٺڪاءَ هڻي موٽي آيا اهڙي ريت انهن ماڻهن جي صلاحيتن ۾ به ڪو خاص اضافو نه ڏٺو ويو جن موسيقي ٻڌي يا ڪو ٻيو ڪم ڪيو.
Labels:
Text &Image
ريڪٽر اسڪيل بابت معلومات
Labels:
Text &Image
دڪاندارن ملالا جو ڪتاب وڪڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏي
ملالا جو لکيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي هر ماڻهو هن کي خريد ڪري پڙهڻ گهري ٿو. پر طالبان دڪاندارن کي خطرناڪ ڌمڪيون ڏنيون آهن ته ڪتاب دڪان تي نظر آيو ته خير نه سمجهجهو. هن ڌمڪي کي مقامي دڪان نظر انداز نٿا ڪري سگهن. پشاور جي مارڪيٽ ۾ ڪوبه بڪ سيلر ڪتاب دڪان ۾ رکڻ لاءِ تيار ناهي. سندن چوڻ آهي ته طالبان هڪ حقيقت آهن جنهن کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. گهڻو ڪري دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن ملالا جي ڪتاب بابت پڇا ڪئي آهي. پر اسان ڪتاب ”آءِ ايم ملالا“ جا آرڊر رد ڪري ڇڏيا آهن. اسان گراهڪن کي چئون ٿا ڪنهن ٻئي هنڌان جاچي ڏسو متان آيو هجي. اسان وٽ اڃا نه پهتو آهي. ملالا جو ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ آيل هڪ گراهڪ ڪامران خٽڪ چيو دڪاندار ملالا جي ڪتاب بابت ڳالهائڻ به نه ٿا چاهن. هن چيو آئون ملالا جو ڪتاب خريدڻ آيو آهيان پر هن هيڏي وڏي دڪان جتي ننڍي کان ننڍو ۽ وڏي کان وڏو ڪتاب دستياب هجي ٿو اتي ملالا جو ڪتاب نه پهتو آهي هن چيو هڪ سيلز مين ٻڌايو ته ملالا جو هي ڪتاب اسلام آباد مان ئي ملي سگهي ٿو. مون کي اندازو هو ته هي ڪتاب هتي نه ملندو ڇو ته ملالا کي گولي هڻندڙن دڪاندارن کي هي ڪتاب رکڻ کان منع ڪئي آهي. ڪاروباري طبقن جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته شهر ۾ دهشت گردي جا واقعا روڪڻ هاڻي شايد حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي رهي. طالبان طرفان جن قدمن جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي اهي هاڻي شهر ۾ گهٽجي رهيا آهن. طالبان شادي وهانءَ جي موقعن تي پختون روايتن پٽاندڙ موسيقي جا پروگرام به نه ٿا ڪرڻ ڏين، اڪثر علائقن ۾ ماڻهن کي ايئن ڪرڻ کان جهليو ويو آهي. جنهن ڪري هڪ عرصي کان خيبرپختون خواهه ۾ موسيقي جون محفلون ماٺيون ٿي چڪيون آهن. ڪيترائي اداڪار گلوڪار ۽ ثقافت سان لاڳاپيل ماڻهو هتان لڏي ويا آهن. ڪيترن ته هن شعبي کي ئي خيرباد چئي ڇڏيو آهي. اهڙي ريت انٽرنيٽ ۽ سي ڊيون به انهن ڌمڪين جي زد ۾ رهيون آهن. جن انڪار ڪيو تن جي دڪانن تي ڌماڪا ڪري نقصان رسايو ويو. جنهن بعد باقي جيڪي بچيا تن هن ڪاروبار کي ختم ڪرڻ ۾ ئي عزت سمجهي.
