Thursday, October 31, 2013
Wednesday, October 30, 2013
روشني جي مدد سان 10 جي بي في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا منتقل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو
لطيف يونيورسٽي ۾ داخلا جي انٽري ٽيسٽ جو شيڊول پڌرو
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊائريڪٽر ايڊميشن سيد مهدي شاهه راشديءَ جي پڌرائي مطابق تعليمي سال 2014ع لاءِ يونيورسٽي جي صبح ۽ شام وارين سڀني فيڪلٽيز جي تدريسي شعبن ۾ بي ايس چار سالا پروگرام ۽ ماسٽرس ٻه سالا پروگرام لاءِ داخلائن بابت انٽري ٽيسٽ منعقد ڪرڻ جو شيڊول پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن موجب بي ايس پروگرام لاءِ 20 نومبر 2013ع جڏهن ته ماسٽرس پروگرام لاءِ انٽري ٽيسٽ 21 نومبر 2013ع تي يونيورسٽي ۾ صبح جو 11 وڳي ورتي ويندي. ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي ترجمان موجب سڀاڻي هڪ اعليٰ سطحي گڏجاڻي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاهه جي صدارت هيٺ ٿيندي، جنهن ۾ داخلا ڪميٽي جا ميمبر ۽ ڪنوينر ڊائريڪٽر شڪارپور ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر لطف الله منگي ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، جنهن ۾ انٽري ٽيسٽ جي انتظامن ۽ سيڪيورٽي بابت غور ويچار ڪيو ويندو.
سنڌ جا ماڻهو هڪٻئي کان ڪجهه ته پُڇڻ شروع ڪريو
سنڌ جا ماڻهو هڪٻئي کان ڪجهه ته پُڇڻ شروع ڪريو. هڪٻئي سان ملو. هڪٻئي سان ڏک سور ونڊيو. ان سموري ماجرا تي پاڻ هڪٻئي کان پڇيو ته آخر هي جيڪي ڪجهه ٿئي پيو ، ان جو آخر انت ڇا ٿيڻو آهي؟ سنڌي عوام کي پنهنجي ديو واري ننڊ ڪرڻ واري بيماريءَ مان جان ڇڏائڻي پوندي. هڪ دفعو جاڳڻ کانپوءِ پنهنجي سنڌ جي ڀيل ڏسي، پڻ هڪٻئي سان ڳالهائي سگهجي ٿو. اها ڳالهه سڀني کي ٻُڌي هجي ته جنهن ڏينهن سنڌ ديو ننڊ مان جاڳي اٿي، هي ننڍا ننڍا تڪرار ۽ جهيڙا ، هي اُرهه زورايون، عورتن سان خرمستيون، ڦرمار. چوريون، اغوا، جهالتون، ويزا اسڪول، ويزا ماستريون، جيئرن ۽ مئلن سان بي واجبيون ۽ انسانيت خلاف سڀ ڪجهه ڦٻي وڃڻ جو غرور خاڪ ۾ ملي ويندو. ان غرور کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ به سنڌ جي عوام کي هڪٻئي سان ڳالهائڻو پوندو. ان لاءِ رڳو پنهنجي ذات کان اڳيان ۽ سنڌ جي باري ۾ سوچڻو ئي ته آهي.
ڪراچي ۽ آمريڪي مئگزين جي رپورٽ
ڪراچيءَ بابت آمريڪا جي مشهور مئگزين ”فارين پاليسي“ لکيو آهي ته دهشت گردي، ڀتا خوري ۽ قبضا مافيا جي ڄار ۾ وڪوڙيل آهي. هي شهر دنيا جي سڀ کان خطرناڪ مجرمن ۽ ڏوهارين جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته ڀارت جو وڏو شهر ممبئي به ڏوهن لاءِ بدنام آهي، جتي سال 2011ع ۾ 202 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هو، جڏهن ته ڪراچي ۾ ساڳئي سال 1723 ماڻهو ماريا ويا ۽ 2012ع ۾ مارجي ويلن جو انگ ٻن هزارن کان مٿي چڙهي ويو. يعني ممبئي کان ڏهوڻ تي وڃي رسيو. مئگزين وڌيڪ لکيو آهي ته سياسي پارٽين جي سرپرستيءَ هيٺ لينڊ مافيا نشي آور شين جي سپلاءِ، هٿيارن جو واپار، زمين ۽ پلاٽن تي قبضا ڪندڙ گروهه ڪراچي شهر اندر ڇڙواڳ ڇڏيل آهن. شهر جي بندرگاهن کي منشيات ۽ هٿيارن جي سمگلنگ لاءِ کلي عام استعمال ڪيو وڃي ٿو.
بهرحال انهن حالتن وفاقي سرڪار کي عملي اپاءَ وٺڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ وزيراعظم پنهنجي سموري ٽيم سان گڏجي ڪراچي ۾ 48 ڪلاڪن تائين شهر کي سڌارڻ جي پلاننگ ۾ واسطيدار ڌرين کي شامل ڪري پنهنجي سنجيدگي جو ڏيک ڏنو. سيد قائم علي شاهه ۽ گورنر عشرت العباد جي موجودگي سبب واپارين، صحافين ۽ سياسي اڳواڻن مٿس ڇوهه ڇنڊيا ته پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جن اعليٰ سرڪاري عهديدارن کي ويهاري ويٺو آهي، تن گذريل پنجن سالن ۾ هڪڙو به قاتل يا ٽارگيٽ ڪلر نه جهليو آهي.

Subscribe to:
Posts
(
Atom
)