Social Icons

Friday, November 8, 2013

سٺي موبائل کي ڪيئن سڃاڻجي؟

Picture5 توهان جيڪڏهن اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته توهان جي موبائيل اصلي ڪمپني جي آهي يا نقلي ڪمپني جي ته توهان پنهنجي موبائيل مان هيٺ ڄاڻايل نمبر ملائي تصديق ڪري سگهو ٿا #06#*  هي نمبر ملائي ڪري سائي بٽن کي دٻايو ته توهان جي سامهون International mobile equipment identity number ايندو پو۽ ان جو ستون ۽ اٺون نمبر چيڪ ڪيو جيڪڏهن اهو 02 يا 20 آهي ان جو مطلب آهي ته توهان جي فون Emirates جو ٺهيل آهي جيڪو تمام خراب ڪوالٽي جو آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 08 يا 80 آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان جي فون Germany جي آهي جيڪا هڪ سٺي ڪمپني آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 01 يا 10 آهي ته توهان جي فون Finland جو ٺهيل آهي جيڪا پڻ هڪ سٺي ڪمپني آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 13 آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان جو فون Azerbaijan جو ٺهيل آهي جيڪا هڪ تمام ڪريل ڪمپني آهي جيڪڏهن ستون ۽ اٺون نمبر 00 آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان جي فون اوريجنل ڪمپني جي ٺهيل آهي ان جو مطلب ته توهان جي فون سٺي بهترين ڪوالٽي جو آهي .

اهو واقعو جنهن ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست جو ”عوامي“ رخ متعين ڪري ڇڏيو

Z A Bhutto                         ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان آيو ته هن ڪٽپر صاحب جو شڪريو ادا ڪندي منجهند جي ماني تي دعوت ڏني. اهڙي طرح سندن دوستي جو سلسلو شروع ٿيو. پنهنجي دوستن سان آئند جي لائحه عمل بابت مشورو ڪرڻ لاءِ هڪ دفعي سکر خيرپور وڃي رهيا هيا، ڪٽپر صاحب گاڏي هلائي رهيو هيو، رائيس ڪئنال جي ڪناري نصرت بند رڳو ريلوي ڦاٽڪ بند هئڻ ڪري ڪجهه وقت لاءِ گاڏي بيهاري انتظار ڪرڻ لڳا. رائيس ڪئنال جي هڪ پاسي هيٺ ڪجهه ٻُڙا ۽ ڍنگر هيا ۽ انهن ڍنگرن تي ڪپڙا پيا هيا جڏهن ته ٻوڙن پٺيان ڪجهه اگهاڙيون عورتون ننگي جسم سان ويٺيون هيون ڀٽو صاحب جي انهن تي نظر پئي هن انهن جسم اگهاڙين ڍنگرن ۾ لڪل عورتن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي، ڪٽپر صاحب هڪدم هڪ مال چاريندڙ ڌنار ڇوڪري کي سڏ ڪري پڇيو جنهن ٻڌايو ته هي ويچارا غريب ماڻهو آهن جيڪي مهيني ۾ هڪ اڌ ڀيرو هتي اچي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي وهنجي ويندا آهن وٽن ٻيو وڳو پائڻ لاءِ ڪونهي تنهن ڪري هي ڪپڙا سُڪائي پوءِ اهي پائي گهر ويندا. ايتري ۾ ڦاٽڪ کليو ۽ ڪٽپر صاحب گاڏي اسٽارٽ ڪندي ڀٽو صاحب ڏانهن ڏٺو، ڪٽپر صاحب حيران ٿي ويو ته ڌنار ڇوڪري جي ڳالهه ٻڌي ڀٽو صاحب جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. ڪٽپر صاحب هڪدم گاڏي روڪي ڇڏي، جڏهن ڀٽو صاحب ڪجهه وقت لاءِ ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي دل جو ٻوجهه هلڪو ڪيو تڏهن لڙڪ اگهندي ٿڌو ساهه کڻندي چيائين ”ڪٽپر پهريان منهنجي سياست جو رستو مختلف هيو پر هاڻي منهنجي سياست جو مقصد اهي مسڪين ماروئڙا ۽ انگ اگهاڙا غريب هوندا.“ انهيءَ واقعي ڀٽي صاحب جي ذهن ۽ سوچن کي جهنجهوڙي ڇڏيو، سنڌ جي ماروئڙن جي اهڙي مسڪين حالي ڏسي هميشه لاءِ انهن جو آواز بڻجي اڀريو پنهنجي جيون جو محبوب انهن انگ اگهاڙن ڏتڙيل انسانن کي بڻايائين. (ستار ڀٽي: ڪتاب: ”لاڙڪاڻو، ليڊرن جي ڌرتي“ تان ورتل)

