Social Icons

Thursday, November 14, 2013

Maatum since last five years in "ROHRI"



Muharram Tazia

سکر (رپورٽر) روهڙي ۾ 5 سئو ورهين کان ٿيندڙ تاريخي شمع گل جي ماتم ۾ شرڪت لاءِ سنڌ ۽ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان لکين مومن پنڌ ۽ مختلف گاڏين تي سوار ٿي روهڙي جي محفل شاهه ڪربلا عراق امام بارگاهه جي ميدان ۾ پهتا، جتي رات دير تائين ماتم ۽ مجلس عزا جو سلسلو جاري رهيو، روهڙي جي تاريخي ماتم ۾ شرڪت لاءِ گذريل ڏينهن  کان ئي سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان عقيدتمند پهچندا رهيا، جن کي واڪ ٿرو گيٽن تي تلاشي بعد ڪربلا جي ميدان ۾ ڇڏيو ويو، حفاظتي انتظامن لاءِ شهر ۾ پوليس  جا  3 هزار  ۽ رينجرز جا 2 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا، ان کان سواءِ امام بارگاهه ڏانهن ويندڙ رستن کان سواءِ ٻين رستن تي پڻ اهلڪار مقرر ڪري سخت چڪاس ڪئي پئي وئي، جڏهن ته پوليس اهلڪارن ڪيترن ئي مومنن کان اجرڪ، چادر ۽ جيڪٽون لهرائي ورتيون، پوليس اهلڪار شهر جي اهم روڊن تي بڪتربند گاڏين ۾ سوار ٿي گشت ڪندا رهيا، جڏهن ته ايس ايس پي سکر سيد فدا حسين شاهه رينجرز عملدار ظفر خان سان گڏجي روهڙي ۾ ئي جڙيل ڪنٽرول روم مان ڪربلا جي ميدان ۽ ماتمي جلوس جي روٽ تي لڳل 28 ڳجهين ڪئميرائن ذريعي صورتحال مانيٽر ڪندو رهيو، روهڙي جي تاريخي شمع گل جو تعزيو پرهه ڦٽيءَ مهل کنيو ويو، جيڪو مختلف رستن کان ٿي منڊي کبڙ وٽ پهتو، جتان تعزيو اڄ منجهند جو 2 وڳي منڊي کبڙ مان کڻي واپس محفل شاهه ڪربلا عراق امام بارگاهه ۾ آندو ويندو.

No comments :

Post a Comment