Social Icons

Tuesday, November 12, 2013

قصو وتائي فقير جو


Mazar of Watayo Faqeer

هڪ روايت موجب وتائي فقير جي والد جو نالو ميلو رام ۽ چاچي جو نالو ساڌو رام هو، جيڪي ٻئي وڏا واپاري هجڻ سان گڏوگڏ وڏا ڀڳت پڻ هئا. انهيءَ دور ۾ سماواتي پرڳڻي جي بيگلاري سيدن ۽ عمرڪوٽ جي راڻن جا هڪ ٻئي سان سٺا لاڳاپا هئا ۽ راڻا خاندان وارن سيدن کي ٽي چار سڱ ڏنا هئا. راڻن ۽ بيگلارن جي انهيءَ رشتيداري ۽ واسطيداريءَ سبب ڪيترا واپاري عمرڪوٽ مان لڏي اگهم ڪوٽ يا اگهاماڻي ۾ اچي رهيا، جن ۾ وتائي جو والد ۽ چاچو پڻ هئا. ان دور ۾ وتايو چئن پنجن سالن جو هو ۽ سندس مڱڻو پڻ ٿيل هو. انهيءَ دور ۾ اگهاماڻي شهر اندر وڏا وڏا بزرگ ۽ عالم رهندا هئا، جن جو فيض آسپاس وارن علائقن تائين به اثرانداز هو ۽ ڪيترا ماڻهو پري کان ڪهي اچي سندن صحبت حاصل ڪندا هئا.
وتائي جو والد ۽ چاچو، جيڪي اصل ۾ ڀڳت قسم جا انسان هئا، سي اگهاماڻي ۾ پهچندي ئي بزرگن جي فيض کان متاثر ٿي مسلمان ٿي ويا، جن ۾ ميلورام جو نالو شيخ عبدالحليم ۽ ساڌو رام جو نالو شيخ عبدالعليم رکيو ويو. اهڙيءَ طرح سندن خاندان وارن جا به اسلامي نالا رکيا ويا.
هي خاندان جيئن ئي مسلمان ٿيو ته پنهنجن ٻارن کي مدرسن ۾ داخل ڪرايائون، جن ۾ شيخ عبدالمعالي ولد عبدالحليم ۽ شيخ عبدالعالي ولد عبدالعليم خاص هئا. شيخ عبدالمعاليءَ جو دستور هوندو هو ته مدرسي جي ٻين سڀني شاگردن جا سبق ياد ڪري ايندو هو، پر پنهنجو سبق نه ٻڌائيندو هو ۽ هميشه ايئن چوندو هو ته ”سبق اڃا ڪچو آهي.“ سندس انهيءَ نرالي ۽ عجيب طبع سبب سڀئي استاد خواه شاگرد کيس الله وارو سمجهڻ لڳا ۽ مدرسي ۾ سندس نالو شيخ عبدالمعاليءَ بدران ”شيخ الله وارو“ مشهور ٿي ويو. شيخ الله وارو جيئن ئي ڪجهه وڏو ٿيو ته کيس گهڻي هل هلان ۽ وت وتان سبب شاگرد خواه شهري ”وتايو“ ڪوٺڻ لڳا، جيڪو نالو مٿس هميشه لاءِ مڙهجي ويو.

No comments :

Post a Comment