1930ع ۽ 1940ع جي ڏهاڪن ۾ انگريزن جي نوآبادياتي حڪومت جي خلاف جدوجهد جي ڪري سنڌي قومپرستيءَ جنم ورتو. جنهن سنڌ جي هر هڪ ليکڪ ۽ دانشور کي متاثر ڪيو. هن دور ۾ واندو ويهڻ يا ماٺ رهڻ کي بي عزتي ٿي سمجهيو ويو ”سنڌ“ کي سڃاڻپ طور اختيار ڪرڻ ڄڻ ڪو روحاني سفر هو. جڏهن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جهڙين سياسي پارٽين جون پنهنجون ايجنڊائون هيون، تڏهن سنڌ جي مزاحمتي تحريڪ هڪ نئون دڳ ورتو. انگريزن جي خلاف مزاحمت جو بنيادي پهلو انهيءَ دليل/منطق تي بيٺل هو ته جڏهن انگريزن سنڌ کي فتح ڪيو هو ته اها هڪ آزاد ملڪ هئي. ان ڪري هڪ آزاد ملڪي واري خودمختياري واپس ملڻ گهرجي. سنڌ ۾ سڀ کان نمايان مزاحمتي تحريڪ ”حر تحريڪ“ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. شروعات ۾ اها جدوجهد پرامن هئي. پر پوءِ اها پرتشدد ٿي وئي. 1942ع ۾ ان تحريڪ کي محدود ڪرڻ لاءِ مارشل لا لڳائي وئي ۽ ذري گهٽ هڪ ننڍڙي جنگ شروع ٿي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۽ سانگهڙ ۾ مکيءَ جي هڪ وڏي علائقي ۾، جتي حرن جا گهر هئا، ”رايل ايئر فورس“ طرفان زبردست بمباري ڪئي وئي. سوين ڳوٺ تباهه ٿي ويا ۽ زالن ۽ ٻارن سوڌو هزارين ماڻهو مارجي ويا. ڪيتريون ئي اهڙيون جهڙپون ٿيون، جن ۾انگريز فوج ۽ پوليس جو به ڳرو جاني نقصان ٿيو.
بهرحال، آخرڪار انگريز فوج جي طاقت بغاوت کي چٿڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. سوين حرن کي ملٽري ڪورٽن جي حڪم تي گوليءَ سان اڏايو يا بعد ۾ ڦاهيءَ ذريعي ماريو ويو. سانگهڙ جو سمورو علائقو ”لوڙهن“ (Concentration camps) ذريعي ڌار ڪيو ويو ۽ حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري پهرئين کي ڪورٽ مارشل ڪري ڦاسي ڏني وئي. سندس پٽن (جن ۾ موجوده پير پاڳارو هو) کي يرغمال بڻائي انگلينڊ کڻي ويا. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ هلندڙ آزاديءَ جو داستان پورو ٿيو.
No comments :
Post a Comment