Social Icons

Sunday, November 3, 2013

groopic


                        

 پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري باصلاحيت ۽ تخليقي ذهن رکندڙ نوجوانن جي ڪري 
پاڪستاني آءِ ٽي انڊسٽري موبائل ايپ مارڪيٽ ۾ پنهنجو نالو ڪمايو اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستاني نوجوانن جي تيار ڪيل ايپليڪشن جي لاءِ سڄي دنيا ماندي آهي. هن ايپليڪيشن کي لاهور يونيورسٽي جي نوجوانن تيار ڪيو آهي جنهن ۾ سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپنيون وڏي دلچسپي وٺي رهيون آهن. هن ايپليڪيشن کي Groopic جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن جو باني لاهور يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ پڙهندڙ علي ريحان آهي. هنن جي پوري ٽيم آهي جن گڏجي هڪ ڪمپني جوڙي آهي. علي ريحان ٻڌايو ته هي ايپليڪيشن اصل ۾ خوبصورت ۽ يادگار لمحن کي فلمبند ڪندڙن جي هڪ پراڻي مسئلي کي ڏاڍي سولي ۽ سهنجي نموني سان حل ڪري ٿي. جڏهن ڪجهه ماڻهو ڪٿي ڊنر يا پڪنڪ ۾ ويندا آهن ۽ اتي گروپ فوٽو ڪڍرائيندا آهن ته ان گروپ فوٽو ۾ تصوير ڪڍندڙ رهجي ويندو آهي. پر اسان جي ايپليڪيشن جي مدد سان اهو ماڻهو به ان گروپ فوٽو ۾ گڏ نظر ايندو. مثال ٽي ماڻهو آهن. جن مان هڪ ٻن ڄڻن جي تصوير ڪڍندو. واپس ايندو ۽ هڪ ماڻهو جي جاءِ تي ويهندو اهو وري هن جي تصوير ڪڍندو. ان بعد اسان جي ايپ جي مدد سان ٻنهي تصويرن کي ملائي هڪ گروپ فوٽو جي شڪل ڏئي سگهجي ٿي يعني ان هڪ فوٽو ۾ ٽئي گڏ نظر ايندا

No comments :

Post a Comment