ڦارون جا فائدا

Picture12هن جو وڻ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي شربتي ڦاروو هي مني ميٽر کان 2 ميٽر تائين ٿيندو آهي هن جو ڦاروو پهرين کٽو پوءِ مٺو چاشني دار ٿئي ٿو انهيءَ ۾ پاڻي زياده هوندو آهي سنڌ ۾ عام ٿئي ٿو پنجاب ۽ احمد پور شرقيه ۾ به ٿئي ٿو ڦاروو شڪري هن جو وڻ توت وانگرلڳ ڀڳ اڍائي ميٽر دگھُ ٿئي ٿو هن ۾ پاڻي گھٽ هوندو آهي پهرين هي کٽ مٺوبعد ۾ مٺو ٿي وڃي ٿو هن جي کل ۽ ڦل ڪم اڇي ٿو هن جو ڦل: ڇاپرو ٻير جيڏو ٿيندو آهي جڏهن ڪچو هوندو آهي ته سفيد سبز ڪسارو ۽ پچڻ کان پوءِڪاراڻ مائل ٿي وڃي ٿوذائقو کٽ مٺو پچڻ کان پوءِ مٺو ٿي وڃي ٿو.پن توت کان به وڏا ۽ ڪنارن تي لڪيرون هونديون اٿس گل هيڊاڻ مائل ڳاڙهو هوندو آهي هي مارچ جي آخر آگسٽ تائين ڦل ڏي ٿو ڦل کان هڪ مهينو پهرين گل لڳن ٿا.صفرا جي حدت ختم ڪرڻ سان گڏ سائي ۾ کارائڻ انتهائي مفيد آهي الٽين ۽ اٻڙڪن ۾ به ڪارائتو آهي مقوي دل و معده آهي هن جي پاڙ جي کل حڪيم اجمل خان ۽ٻيا شريفي خاندان جا طبيب پيشاب جي ساڙِي ۾ سوزاڪ لاءِ استعمال ڪرا.ئيندا هئا هي اڃ ۽ صفراوي جوش کي ختم ڪري ٿو قبض هئڻ ڪري بطور نقوع ذيابيطس ۾ پيارڻ مفيد آهي.هي گرم بخارن لا3 مفيد آهي دل جي ڏڙڪي ۽ خفقان ۾ مفيد آهي هن جي پاڙ جي کل هن سوزاڪ ۽ ذيابيطس ۾ مفيد آهي ڪٽي ڇاڻي صبح وشام هڪ گرام کارائجي .هي صفراوي دست هڏڪوئي ۽ الٽي بند ڪري ٿو تپ دق ۾ به ڦاروا فائدو ڪن ٿا عورتن جي مرض ليڪوريا ۾ ٻه ڦرواا ڪارآمد آهن وڻ جي کل5تولا پاڻي ۾ پسائي صبح جو پيارڻ سان شگر ۾ فائدو ٿي وڃي ٿو هن جي پاڙ جي کل 20 گرام ڪاڙهي پيارڻ سان سنڏن جي سور ۾ فادو ٿي وڃي ٿو.

Thursday, November 7, 2013

گنج پڻ جي علاج ۾ نئين اڳڀرائي

Picture8   سائنسدانن موجب ليبارٽري ۾ انساني وار پيدا ڪرڻ بعد اهي گنج پڻ جي خاتمي جي هڪ قدم وڌيڪ ويجهو پهچي ويا آهن. آمريڪي ۽ برطانوي سائنسدانن گڏيل طور تي نشوز جهڙا نوان وار پيدا ڪيا آهن. کين ان سلسلي ۾ اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن طريقي سان گنج پڻ جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. هي تحقيق طبي رسالي پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۾ شائع ٿي آهي. هن وقت گنجي پڻ جي علاج لاءِ وار ڇڻڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ يا ته دوائون ڪتب آنديون وڃن ٿيون يا وري ڪياڙي وٽان وار لاهي گنج وارن حصن ۾ انهن جي پيوند ڪاري ڪئي وڃي ٿي. برطانيا جي ڊرهم يونيورسٽي ۽ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جا سائنسدان هن ڪوششن ۾ آهن ته ماڻهوءَ جي مٿي تي نوان وار ڦُٽائي سگهجن. سندن شروعاتي منصوبو هي آهي ته وارن جي پاڙن مان حاصل ڪيل مادي جي مدد سان نوان وار ڦُٽايا وڃن پر جانورن ۾ هن   تجربي جي ڪامياب جي ابتڙ انسانن ۾ وار پيدا ڪرڻ جو عمل ڏاڍو گنڀير آهي
جڏهن به انساني وارن جي پاڙن مان گهرڙا ڪڍي پيوند ڪيا وڃن ٿا ته اهي نوان وار پيدا ڪرڻ بدران گهرڙا پيدا ڪرڻ لڳن ٿا. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انساني وارن جي گهرڙن کي بال جهڙي ڊش ۾ ڦُٽائڻ کان پوءِ مٿي تي پيوند ڪيو وڃي ته ان صورت ۾ اهي ٻيهر وار آڻڻ جي صلاحيت برقرار رکي سگهن ٿا.
سائنسدانن موجب ليبارٽري ۾ انساني وار پيدا ڪرڻ بعد اهي گنج پڻ جي خاتمي جي هڪ قدم وڌيڪ ويجهو پهچي ويا آهن. آمريڪي ۽ برطانوي سائنسدانن گڏيل طور تي نشوز جهڙا نوان وار پيدا ڪيا آهن. کين ان سلسلي ۾ اڃا به تحقيق جي ضرورت آهي. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن طريقي سان گنج پڻ جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. هي تحقيق طبي رسالي پروسيڊنگز آف دي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز ۾ شائع ٿي آهي. هن وقت گنجي پڻ جي علاج لاءِ وار ڇڻڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ يا ته دوائون ڪتب آنديون وڃن ٿيون يا وري ڪياڙي وٽان وار لاهي گنج وارن حصن ۾ انهن جي پيوند ڪاري ڪئي وڃي ٿي. برطانيا جي ڊرهم يونيورسٽي ۽ آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جا سائنسدان هن ڪوششن ۾ آهن ته ماڻهوءَ جي مٿي تي نوان وار ڦُٽائي سگهجن. سندن شروعاتي منصوبو هي آهي ته وارن جي پاڙن مان حاصل ڪيل مادي جي مدد سان نوان وار ڦُٽايا وڃن پر جانورن ۾ هن تجربي جي ڪامياب جي ابتڙ انسانن ۾ وار پيدا ڪرڻ جو عمل ڏاڍو گنڀير آهي.
جڏهن به انساني وارن جي پاڙن مان گهرڙا ڪڍي پيوند ڪيا وڃن ٿا ته اهي نوان وار پيدا ڪرڻ بدران گهرڙا پيدا ڪرڻ لڳن ٿا. تنهن هوندي به سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انساني وارن جي گهرڙن کي بال جهڙي ڊش ۾ ڦُٽائڻ کان پوءِ مٿي تي پيوند ڪيو وڃي ته ان صورت ۾ اهي ٻيهر وار آڻڻ جي صلاحيت برقرار رکي سگهن ٿا.