Labels:
Text &Image
سماجي ويب سائيٽس ذميواري سان استعمال ڪريو
پاڪستاني معاشري ۾ سوشل ميڊيا جو رجحان تيزيءَ سان وڌندو وڃي پيو. پر اهڙي تيزيءَ سان ان جي درست استعمال بابت آگاهي نه ٿي ڏني وڃي. پاڪستان ۾ اٽڪل 3 ڪروڙ شهرين کي انٽرنيٽ جي سهوليت ميسر آهي. جن مان هڪ ڪروڙ شهري فيس بڪ جڏهن ته لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ٽوئٽر استعمال ڪن ٿا پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران اهڙا ڪجهه اهڙا وقعا به سامهون آيا آهن جن ۾ فيس بڪ تي جعلي اڪائونٽ ٺاهي ماڻهن کي ڌوڪو ڏنو ويو. اهڙي ريت اي ميل يا سوشل ميڊيا اڪائونٽ هيڪ ڪري ماڻهن جي ذاتي معلومات به ورتي وئي. ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي ۾ فيس بڪ ذريعي هڪ نينگر کي اغوا ڪيو ويو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سوشل ميڊيا ذريعي ڪيترا سنگين ڏوهه ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جي ماهر حماد صديقي جو چوڻ آهي ته والدين جي رهنمائي ۽ ٻارن جي زندگي ۾ انهن جي دلچسپي سان ڪيترن ئي امڪاني خطرن کان بچي سگهجي ٿو. هو هي به سمجهي ٿو ته سوشل ميڊيا ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان معلومات کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. ڇو ته اسڪولن ۾ به هاڻي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جا مضمون پڙهايا وڃن ٿا. سچ ڊاٽ ٽي وي جي ايڊيٽر شهنيلا سڪندر سوشل ميڊيا جي امڪاني خطرن بابت چوڳي ٿي. هن وقت سوشل ميڊيا تي ڪيترائي جعلي اڪائونٽ موجود آهن. نوجوانن کي گهرجي ته جڏهن به ڪو کين دوست بڻائڻ جي درخواست موڪلي ته ان کي تصديق ڪرڻ کان پهريان ڪڏهن به قبول نه ڪن. هن چيو جڏهن اسان ذاتي زندگي ۾ ڪنهن تي اعتبار نه ٿا ڪريون ته پوءِ سوشل ميڊيا تي ڇو ٿا جذباتي ٿي وڃون. هن چيو ٻارن کي سوشل ميڊيا جي ڪري سيڪيورٽي ۽ نقصانن کان آگاهه ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ماجد صديقي سوشل ميڊيا جي هڪ سرگرم صارف جو چوڻ هو ته سافٽ ويئر ذريعي انٽرنيٽ تي والدين کي پنهنجي ٻارن جي سرگرمين تي نظر رکڻ گهرجي. فيس بڪ جي هڪ صارف ثمينه صديقي چوي ٿي ته معاشري ۾ سمارٽ فون جو رکڻ دولت ۽ اعليٰ رتبو رکڻ جي علامت بڻجي چڪو آهي. پرنا بالغ ٻارن کي سمارٽ فون ڏيڻ سان انهن جي سرگرمين تي نظر رکڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي. هن چيو سوشل ميڊيا تي پنهنجي گهر جي ايڊريس، موبائل نمبر ۽ ذاتي تصويرون هرگز نه ڏيڻ گهرجن. اهو به نه ٻڌايو ته اڄ ڪلهه اوهان ڇا پيا ڪريو ۽ ڪٿي آهيو؟
Labels:
Text &Image
سٺي موبائل کي ڪيئن سڃاڻجي؟
توهان جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته توهان جي موبائيل اصلي ڪمپني جي آهي يا نقلي ڪمپني جي ته توهان پنهنجي موبائيل مان هيٺ ڄاڻايل نمبر ملائي تصديق ڪري سگهو ٿا #06#* هي نمبر ملائي ڪري سائي بٽن کي دٻايو ته توهان جي سامهون International mobile equipment identity number ايندو پو۽ ان جو ستون ۽ اٺون نمبر چيڪ ڪيو جيڪڏهن اهو 02 يا 20 آهي ان جو مطلب آهي ته توهان جي فون Emirates جو ٺهيل آهي جيڪو تمام خراب ڪوالٽي جو آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 08 يا 80 آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان جي فون Germany جي آهي جيڪا هڪ سٺي ڪمپني آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 01 يا 10 آهي ته توهان جي فون Finland جو ٺهيل آهي جيڪا پڻ هڪ سٺي ڪمپني آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 13 آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان جو فون Azerbaijan جو ٺهيل آهي جيڪا هڪ تمام ڪريل ڪمپني آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 00 آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان جي فون اوريجنل ڪمپني جي ٺهيل آهي ان جو مطلب ته توهان جي فون سٺي بهترين ڪوالٽي جو آهي .
Labels:
Text &Image
Subscribe to:
Posts
(
Atom
)
D