Social Icons

Sunday, November 3, 2013

Crime in Sindh


آهستي آهستي ان ”ڏوهاري چرخي“ جي خبر سنڌ کي پئجي رهي آهي ته ڪيئن سنڌ گذريل ويهن ورهين کان به مٿي عرصي کان هڪ خاص طريقي سان ”ڏوهارين“ جي ور چڙهيل آهي. ڏوهارين جي هڪڙي خاص ٽولي آهي، جنهن سڄي انتظاميا کي پنهنجي وڪڙ ۾ چاڙهي انهن کان پنهنجي مرضيءَ جا ڪم وٺڻ شروع ڪيا آهن، جنهن ڪري عوام جي مرضيءَ جو ڪوبه ڪم نه ٿو ٿئي. عوام جا گهڻگهرا ۽ سنڌ جي ترقيءَ تي گهري نظر رکندڙ هاڻي ان خيال جا آهن ته ان ڏوهاري ٽولي جي پنهنجي مرضي، منشا ۽ خواهش ٻي آهي جڏهن ته سنڌ جي ترقي بلڪل ٻي ڳالهه آهي. اهي ڏوهاري بنا ڪنهن اعلان جي سنڌ جي ترقيءَ جي خلاف مڪمل سرگرم ۽ سرجوش آهن، جنهن ڪري سمورا انتظامي آفيسر هاڻي آهستي آهستي سنڌ، ان جي ترقي ۽ خوشحالي کان پرڀرو ٿي انهن خواهشن جا اسير بڻجندا پيا وڃن. هاڻي ان ڏوهارين جي ٽولي سان گڏ خواهشن جا اسير آفيسر پڻ انهن جا ساٿاري بڻجي ”سنڌ“ کي ايئن ڊيل ڪري رهيا آهن، ڄڻ ته ان صوبي جي ترقيءَ جو نه مٿن ڪو فرض رکيل آهي ۽ نه وري هو اهڙي ڪنهن فرض جي ادائگيءَ لاءِ ذميدار به آهن.
سنڌ جي اهڙي فضا ۾، خواهشن جي اسير اهڙن آفيسرن ۽ ڏوهن جي عاشق انتظاميا جي باوجود ڪجهه ٿورڙا ايماندار، سنڌ دوست، محنتي، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ ارپيندڙ انسان، ڪامورا، ڪجهه ويچارا وزير ۽ لاتعلق بڻايل سيڪريٽري پڻ موجود آهن. انهن کي طاقت به عوام بخشي سگهي ٿو. انهن کي سوڀارو به عوام ڪري سگهي ٿو. انهن جي سنڌ سان محبت جا داستان جهرجهنگ ۾ ڦهلائڻ جا ڪم به عوام ئي ڪري سگهي ٿو. پر ڪڏهن؟ ۽ ڪيئن؟ اهي ٻه سوال اسان سڀني سان پڻ چُهٽيل آهن. انهن مان هاڻي جان ڇڏائڻ جي گهرج آهي.

No comments :

Post a Comment