روز 3 ڪوپ چانهن پيئڻ سان ڏندن جو سور گهٽجي ٿو

 گهڻي چانهه پيئڻ جا ڪيترائي نقصان ته سامهون ايندا رهن ٿا پر هڪ نئين تحقيق موجب چانهه پي ڏندن جي سور کان بچي سگهجي ٿو. برطانيه ۾ ٿيل هڪ تحقيق موجب روز 3 ڪوپ چانهه پيئڻ سان ماڻهو جي ڏندن توڙي مهارن ۾ ماڪوڙو نه ٿو لڳي، تحقيق ۾ هي به چيو ويو آهي ته ڪهوو ڏندن ۾ وڌندڙ ويجهن ان قسم جي سڀني ڪيڙن ماڪوڙن سان وڙهڻ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿو جيڪي سور ڪن ٿا. تحقيق ۾ هي به چيو ويو آهي ته سائي چانهه به ڏندن جي لاءِ ڏاڍي فائدي واري آهي ان سان ساهن ۾ به خوشبو اچي ٿي

ڏاڪڻيون چڙهندڙ روبوٽ

جاپان ۾ انسان جي روزاني واري زندگي کي آسان بڻائڻ لاءِ نت نوان ۽ جديد روبوٽ تخليق ڪيا وڃن ٿا. پر هاڻي ته هڪ اهڙو روبوٽ به تيار ڪيو ويو آهي جيڪو ڏاڪڻيون چڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٻن هٿن ۽ ٻن پيرن وارو هي روبوٽ هڪ آٽوميٽڪ نظام تحت نهايت ڦڙتيءَ ۽ مهارت سان ڏاڪڻ تي چڙهي به ٿو ۽ لهي به ٿو. هن روبوٽ کي ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪري نمائش جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. هن جي منفرد بناوٽ ۽ سجاوٽ جي ڪري ڏاڍو پسند ڪيو پيو وڃي.

American Police & Pakistani Police

جيڪڏهن ڪو قدر ڪرڻ وارو نه ملي ته به نيڪي ڪرڻ نه ڇڏيو.
(حضرت علي رضه)
جڏهن انسان جي روش خدا جي حڪمن موجب بڻجي وڃي ته اهو دشمن کي به دوست بڻائي ڇڏيندو آهي.
(اب بيطار)

((¯°·._.• ♠♥ Like it √ Share it √ Tag it √ ♥♠•._.·°¯))

 width=

Heart Attack Signs

 هارٽ اٽيڪ جون نشانيون
ضروري ناهي ته هر ڀيري هارٽ اٽيڪ جي علامت کاٻي ٻانهن ۾ سور هجي، بلڪ ڄاڙي ۾ شديد سور به هارٽ اٽيڪ جي علامت آهي. 60 سيڪڙو ماڻهن کي ننڊ ۾ هارٽ اٽيڪ ٿيندو آهي ۽ اهڙي ريت کين ننڊ ۾ ئي اچي ويندي آهي، جڏهن ته ڄاڙي جو سور اهڙو آهي جنهن سان اگهور ننڊ وارو ماڻهو به جاڳي پوي ٿو. تنهن ڪري ان جو گهڻو خيال رکو ڇو ته جيتري اوهان کي گهڻي ڄاڻ هوندي اوترائي هارٽ اٽيڪ کان بچڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا